وياج کي اسلام توڙي ھر دين ڌرم ۾ حرام قرار ڏنو آهي، اِھو اُھو استحصالي عمل آھي جنھن سان سماج جو پيڙھيل طبقو وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو ، شين جي کوٽ ۽ خسارو وڌي ٿو، وري جيڪڏھن ان جي وڪڙ ۾ ڪو پورھيت يا ڏھاڙي دار مزدور ڦاسي پوي ٿو ته ان جون پيڙھيون پيون ڀوڳينديون آھن پر اھو قھري قرض مٿن لھي ئي نٿو. اسلامي نظام ۾ بغير وياج جي قرض، زڪوات ۽ مدد ذريعي پورهيتن جي سهائتا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، جيئن هر ماڻهو سک ۽ انصاف سان زندگي گذاري سگهي.وياج قانوني توڙي اخلاقي طور تي ھڪ ڪڌو ڪنو ۽ نندا ڪرڻ جھڙو عمل آھي، جنھن سبب ماڻھن جو معاشي قتل عام ٿئي ٿو.ھر سال پھرين مئي تي مزدورن جي حقن لاءِ وڏا وڏا سيمينار ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون پر انھن پورھيتن جون مشڪلاتون پيڙائون ۽ ڀوڳنائون اڄ به اھي ئي ساڳيون آھن جيڪي ڪالهه ھيون، مان سمجھان ٿو ان ۾ ڪا گهٽتائي ته نٿي اچي پر واڌ ضرور ٿئي ٿي.ڪشمور جيڪو بدامني قبيلائي تڪرارن، ڌاڙن ۽ اغوائن ۾ ھن وقت ڏيھان ڏيھه بدنام آھي اتي ٻين براين سان گڏ ھڪ سماجي برائي جيڪا تمام تيزي سان پکڙجي رھي آھي اھو آھي وياج!
ڪشمور ۾ بدامني، بي روزگاري ۽ مھنگائيءَ جي لهر جتي عام ماڻھن جي زندگيءَ کي ڏکئي موڙ تي آڻي ڇڏيو آهي، اتي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ريڙھي وارا مزدور وياج خورن ۽ استحصالي طاقتن جي ظلم جو نشانو بڻيل آهن. اهي پورھيت جيڪي ڏينهن جو سخت محنت ڪري روزي ڪمائين ٿا ۽ پنھنجي ٻارن جي اڻپوري اڌوري ڪفالت ڪن ٿا جن کي نه اٽو ميسر آھي نه لٽو. اھي مزدور جيڪي صبح کان شام تائين نهٽڻ اس ۾ ڪڙھي ڪمائين ٿا گرمي، پوھ جي پارن ۾ پڄري پورھيو ڪري رزق حلال لاءِ جاکوڙين ٿا، اڄ انهن سان اهڙو ڏاڍ ٿي رهيو آهي، جيڪو انھن مسڪينن جو معاشي قتل جي برابر آهي.غريب مزدور جڏهن گهر جي پورت پوري ڪرڻ لاءِ مجبوري ۾ انھن ماڻھن آڏو پنھنجي محتاجي ظاھر ڪن ٿا ۽ ٿوري ٿڪي رقم وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا، تڏهن سماج جا اهي ناسور وياج خور سندن ضرورت ۽ محتاجي کي پنهنجو ڪاروبار بڻائي ڇڏين ٿا. ٿئي ايئن ٿو جو هو پهرين کين ٿوري رقم ڏين ٿا ۽ غريب پورھيت سمجھن ٿا ته انھن پيسن مان سندن سمورا اھنج، سھنج ۾ بدلجي ويندا پر اھو معمولي قرض سندن ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي وڃي ٿو اھي وياج خور کين ڪڏهن هزار، ڪڏهن پنج هزار ڏئي ڦنڌ ۾ ڦاسائي پوءِ ان رقم تي اهڙو وياج لاڳو ڪن ٿا جو سڄي زندگي ان جي چڪر مان نڪري ئي نٿا سگهجن.
روزانو ٻه کان ٽي سؤ رپيا وياج طور وٺن ٿا، ۽ اصولي رقم انھن ڏانھن باقي رھي ٿي، اهو سلسلو مهينن نه، پر سالن تائين هلندو رهي ٿو.جيڪو ليکو لھڻو لھي ئي نٿو لھي . نتيجي ۾ اھي پورھيت ڪنگال ٿيو پون . جڏهن مزدور اھڙو ڳرو ڳاٽي ٽوڙ وياج ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا، ته اهي ئي وياج خور کين ڌمڪيون ڏين ٿا، بليڪ ميل ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏھن ڪوڙا ڪيس ٺاهي پوليس ذريعي حراسان ڪن ٿا. مزدور وٽ ايترو ساھس ڪٿي جو اھي عدالتن جا در کڙڪائي سگهن ، تنهنڪري هو مجبور ٿي پنھنجو ڪم ڇڏي گهر ۾ لڪي ويهي رهن ٿا. نتيجي ۾ سندن گهر جي چلهه بند ٿي وڃي ٿي، ٻار بک ۾ پيا پاھ ٿين ۽ اھڙي ريت سڄو خاندان برباديءَ جي ڪناري تي اچي بيهي ٿو.انهن حالتن ۾ پوليس ۽ مقامي انتظاميا جي بي حسي کي وڌيڪ خطرناڪ ۽ خوفنائتو بڻائي ڇڏي ٿي. وياج خورن جي پٺيان اثر رسوخ ۽ طاقتور ڌريون هئڻ ڪري مزدورن جي دانهن ڪنهن تائين نٿي پهچي. ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جتي پوليس پاڻ وياج خورن جي سهولتڪار بڻجي مزدورن کي وڌيڪ دٻاءُ ۾ آڻي ٿي.اهو استحصال صرف ھڪ فرد جو نه، پر سڄي سماج جو نه پورو ٿيڻ وارو نقصان آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، انتظاميا ۽ سول سوسائٽي گڏجي هن سماجي زهر خلاف فوري قدم کڻن. وياج خورن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سندن ملڪيتون ضبط ڪري، ريڙھي وارن ۽ ڏهاڙي دار مزدورن کي آسان شرطن تي قرض ۽ مفت قانوني مدد جو نظام قائم ڪيو وڃي.ڏھاڙي دار، ريڙھي وارن جي رجسٽريشن ۽ مالي تحفظ لاءِ مقامي سطح تي مؤثر پاليسيون تيار ڪيون وڃن، ته جيئن اهي ماڻهو ڏوهن ۽ استحصال کان بچي سگهن.