دنيا جي جنگي تاريخ، حڪمتِ عمليءَ جي شعور ۽ دفاعي فڪر جي ڊگهي سفر ۾ ڪجهه نالا اهڙا آهن، جيڪي صديون گذرڻ باوجود انسانيت جي گڏيل ذهني ميراث جو حصو بڻيل آهن.اهي نالا رڳو جنگي ميدانن تي فتح حاصل ڪرڻ سبب ياد ناهن ڪيا ويندا،پر ان ڪري به ته انهن جا فيصلن،حڪمتن، استقلال ۽ قيادت پنهنجي دور جي جغرافيائي حدن کان الڳ ٿي انساني تاريخ تي دائمي اثر ڇڏيا. اسلامي دنيا ۾ صلاح الدين ايّوبيءَ جي بين الاقوامي حڪمت ۽ اخلاقي جنگ،طارق بن زياد جي جرئت ڀري حڪمتِ عملي، محمد الفاتح جي رياستي نظم ۽ عسڪري بصيرت يا نورالدين زنگيءَ جو دفاعي فلسفو.اهي سڀ هڪ اهڙي روايت جا وارث آهن،جنهن ۾ فوج صرف هٿيار رکڻ جو ادارو ناهي، پر هڪ فڪر،هڪ نظم، هڪ روحاني قوت ۽ هڪ قومي ضمير جو محافظ آهي.
يورپ جي تاريخ ۾ به اهڙا جنرل گذريا آهن، جن پنهنجي سياسي فراست ۽ عسڪري حڪمتِ عمليءَ سان نوان رياستي سانچا ٺاهيا. نيپولين بوناپارٽ جي اسٽريٽجڪ ترتيب،بسمارڪ جي طاقت ۽ سفارت جي گڏيل راند، جنرل آيزنهاور جي ملٽي ٿئيٽر حڪمتِ عملي يا مونٽگمري جي منظم ۽ ضبط رکندڙ جرنيل سپرٽ،اهي سڀ جديد قومي رياست جي دفاعي سوچ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا.انهن سڀني جي فڪر ۾ هڪ نقطو برابر اهم رهيو. رياست جي بقا،قومي اتحاد ۽ مستقبل جي حفاظت.
اهڙي عالمي پسمنظر ۾ جڏهن پاڪستان جي موجوده فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو ڪردار ڏسون ٿا ته سندس حڪمت، ڏس ۽ قيادت ٻنهي اسلامي ۽ يورپي روايتن جي بهترين حوالن کي نئين دور جي ضرورتن سان جڙيل ٿي نظر اچي. جنرل عاصم منير جو پروفائيل محض هڪ ڪمانڊر جو پروفائيل ناهي.اهو هڪ اھڙي شخصيت جو عڪس آهي،جيڪو قومي سلامتي کي فوجي بارڊرن تائين محدود نه ٿو سمجهي،پر معاشي استحڪام،داخلي اتحاد،سفارتي توازن ۽ سماجي ريزيليئنس کي سلامتي جي مڪمل ڍانچي جو لازمي جزو تسليم ڪري ٿو.هو جنگي حڪمت ۽ سيڪيورٽي کي رڳو بندوقن ۽ فوجي مشقن جي اک سان نه ٿو ڏسي؛ پر ان کي انهن ئي معنائن ۾ سمجهي ٿو، جن ۾ صلاح الدين دشمن سان لشڪر آڏو آڏو رکندي سفارت ۽ اخلاقي قوت ٻنهي کي هٿيار طور استعمال ڪندو هو، يا جن ۾ بسمارڪ طاقت ۽ سياست جي گڏيل ڪنڀار سان جرمني کي متحد ڪيو، يا محمد الفاتح علم، فنون، حڪمت ۽ عسڪري قوت کي هڪ رياستي نظم ۾ بدلائي تاريخ جو نئون باب کوليو.
جنرل عاصم منير جي حڪمت ۾ اهڙو ئي گهڻ رخو فڪر موجود آهي.
ملڪ جي سيڪيورٽي ماحول ۾ دهشتگرديءَ جا نوان روپ،هائبرڊ وار، اقتصادي دٻاءُ، ڊجيٽل ميدانن ۾ نوان خطرا ۽ پاڙيسري ملڪن جي بدلجندڙ سفارتي قطب بندي.اهي سڀ چيلينج ڪنهن هڪ روايتي جرنيل جي سوچ سان حل نٿا ٿي سگهن.هن پس منظر ۾ جنرل منير جو ڪردار هڪ اهڙو جديد دفاعي ماڊل پيش ڪري ٿو،جنهن ۾ هائبرڊ جنگ، ملٽي ڊومين آپريشن، قومي سطح تي گڏيل ردعمل، معاشي دفاع، ۽ بين الاقوامي فرنٽ تي فعال سفارتڪاري گڏجي نيشنل سيڪيورٽي جو نئون تصور بڻجن ٿا.جنرل منير جي حڪمت ۾ سب کان نمايان ڳالهه اها آهي ته هو فوج کي رڳو حفاظتي ديوار نٿو سمجهي، پر قومي سفر ۾ هڪ اهڙو منظم، پيشور، باوقار ۽ اسٽيٽ ڪرافٽ سان لاڳاپيل ادارو طور ڏسي ٿو، جيڪو مستقبل جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري ماحول فراهم ڪري. هي انداز مونٽگمري جي آپريشنل ترتيب، آيزنهاور جي گڏيل ڪمانڊ ماڊل، ۽ صلاح الدين جي اصولي حڪمت جي گڏيل تصوير پيش ڪري ٿو.تحقيقي نقطه نظر کان ڏسجي ته جنرل عاصم منير جو تصورِ سلامتي هڪ ملٽي ليئرڊ نيشنل سيڪيورٽي ڊاڪٽرائن جي صورت ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو،جنهن ۾ چار نمايان ستون واضح آهن:
عسڪري تحفظ ۽ سرحدي سيڪيورٽي،معاشي استحڪام ۽ مالياتي خودمختياري، سفارتڪاري ۽ عالمي توازن ۽ داخلي اتحاد ۽ سماجي استحڪام
اسلامي تاريخ جا جرنيل بداخلاق قومن کي طاقت سان نه، پر نظم، اخلاقي قوت ۽ اصولن سان شڪست ڏيندا هئا. يورپي جرنيل صورتحال کي صرف طاقت نه، پر سياست، ايڪانامي ۽ نيشنل انڊيگريشن جي ذريعي مستحڪم ڪندا هئا.جنرل منير ٻنهي روايتن جي ان بهترين حصي کي پنهنجي قيادت ۾ شامل ڪري اسٽيٽ سيڪيورٽي کي 21هين صديءَ جي ضرورتن مطابق شڪل ڏئي رهيا آهن.اهڙي طرح جنرل عاصم منير جو ڪردار هٿيارن، مشقن يا ڪمانڊ رستن تائين محدود نه آهي. اهو هڪ نئين فڪر،هڪ نئين حڪمت،هڪ نئين رياستي عملداري ۽ هڪ نئين قومي استحڪام جو استعارو بڻجي چڪو آهي.جنهن ڪري هو عالمي جرنيلن جي ان قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جيڪي پنهنجي وقت جي بدلجندڙ نقشا بدلڻ جي صلاحيت رکن ٿا.انھيء سموري صورتحال ۾ جنرل عاصم منير جو ڪردار بلڪل بہ واضع آھي.سندس جو سياسي،حڪومتي نمائيندن سان رياستي بنيادن تي رويو ھڪ بردبار قومي فوجي فرض شناس جنرل اڳواڻ طور بھترين ۽ احسن نموني وارو آھي.
موجودھ حالتن جنھن ۾ ھندوستاني وزير راج ناٿ جي بيان کان پوءِ واري صورتحال ۾ قومي ايڪي جو مظاھرو اھو ڏسڻ وٽان آيو ته سنڌ اسيمبلي جي فلور کان ويندي قومي اسيمبلي جي ايوان تائين جتي قومي قيادت ھم آواز ٿي يڪجھتيء جو مظاھرو ڪندي ھندوستان کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو،سو پڻ وري ڄڻ ھڪ ٻيو قومي حملو ثابت ٿيندي ھندوستان جي حڪمرانن جي سازشن کي ناڪام ڪيو.راج ناٿ کي سنڌ جي سياسي،سماجي،رياستي ادارتي ۽ حڪومتي حلقن مان جيڪو منھن ٽوڙ جواب مليو سو پڻ ھو تاريخ ۾ ياد رکندا.جنرل عاصم منير جنھن کي قومي سطح تي مڃتا ڏيندي جيڪو فيلڊ مارشل جو اعزاز مليو آھي سو پڻ ايئن ناھي مليو.قومي حڪومتي سربراھن جي سياسي ۽ رياستي حڪمتي عمليء جو بھترين وقت تي بھترين فيصلو پڻ آھي.ان فيصلي جا تاريخ ۾ اڳتي ھلي بھتر نتيجا پڻ اچڻ جو يقين آھي.جنرل عاصم منير جو جيڪو فوجي جنرل طور Vision آھي سو پڻ عالمي ادارتي سربراھ ۽ وڏي حڪمتي عملي وارو آھي.جنھن جا نتيجا تمام جلد مستقبل قريب ۾ رياست ۽ رياستي ادارن جي بھتري جي صورت ۾ سامھون پڻ ايندا.