پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جنهن جي آبادي جو ڪاٿو 3 ڪروڙ کان مٿي آهي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جتي مسئلن جا انبار آهن اتي ڪراچي شهر جو سيوريج جو پاڻي جنهنجا انگ اکر هن ريت آهن، 470 ملين گيلن گٽر جو پاڻي بغير ڪنهن ٽريٽمنٽ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، تازو ماهيگيرن جي وسندي ابراهيم حيدري کان سامونڊي ٻيٽ ڀنڊار ۽ ڏنگي وڃڻ جو موقعو مليو، اسان جيئن ئي سمنڊ ڪناري ابراهيم حيدري کان هوڙي تي سوار ٿي ٻيٽن طرف وڌياسين ته سمنڊ اندر ڳچ ايريا ڪراچي جي گٽر واري پاڻي سان ماحول کي آلودو ڪري رهيو هو، جيئن ئي پورٽ قاسم ڪريڪ ۾ داخل ٿياسين ته گٽر جو پاڻي جو اثر ۽ بدبو پئي آئي.
ڪراچي شهر جو روزانو لڳ ڀڳ 470–475 ملين گيلن في ڏينهن MGD گٽر جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو جنهن کي بغير ڪنهن ٽريٽمنٽ جي ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۽ ماڙيپور واري علائقي مان گٽر جي پاڻي کي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان آبي جيوت جي نسل ڪشي سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي خاص طور تي مڇي جو شڪار ڪندڙ ماهيگير ۽ سندن وسندين ۾ رهندڙ مهاڻن ۾ چمڙي ۽ ساهه جي بيمارين ڪر کنيو آهي، گٽر جو پاڻي جو علاج (treatment) لاءِ مناسب عملن مان گذرڻو ضروري هوندو آهي پر ان تي عملدرآمد نٿو ڪيو وڃي، سمنڊ ۾ جيڪو پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو ان ۾ ملير ۽ ڪورنگي صنعتي ايريا مان ڪيميائي ۽ زهر آلود پاڻي فضلو سميت پورٽ قاسم جي بحري جهازن جي گدلاڻ به سمنڊ ۾ ڇڏي وڃي ٿي، ڪيميڪل واري پاڻي جتي انساني آبادين کي ڇيهو رسايو آهي اتي آبي جيوت جي تمام گهڻي نسل ڪشي ٿئي ٿي، ماهيگير تنظيم جي اڳواڻ سيد ڪمال شاهه ۽ يونس خاصخيلي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي گٽر جو پاڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ سبب هڪ طرف انساني زندگيون داءُ تي لڳل آهن ته ٻئي طرف ماهيگير پنهنجي گذر سفر جو ذريعو جيڪو مڇي مارڻ سان وابسطا آهي تنهن کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، هنن چيو ته اسان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ڪيترا ڀيرا تحريري طور تي هن سنگين ۽ گنڀير معاملي تي ڌيان ڇڪايو آهي پر ان جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي، سمنڊ ۾ سيوريج جي پاڻي جي تيزي سان داخلا واري صورتحال بعد مڇي ۽ آبي جاندار جهينگا، سپين جي تيزي سان نسل ڪشي ٿي رهي آهي، سمنڊ مان حاصل ٿيندڙ مڇيءَ جو سالانو افزودگي فقط 0.68 سيڪڙو رهي جڏهن ته اندرين ملڪ مڇين جي پڪڙ ۾ اوسط 3.55 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي جنهنجي ڀيٽ ۾ سمنڊ مان مڇي جي قدرتي واڌ کي ڪيميڪل ۽ گٽر واري سيوريج واري پاڻي شامل ٿيڻ سبب رڪاوٽ ٿي آهي،