خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جو ڳالهيون ۽ تضادن جو شڪار وفاقي حڪومت

تحرير: سيد مجاھد علي

وفاقي حڪومت هڪ ميڊيا ٽاڪ شو وسيلي خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ۾ اها خبر به هلي رهي آهي ته ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي هٽائي نئون گورنر آندو پيو وڃي۔ تحريڪ انصاف سان گڏ پيپلز پارٽي کي به ڌمڪين وسيلي رام ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن۔ مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي غزه ۾ عالمي امن فورس ۾ پاڪستان جي شموليت بابت ڳالهائڻ لاءِ اسلام آباد آيل آهي، پر نائب وزيراعظم اسحاق ڊار دعويٰ ڪري رهيو آهي ته پاڪستاني فوجي دستا حماس کي غير مسلح ڪرڻ واري گڏيل مينڊيٽ تي عمل نه ڪندا۔ بهرحال، غزه فورس ۾ پاڪستاني شموليت جو اصولي اعلان ڪندي به هن اهو واضح نه ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ٽرمپ منصوبي سان متفق ناهي ته پوءِ هو غزه امن فورس جو حصو ڇو ٿيڻ لاءِ تيار آهي۔

ان دوران آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجوده عهدي جي ٽي سالن واري مدت مڪمل ٿي چڪي آهي، پر هو اڃا تائين انهيءَ عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي۔ حڪومت اهو واضح ڪرڻ ضروري نه سمجهيو آهي ته ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کان پوءِ آرمي چيف جي مدت پاڻمرادو پنج سال ٿي چڪي آهي يا پوءِ ان لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ضروري آهي۔ قانوني طور شايد اهڙي نوٽيفڪيشن جي ضرورت نه هجي، پر ڇا حڪومت جو بنيادي فرض نه هو ته ڪنهن سرڪاري بيان ذريعي بروقت وضاحت ڪري ماڻهن کي غير ضروري پريشاني کان بچائي؟ ان کان علاوه حڪومت 27هين آئيني ترميم ۾ پاڻ ئي آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس فورسز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ هي عهدو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي جاءِ تي تخليق ڪيو ويو آهي۔ ظاهري طرح شهباز حڪومت پنهنجي من پسند فيلڊ مارشل کي سڀ اختيار ڏيڻ چاهي ٿي۔ پر انهيءَ عهدي تي مقرري لاءِ جيڪو سرڪاري نوٽيفڪيشن ضروري آهي، ان کي جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي۔

ميڊيا ۾ قياس آرائين ۽ افواهن کان پوءِ اڄ بچاءُ واري وزير خواجه آصف ايڪس تي پيغام ۾ چيو آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي نوٽيفڪيشن وقت تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته هن اهو نه ٻڌايو ته جڏهن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي چڪو آهي ۽ آئيني ترميم ۾ آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس مقرر ڪرڻ جو اصولي اعلان به ٿي چڪو آهي، ته پوءِ هن نوٽيفڪيشن جي مناسب وقت جو تعين ڪيئن ڪيو ويندو؟ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نئون نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته فني طور تي مدت ختم سمجهي سگهجي ٿي، پر 2024ع ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ٿيل ترميم کان پوءِ سروسز چيفس جي مدت پنج سال مقرر ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري هاڻي نئين نوٽيفڪيشن جي به ضرورت ناهي رهي۔ ان لحاظ کان 29 نومبر ڪا قانوني حد نه هئي۔ ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن موجب فيلڊ مارشل عاصم منير کي سي ڊي ايف جو عهدو ڏيڻ لاءِ نئون ۽ باضابطه عوامي نوٽيفڪيشن ضروري آهي، جنهن ۾ دير کي حڪومتي اختلافن جي نشاني قرار ڏنو پيو وڃي۔

ان دوران اڊياله جيل ۾ قيد عمران خان سان ملاقات جو معاملو پڻ تڪرار جو سبب بڻيو آهي۔ جمعي جي رات خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي اڊياله جيل ٻاهران احتجاج ڪندي رات گذاري۔ اهڙي حالت وفاق ۽ پنجاب حڪومت لاءِ به ڳڻتي جوڳي هئي، ڇو ته دهشتگردي جي موجوده صورتحال ۾ سندس جان کي خطرو به ٿي سگهي پيو۔ شڪر آهي جو ڪو نقصان نه ٿيو، نه ته اهڙي صورت ۾ ذميواري ڪنهن تي پوي ها؟

بدقسمتي سان وزيراعليٰ سهيل آفريدي، صوبي جي امن امان سنڀالڻ بدران، هڪ قيدي سان ملاقات جي حق لاءِ سرگرم آهي۔ هاڻي هن ٻيهر احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جا سمورا اسيمبلي ميمبر ان ۾ شرڪت ڪندا۔ جيڪي نه ايندا، انهن کي شرمسار ڪيو ويندو۔ جڏهن ملڪ اندروني ۽ عالمي سطح تي شديد بحرانن ۾ ڦاٿل آهي، تڏهن وزيراعظم نجي مصروفيتن سبب اوچتو لنڊن هليو ويو آهي، ۽ اهو به واضح ناهي ته هو ڪڏهن واپس ايندو۔ هن کان اڳ بحرين جو دورو به بي معنيٰ رهيو ۽ لڳي ٿو ته هو ملڪ کان فرار ٿيڻ لاءِ بهانو ڳولي رهيو آهي۔ وزيراعظم جي غيرموجودگي ۾ آءِ ايس پي آر جي ڊي جي افغانستان سان سرحدي صورتحال تي پريشان ڪندڙ بريفنگ ڏئي چڪو آهي۔ ان دوران اسحاق ڊار بيان ڏنو آهي ته جيڪڏهن قطر جي مداخلت نه ٿئي ها ته پاڪستان افغانستان اندر ڪارروائيءَ جو فيصلو ڪري چڪو هو۔ اهڙي صورت ۾، جڏهن سفارتي ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن، اهو بيان ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته پاڪستان هاڻي ٻئي پاڙيسري ملڪ سان به جنگ جي تياري ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته وزيراعظم لنڊن ۾ مصروف آهي۔وزير اطلاعات عطا الله تارڙ عمران خان جي ڀيڻ نورين خان جي ڀارتي چينل تي انٽرويو مان ملڪ دشمني ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي غير يقيني صورتحال ۾ رکڻ بدران صاف ۽ واضح جواب ڏئي، خاص طور عمران خان جي قيد تنھائي ۽ ملاقاتن جي پابندي بابت۔

اهڙيءَ طرح، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو امڪان به انتهائي سنجيده معاملو آهي۔ ڪنهن چونڊيل حڪومت کي صدارتي حڪم ذريعي هٽائڻ مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ سنگين بڻائي سگهي ٿو۔ حڪومت کي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ بدران ڳالهين ۽ مشاورت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي۔ وزيراعظم کي گهرجي ته پرڏيهي اڳواڻن جي ساراهه ڪرڻ بدران پنهنجي ملڪ موٽي اچي، اهم سياسي فيصلا ڪري ۽ عوام کي واضح ۽ درست معلومات ڏئي۔ ڇو ته حڪومت جا پاڻ ۾ تضاد، غير ضروري بيان ۽ ابهم پاليسيون ئي عوام کي وڌيڪ پريشان ڪن ٿيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.