پاڪستان ۾ آئيني ترميمن جو بحث ڪو سادو قانوني عمل ناهي ۽ نه وري ڪو نئون بحث آھي، اھو دراصل اقتدار جي سنگيت ۾ بااثر ماڻهن جو ھڪڙو نئون سر آھي، جيڪو سڌي يا اڻسڌي ريت هن ملڪ جي اٺاويهه ڪروڙ انسانن جي مستقبل جون واڳون پنھنجي مرضيءَ مطابق ترتيب ڏئي رهيو آهي. حڪمران طبقا پنهنجي طاقت کي دائمي بنائڻ جي ڪوشش ۾ ايترا بي پرواھ ٿي ويا آهن، ڄڻ ته هن سرزمين جي مٽيءَ ۾ لکيل قربانيون، جدوجهد ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل رت جي ڳڻتي سندن ضميرن تي ڪا ذميواري ئي نه ٿي رکي. ملڪ جي سياسي منظرنامي تي جيڪو تماشو هلي رهيو آهي، اهو دراصل عوامي حقن جي تند کي وڌيڪ ڇيهو رسائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، جنهن جي پويان طاقتور سامراجي سوچ، غير جمهوري مفادن جا سرپرست ۽ اقتدار پرست ٽوليون نقاب پوش بيٺل آهن. جڏهن به حڪمرانن کي پنهنجو اقتدار غير محفوظ محسوس ٿيندو آهي، ته اهي ترميم جي نالي ۾ عوامي حقن کي محدود ڪرڻ، ادارن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق موڙڻ ۽ آئين کي پنهنجي مرضيءَ جي صورت ۾ ترتيب ڏيڻ جي چڪر ۾ لڳي ويندا آهن. هيءَ روش رڳو قانوني نه پر قومي سانحي جي درجي ۾ اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته آئين رڳو قانوني دستاويز نه آهي، اهو قوم جي سماجي غيرت آهي، ماڻهن جي حقن جو عهدنامو آهي ۽ جڏهن قوم جو عهدنامو چند هٿن جي مرضيءَ مطابق تيار ڪيو وڃي ته پوءِ اها قوم وقت سان گڏ پنهنجو وقار، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجو مستقبل وڃائي ويهندي آهي.
ترميمون عوام لاءِ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ يا آئين کي جديد ضرورتن جي مطابق لچڪدار بڻائڻ لاءِ ٿيڻ گھرجن، پر جيڪڏهن اهي ترميمون طاقت جي مرڪزن کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقي کي وڌيڪ بي وس ڪرڻ لاءِ آنديون وڃن ته پوءِ انهن جو رد نه ڪرڻ قومي مجرمانه غفلت سان گڏ بزدليءَ کان گهٽ ناهي ھوندو، ملڪ ۾ جيڪو ماحول هن وقت پيدا ٿي رهيو آهي، اهو صاف ظاهر ڪري ٿو ته حڪمران طبقا عوامي سچ کان، عوامي شعور کان ۽ عوامي طاقت کان خوفزده آهن. اهو خوف ئي ترميمن جي صورت ۾ نئون هٿيار بڻجي رهيو آهي، جيئن ته عوام جي سياسي راءِ کي محدود ڪيو وڃي، ادارن جي آزاديءَ تي بار رکجي ۽ اهو تاثر پختو ڪيو وڃي ته اقتدار جو سرچشمو عوام نه پر چند مخصوص قوتون آهن. اهي قوتون ظاهر ۾ ته جمهوريت جا چوغا پائين ٿيون پر سندن رڳن ۾ طاقت پرستيءَ جو زهر گردش ڪندو رهي ٿو، جيڪو ڪنهن به وقت ملڪ کي تاريڪي ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.
اڄ جڏهن پاڪستان معيشيت، ادارتي ٽڪراءَ، سياسي انتشار ۽ خارجي دٻاءُ ۾ جڪڙيل آهي، تڏهن بنيادي ضرورت ڪنهن نئين ترميم جي نه پر عوامي استحڪام، ادارن جي آزادي ۽ شفاف نظام جي بحالي هجڻ گهرجي. پر طاقتور طبقا ڄاڻي واڻي حقيقتن، سچائي ۽ عدل و انصاف جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهن، هيءَ سوچ آزادي کي نه پر غلاميءَ کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ واري ذهنيت جي پيدائش آهي. هيءَ سوچ ئي سامراجي قوتن کي حوصلو ڏئي ٿي ته اهي اڃا وڌيڪ پاڪستان جي سياسي ۽ آئيني ڍانچي کي پنهنجي مفادن مطابق استعمال ڪري سگهن. اڄ عوام جو وڏو سوال اهو آهي ته آئين ۾ ترميمون ڪنهن لاءِ آنديون پيون وڃن؟ ڇا عوام جي حقن لاءِ؟ ڇا نوجوانن جي روزگار لاءِ؟ قومي وسيلن جي حفاظت لاءِ؟ ملڪ اندر امن ڀائيچاري ۽ رواداري لاءِ؟ يا انهن چند هٿن لاءِ جيڪي سياست کي پنهنجو ذاتي ڪاروبار سمجهي ملڪ جي مستقبل کي بار بار گروي رکندا رهيا آهن؟ جڏهن ماڻهن کي انهن سوالن جا جواب نٿا ملن، تڏهن ئي مزاحمت جنم وٺي ٿي، عوام احتجاجن مظاهرن ريلين ۽ ڌرڻن جو رستو اختيار ڪري ٿو ۽ تڏهن ئي ڌرتي سان وفادار قلم سچ لکڻ کي پنهنجي مقدس ذميواري سمجهي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ سوال رڳو آئين جو نه پر قوم جي شعور جو آهي. عوام ڏسي چڪو آهي ته اقتدار جا رانديگر ڪھڙي ھوڏ تي بيٺل آهن ۽ انهن کي ماڻهن جي حقن سان ڪيتري ھمدردي آهي. عوام کي اھو احساس ضرور محسوس ڪرڻ گھرجي ته سندن خاموشي ئي ان قوتن جي طاقت بڻجي وئي آهي، جيڪي جمهوريت جي کاتي ۾ پنهنجا ذاتي حساب ڪتاب لکي رهيا آهن. ملڪ اندر موجود هر بحران جو حل عوام جي فيصلي ۾ لڪل آهي نه ڪي حڪمرانن جي مرضي مطابق، پر جيڪو رستو حڪمران اختيار ڪري چڪا آهن، اهو رستو طاقت کي مضبوط، ادارن کي ڪمزور ۽ جمهوريت کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اڄ جڏهن ماڻهو هڪ پاسي مهانگائيءَ جي طوفان ۾ ٻڏي رهيا آهن، بيروزگاريءَ کان تنگ، بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيا آهن ۽ سياسي عدم استحڪام ۾ پسجي رهيا آهن، تڏهن حڪمران طبقا آئين ۾ ترميمن کي پنهنجي سڀ کان وڏي ترجيح بڻائي بيٺا آهن. هي روش ثابت ڪري ٿي ته اقتدار جي چسڪي انهن مان بصيرت ئي کسي ورتي آهي ۽ قوم جي تڪليفن جو احساس انهن جي دلين مان هميشه لاءِ لهي چڪو آهي. ڪنهن به قوم لاءِ سڀ کان خطرناڪ مرحلو اهو هوندو آهي، جڏهن ظلم عام ٿيڻ لڳي ۽ ان جي خلاف آواز گهٽجڻ لڳي. پر قومن جا تاريخي موڙ سدائين ظالم قوتن کي نه پر مزاحمت ڪندڙ مظلوم عوام کي ياد رکن ٿا. ماڻهن جي خاموشي ڪيتري به ڊگهي هجي پر جڏهن اھا ٽٽندي آھي ته فقط حڪومتون نه پر سامراجي نظام پنھنجا پير پختا ڪري ناھن سگهندا. هي اهو لمحو آهي جتي قومن جا مستقبل طئي ٿيندا آهن. جيڪڏهن اڄ سچ لکو، سچ ڳالهايو ۽ سچ جي پاسي بيهو ته رياست جو رستو سڌو ٿيندو. جيڪڏهن اڄ خاموشي رھي ته هر ايندڙ نسل کي انهيءَ خاموشيءَ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. آئين جو تحفظ پارلياماني عمارتن جي ڀتين اندر نه ٿو ڪري سگهجي، اهو عوام جي شعور، عوام جي مزاحمت ۽ عوام جي بيداري سان زنده رهي ٿو ۽ جڏهن قوم پاڻ بيدار ٿئي ٿي ته پوءِ نه ترميمون طاقتور رهن ٿيون، نه حڪمران مضبوط ۽ نه سامراجي نظام دائمي. جمهوريت جو حقيقي سرچشمو عوام جي دل ۽ ضمير ۾ آهي ۽ جڏهن اها دل ڌڙڪي ٿي تڏهن تاريخ پنهنجو رُخ بدلائي ڇڏيندي آهي.