28هين ترميم جي منظوري لاءِ ايم ڪيو ايم سامهون آندي وئي؟

اسلام آباد(مزمل سهروردي+اعزاز سيد)28هين ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي لانچ ڪيو ويو آهي،پ پ کي به سخت پيغام ملي ويو آهي،ايم ڪيو ايم نوان صوبا ٺاهڻ جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ مڪاني نظام کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميمون تجويز ڪري رهي آهي،12 يا 32 صوبا بڻائڻ فيلڊ مارشل عاصم منير جو منصوبو آهي، اسٽيبلشمينٽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ به تبديلي چاهي ٿي،ايندڙ 60 ڏينهن ۾ پ پ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها انهن معاملن تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي يا نه؟پ پ ترميمن ۾ ساٿ نه ڏنو ته متبادل ذريعن کان نمبر پورا ڪيا ويندا،جڏهن ته 28هين ترميم جي تياري لاءِ وفاقي قانون واري وزارت ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو آهي، اين ايف سي ۾ تبديلي طئي ٿي چڪي آهي،حڪمران اتحاد کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جيل ۾ وڃي منظوري ڏيڻي آهي يا پارليامينٽ ۾ ويهي ڪري ها ڪرڻي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.