تعليم، صوبن جي ذميواري

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

ننڍي کنڊ ۾ هندستان ۾ جديد تعليم جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي. انگريز سرڪار 1935ع ۾ هڪ قانون ذريعي هندستان کي هڪ وفاقي نموني جو نظام ڏنو. هن نظام تحت سنڌ ۽ اڙيسا کي صوبن جو درجو مليو. انهيءَ ايڪٽ موجب تعليم، صحت، پبلڪ ورڪس ۽ زراعت جا کاتا صوبن حوالي ڪيا ويا. انگريز سرڪار جي هن حڪمت جو مطلب اهو هو ته صوبائي سطح تي اهي شعبا وڌيڪ سٺي نموني هلي سگهن ٿا. هندستان جي مختلف حصن ۾ الڳ ثقافتون ۽ ٻوليون هيون، تنهن ڪري هر صوبو پنهنجي ثقافت موجب اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين لاءِ نصاب ترتيب ڏئي سگهي ٿو. اهڙي طرح نصاب ۾ مقامي ٻولي ۽ ثقافت جو عڪس وڌي رهيو هو.

آل انڊيا مسلم ليگ جي قيام جو بنيادي خيال ئي نون صوبن جو قيام ۽ صوبائي خودمختياري هو، جنهن جو اظهار 1940ع جي قراردادِ لاہور ۾ به ملي ٿو، جتي صوبن جي ڪنفڊيوريشن ذريعي نئين وطن جو تصور پيش ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪانگريس سدائين مضبوط مرڪز جي حامي رهي. ڪانگريس سنڌ سميت نون صوبن جي قيام جي مخالفت ڪئي، پر ورهاڱي کان پوءِ صورتحال اوچتو بدلجي وئي. ڀارت ۾ ڊاڪٽر امبيدڪر جي قيادت ۾ 1950ع جو آئين تيار ٿيو ۽ ڀارت هڪ يونين بڻجي ويو. پاڪستان جي پهرين آئيني اسيمبلي ۾ جڏهن اوڀر بنگال جي ميمبرن پنهنجي مادري ٻولي بنگلا ۾ تقرير ڪرڻ جي اجازت گهري ته اها نه ڏني ويئي. بانيءِ پاڪستان محمد علي جناح انگريزي ۾ خطاب ڪندي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو، جنهن سان ملڪ جي اڪثريتي صوبن ۽ ڪراچي جي حڪومت وچ ۾ فاصلا وڌڻ لڳا. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان (جيڪو ان وقت مرڪز جي ماتحت علائقو هو) کي گڏ ڪري اولهه پاڪستان بڻايو ويو. ايوب خان جي مارشل لا دوران بريگيڊيئر ٽڪا خان حيدرآباد زون جو ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. هن سنڌي ٻولي جي تدريس تي پابندي لڳائي، جنهن سنڌ اندر نئون تڪرار پيدا ڪيو. بيوروڪريسي جي نگراني ۾ تيار ٿيل نصاب ۾ انهن قومي اڳواڻن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو جن انگريز سامراج خلاف جدوجهد ڪئي هئي.

پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت تاريخ ۽ جاگرافي جهڙن اهم مضمونن کي نظرانداز ڪري پاڪستان اسٽڊيز جو مضمون شامل ڪيو. پاڪستان جي قيام ۾ اوڀر بنگال جي عوام وڏي قرباني ڏني هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد اوڀر پاڪستان جي ماڻهن جمہوريت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، پر نئين نصاب ۾ تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ بدران ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبو وڃائڻ واري سانحي بابت رڳو چند پيرا لکيا ويا.

جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ صورتحال وڌيڪ ڳري ٿي. پاڪستان سي آءِ اي جي روس خلاف افغان جنگ جو حصو بڻيو. امريڪي صدر ريگن ”جهاد“ کي سوويت يونين خلاف اهم هٿيار قرار ڏنو. ضياءُ حڪومت پنهنجي رجعت پسندانه ايجنڊا تحت نصاب ۾ تبديلين جو وڏو پروگرام شروع ڪيو. تاريخ، جاگرافي، سماجيات، معاشيات، ادب ۽ سائنس جا مضمون هن منصوبابندي جو نشانو بڻيا. هن خطي جي تاريخ کي موهن جي دڙي ۽ مهرڳڙهه بدران وچ اوڀر سان ڳنڍيو ويو. اسلام جي برصغير ۾ آمد بابت به تاريخي سچائيون مسخ ڪيون ويون. حقيقت اها آهي ته عرب واپاري 7هين صدي ۾ ئي گجرات ۽ ڏکڻ هندستان تائين پهچي چڪا هئا، ۽ 8هين صدي ۾ بنگال تائين واپار لاءِ وڃي چڪا هئا، پر نصاب ۾ رڳو اهو ٻڌايو ويو ته محمد بن قاسم پهريون مسلمان هو جيڪو هندستان آيو. نصاب ۾ "جهاد” کي تقريباً سڀني مضمونن ۾ شامل ڪيو ويو. محقق ڊاڪٽر عرفان عزيز موجب صورتحال اها هئي جو اردو، سنڌي، اسلامي تاريخ ۽ ٻيا مضمون ساڳئي خاص مواد سان ڀريا ويا. ٻين مذهبن بابت شاگردن جي ذهن ۾ نفرت وڌائي وئي. اردو ۽ سنڌي جي شروعاتي ڪلاسن ۾ عورت کي مرد جي ماتحت بڻائي پيش ڪيو ويو ته جيئن ننڍپڻ کان ئي پدرشاهي سوچ مضبوط ٿئي.

سائنس جي دنيا ۾ سڀ اتفاق ڪن ٿا ته ميڊيڪل سائنس جو بنياد ڊارون جي نظريه ارتقا تي آهي، پر نصاب ۾ ان نظريي کي منفي رنگ ڏنو ويو. 9/11 کان پوءِ احساس ٿيو ته جديد تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي روڪڻ لاءِ جديد نصاب جي ضرورت آهي. اهو ڪم صوبائي سطح تي بهتر ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري 18هين ترميم ذريعي تعليم صوبائي ذميواري بڻائي وئي. ان وقت خيبر پختون خوا ۾ عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جون حڪومتون هيون. خان عبدالغفار خان ۽ خدائي خدمتگار تحريڪ جي جدوجهد کي ڪي پي جي نصاب جو حصو بڻايو ويو.سنڌ حڪومت نصاب کي جديد ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جمہوريت بحاليءَ جون تحريڪون، شهيد بينظير ڀٽو ۽ ملاله يوسفزئي جون خدمتون نصاب ۾ شامل ٿيون. پنجاب ۾ اقليتن خلاف مواد ختم ڪيو ويو. سائنس جي ڪتابن مان مذهبي مواد مڪمل طور هٽايو ويو. پيپلز پارٽي 27هين ترميم ۾ اسٽيبلشمينٽ جي بالادستي کي مڃي ورتو، پر خوشقسمتيءَ سان تعليم جو شعبو وفاق حوالي ٿيڻ کان بچي ويو ــ جيڪا هڪ سٺي خبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.