بلاول ڀٽو جي پنجاب ۾ هضم نه ڪرڻ واري ميار!؟

خدابخش بروھي

لاهور جي اُن تجارتي منڊيءَ ۾، جتي معيشت جو ڌڙڪو ڌڙڪي ٿو ۽ سياست جا رنگ هر ڏينهن نئين سُرت اختيار ڪن ٿا، اُتي بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ڀٽو خاندان جي اُن تاريخي ورثي جي واضح گونج بڻجي سامهون آيو، جيڪو صرف جذباتي نه ھو پر سياسي فڪر، اصولي جدوجهد ۽ عوامي اعتماد جو استعارو آهي. اهو ئي لاهور، جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي سياست کي جنم ڏنو ۽ اهو ئي پنجاب، جنهن بي بي شهيد کي ڪيترن  مخالفتن باوجود محبتن سان نوازيو، اڄ وري بلاول جي آواز ۾ مستقبل جو نئون دروازو کُلندي ڏسجي رهيو آھي. بلاول جو آواز فقط روايتي نعرا نه هئا، پر اُن ۾ سياسي فڪر جو تازو شعور ۽ اُن بيمار مرڪزيت خلاف بغاوت هئي، جيڪا ڏهاڪن کان ملڪ جي معاشي ۽ سياسي ڍانچي کي سوڙهو ڪندي آئي آهي.

بلاول جڏهن “صوبن جي جوڙجڪ ” کان “معيشت جي ڊسيپلن” تائين بنيادي سوال اٿاري ٿو، تڏهن سندس لهجي ۾ ٻن نسلن جي اُن قربانيءَ جو وزن پڻ شامل آهي، جنهن ۾ ڦاسيءَ جا ڏينهن، دهشتگرديءَ جا زخم، جلاوطنيون ۽ مسلسل سياسي انتقام سهڻ، هميشه جمهوريت جي راه چونڊي وئي. بلاول سنڌو ماٿري جي انهيءَ اصولي سياست جو وارث آهي، جيڪا سيکاري ٿي اھا سياست جيڪا رڳو ووٽن جي ڳڻپ جو نالو نه آھي، پر اتفاقِ راءِ جي تعمير جو عمل آهي  ”پهريون اتفاق،  پوءِ اختيار“ جي فلسفي تي بيٺل سياست آھي.

لاهوري واپارين آڏو جڏهن بلاول صاف لفظن ۾ چيو  ته ”اسان پنجاب اچون ٿا  ته هضم نٿا ٿئون“، تڏهن سندس اشارو بظاهر شڪايت نه پر اُن سياسي رواداريءَ جي کوٽ ڏانهن هو، جيڪا ڏهاڪن کان رهجندي ايندي آئي آهي. شهيد ڀٽو تي ”شخصيت پرستي“ جا الزام لڳايا ويا، بي بي کي پنجاب ۾ اڳتي وڌڻ تي ”خطره“ قرار ڏنو ويو، ۽ اڄ بلاول ساڳي مزاحمتي فضا ۾ نوان سوال اُٿاري ٿو. پر سندس ردعمل نفرت ناھي  بلڪه مفاهمت آهي. ن ليگ ڏانھن اشارو ڪندي جڏهن هو چوي ٿو  ته”اهي سنڌ اچن، پنهنجو گورنر چونڊين“  ته اُن ۾ سچ پچ ذهني کشادگي ۽ وفاقيت جو تاريخي شعور سمايل آهي، اهو ئي ڀٽو اسڪول آف ٿارٽ جو بنيادي سبق آهي.

معيشت بابت سندس گفتگو وڌيڪ فڪري ۽ بنيادي هئي. هن جو موقف  ته معيشت ڏنڊي سان نٿي هلي سگهي، محض تنقيد نه پر اُن عوامي معاشي روايت جو تسلسل آهي، جنهن جو بنياد شهيد ڀٽو وڌو ۽ جنهن کي بي بي سماجي تحفظ ڏيندي عورتن جي بااختياري ۽ روزگار جي نون تصور سان اڳتي وڌايو. بلاول جي تجويز  ته سيلز ٽيڪس صوبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ۽ صوبن جي ڪارڪردگي وفاق کان اڳتي وڌي چڪي آهي وفاقيت ۽ نئين معاشي سڃاڻپ بابت هڪ اهم قومي بحث کي جنم ڏئي سگھي ٿو. حڪومتن  لاءِ اهو اشارو آهي  ته وفاق تڏھن مضبوط ٿيندو جڏهن صوبن کي سندن اختيار ملندا، نه  ته  اختيار رڳو مرڪز ۾ بند رهندا.

سياسي حوالي سان بلاول جي سوچ پهرين ڏينهن کان تصادم واري يا تڪراري نه رهي آهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي اصولي سياست تي قائم آهي ۽ آصف علي زرداري جي مفاهمتي سوچ مان گهڻو متاثر آهي. سندس تقريرن ۾ اهو ئي فڪر نظر اچي ٿو. هو تسليم ڪري ٿو  ته جتي هن چڱائي ڪئي، اتان ئي سندس پارٽي تنقيد جو نشانو بڻي؛ نواز شريف بابت چوي ٿو ته ”ڪوٽ لکپت ۾ بيمار هو، مان وٽس ويس، پر ٻاهر آيو  ته پ پ تي حملا شروع ڪري ڇڏيائين.“ ساڳي طرح عمران خان بابت به سندس لهجو نرم آهي. هو واضح ڪري ٿو  ته سندس ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، پر عمران وارن جي غير ذميوار سياسي حڪمت عملين سان ملڪ کي نقصان پهچي ٿو.معلوم ٿئي ٿو.

بلاول سياست کي جنگ نه پر گفتگو ۽ مفاهمت ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو.صوبن جي حوالي سان  ڳالهائيندي ھن چيو 20 صوبا ٺاھڻ کان اڳ ڏکڻ پنجاب  لاءِ قدم کڻڻ گھرجن  پوءِ ڀلي اڳتي وڌو قومي اسيمبلي نون صوبن ٺاھڻ جو بل اتفاق راءِ  موجود آھي سينيٽ ڪميٽي به چيو ھو  ته صوبو پھرين ڏکڻ پنجاب ۾ ٺھڻ گھرجي، اتي پنجاب اسيمبلي به ٺھراءَ  منظور ڪيو آھي۽ تازو مڪاني ادارن جو قانون به ٺاھيو آھي بھرحال ھن چيو پ پ جڏھن قدم وڌائڻ جي  ڳالهه ڪري ٿي حالتون خراب ٿي وڃن ٿيون،  ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو  ته  عمران خان سان ڪوبه ذاتي  اختلاف ناھي انھن جو طريقو غلط آھي ڪي پي ڪي حڪومت ٻوٽو ناھي ٻاري سھگي ڏٺو وڃي  ته

وزارتِ عظميءَ بابت سوال تي بلاول جو جواب ”عوام چونڊيو ته ضرور وزيراعظم ٿيندس“ ڪنهن سياسي دعويٰ کان وڌي، اُن خاندان جي اعتماد جو اظهار هو، جنهن ملڪ کي آئين ڏنو، جمهوريت کي رت ۽ رياست کي جديد فڪري طاقت عطا ڪئي. اڄ بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي ڪردار ڀٽو ازم جي نئين تشريح بڻجي سامهون اچي رهيو آهي هڪ اهڙي تشريح، جيڪا تصادم بدران مفاهمت، مرڪزيت بدران صوبائي خودمختياري، ۽ نفرت بدران سياسي شائستگيءَ کي ترجيح ڏئي ٿي. سوال اهو آهي: ڇا هي نئون بيانيو ايندڙ دور ۾ ملڪ جي سياسي رخ کي بدلائي سگهندو؟ فيصلو آخرڪار عوام جو ئي هوندو، ۽ بلاول جو يقين به اُنهيءَ عوامي فيصلي سان ڳنڍيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.