پاڪستان کي جي ايس پي پلس لاءِ انساني حقن تي وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي\يورپي يونين

اسلام آباد( م ڊ)  يورپي يونين جي سفير ريمنڊس ڪروبلس چيو آهي ته پاڪستان کي جي ايس پي پلس ڪنوينشنن تي عمل درآمد لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. ڊان نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي، يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ريمنڊس ڪروبلس چيو ته ايندڙ جي ايس پي  پلس جائزو کان اڳ پاڪستان کي هن اسڪيم تحت ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.  هي حيثيت 2014 ۾ يورپي يونين پاران پاڪستان کي ڏني وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني ٽيڪسٽائل برآمدات ۾ مراعاتي ٽيئر سبب 108 سيڪڙو واڌ ٿي. آڪٽوبر 2023 ۾ يورپي پارليامينٽ هڪجهڙائي سان جي ايس پي پلس جي مدت کي وڌيڪ 4 سال (2027 تائين) وڌائڻ جي منظوري ڏني، جنهن تحت پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪ يورپي منڊي ۾ ڊيوٽي فري يا گهٽ ۾ گهٽ ڊيوٽي سان برآمدات ڪري سگهن ٿا. پاڪستان جي 27 بين الاقوامي ڪنوينشنن تي عمل جو جائزو وٺندو، جيڪي هن واپاري اسڪيم سان ڳنڍيل آهن ۽ جن تحت پاڪستان کي گهڻين شين لاءِ ڊيوٽي فري رسائي حاصل آهي.انٽرويو دوران جڏهن سفير کان پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان کي اسڪيم جي گهرجن تي عمل لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ته هن چيو ته ها، اسان اهو ئي چوڻ پيا چاهيون. پاڪستان کي وڌيڪ ڪرڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته هي هڪ باقاعده مانيٽرنگ مشن هوندو جيڪو اسڪيم تي عمل لاءِ گڏيل قومن جي ڪنوينشنن جو جائزو وٺندو. انهن ۾ انساني حقن، مزدورن جي حقن، ماحولياتي معاملن ۽ سٺي حڪمراني جا اهم پهلو شامل آهن. مشن دوران ڪيترائي اجلاس سرڪاري ادارن سان ٿيندا، جڏهن ته سول سوسائٽي، انساني حقن جي ڪم ڪندڙ، ڪمپنيون ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون وينديون. بعد ۾ گڏيل قومن جي ادارن جي ڳولا ۽ نتيجن جي بنياد تي سفارشون پيش ڪندي هڪ رپورٽ جاري ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن تي ڪنوينشنز جي نگراني جي ذميواري آهي. ريمنڊس ڪروبلس  زور ڏنو ته انهن ڪنوينشنن تي عمل تمام اهم آهي. هن انساني حقن، موت جي سزا، توهينِ مذهب جي قانونن، جبري گمشدگين، اقليتن جي حقن، عورتن جي حقن، ٻارن جي محنت ۽ جبري پورهيو اهم نقطا قرار ڏنا. هن چيو ته هي شايد موجوده جي ايس پي پلس اسڪيم جو آخري مانيٽرنگ مشن هوندو، ڇو ته نئين اسڪيم شايد 2027 کان نافذ ٿي وڃي، ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي ايس پي پلس جون مراعات جاري رکڻ چاهي ٿو، ته کيس ٻيهر درخواست ڏيڻي پوندي. سفير واضح ڪيو ته يورپي يونين اڳ ۾ ئي انهن وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪري چڪو آهي، جن جي حل لاءِ پاڪستان کان مطالبو ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڪروبلس خاص طور  جبري گمشدگين جي مسئلي کي يورپي يونين جي اوليتن مان هڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ اسان جا ڪيترائي سوال آهن ۽ GSP پلس جي رخ ۾ به اسان مسئلا ڏسندا آهيون.هن چيو ته ڪجهه ڍانچا قائم ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ جبري گمشدگين جي تحقيق لاءِ ڪميشن، پر ڏسڻو پوندو ته ڇا اهو ڪافي آهي يا نه، ۽ هن معاملي ۾ ادارن کان گهڻا سوال پڇيا ويندا. جڏهن  ته تازو منظور ٿيل  تڪراري 27هين آئيني ترميم تي راءِ طلب ڪئي وئي، ته هن ان کي اندروني معاملو قرار ڏنو، پر عدليه جي آزادي جي حوالي سان چيو ته اسان جو ان تي مختلف نقطه نظر آهي، ۽ هن معاملي تي مخالف ڌر، ٿنڪ ٽينڪس، سول سوسائٽي ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارن کان راءِ ورتي پئي وڃي.سفير چيو ته تازو فوجي عدالتن ۾ شهري ڪيسن تي پڻ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي. ممڪن آهي ته گفتگو دوران ڪجهه جواز ملي، ۽ واضح آهي ته سيڪيورٽي ۾ مسئلا آهن ۽ ڪيترائي چيلينجز موجود آهن، جيڪي اسان ڏسي رهيا آهيون.آگسٽ ۾ يورپي يونين جي اڳوڻي سفير رينا ڪيونڪا پاڪستان ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو هو ته انساني حقن ۽ ليبر سڌارن ۾ واضح ۽ معتبر اڳڀرائي ڏيکاري وڃي، ڇو ته يورپي يونين جي نئين واپاري مراعات واري اسڪيم ۾ سخت گهرجون شامل هونديون. هن چيو ته نومبر ۾ ٿيندڙ ايندڙ GSP پلس مانيٽرنگ مشن کان اڳ پاڪستان کي واضح ۽ نظر ايندڙ پيش رفت ڏيکاري وڃي.انساني حق سڀ کان وڏو چيلنج آهن. انساني حقن تي هن کلي ڳالهائي، ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان انساني حقن جي محافظن ۽ سول سوسائٽي سان ڳالهائيندا، جئين مان ٽي سال هتي رهي، ته واضح آهي ته صورتحال خراب ٿي آهي.اسان جا مانيٽر  اخبارون پڙهن ٿا، پنهنجو نيٽ ورڪ آهي ۽ ڄاڻن ٿا ته ڇا ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري اهي سٺي نموني اندازو لڳائي سگهن ٿا ته حالتون بهتر ٿي رهيون آهن يا نه. هن وڌيڪ چيو ته يورپي قانون سازن ۽ سول سوسائٽي پڻ تجارتي مراعات کي انساني حقن سان مشروط ڪرڻ جي مطالبن تي زور ڏنو آهي، ۽ جيڪڏهن اقدار جي ميدان تي اڳڀرائي نه ٿي رهي ته پوءِ اسان اهڙيون تجارتي مراعات ڇو جاري رکون؟ساڳئي طرح، جنوري ۾ يورپي يونين خبردار ڪيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس جي حيثيت کي يقيني نه سمجهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.