تفتان سرحد تان هزارين پاڪستاني واپس، تيل ۽ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

ڪوئيٽا (عوامي آواز رپورٽ) ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ سبب پاڪ-ايران سرحد تي واپاري سرگرميون معطل ٿي ويون آهن ۽ پاڪستاني شهرين جي وطن واپسيءَ ۾ تيزي آئي آهي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ تفتان سرحد تان 1000 کان وڌيڪ پاڪستاني (جنهن ۾  اڪثريت شاگردن جي آهي) واپس پهچي چڪا آهن. ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو موجب، سفارتخاني ايراني اختيارين جي سهڪار سان 650 شهرين کي بحفاظت ڪڍيو آهي. سرحد تي سوين مال بردار گاڏيون ڦاسي پيون آهن، جنهن ڪري اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. آلو، ڪينو ۽ چانورن جي برآمد سخت متاثر ٿي آهي. بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ ايراني تيل ۽ خوراڪ جي اگهن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. ڪوئيٽا ۾ ايراني تيل جي قيمت 30 کان 40 رپيا في ليٽر وڌي وئي آهي، جيڪا هاڻي 200 رپين کان ٽپي وئي آهي. پاڪستاني اختيارين هن وقت ڪنهن به پاڪستاني کي ايران وڃڻ جي اجازت نه پيا ڏين؛ رڳو ايراني شهرين کي وطن واپسيءَ جي اجازت آهي. ايران ۾ انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي نظام به شديد متاثر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.