ٿرڪول ڪمپنين جي ناانصافين خلاف ملازمن جي هڙتال، انتظاميا جا داٻا، پوليس طلب

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: عازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون تي سائينو سنڌ ۽ هُونڊا ڪمپني خلاف سوين ملازمن 36 ڪلاڪن کان ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي آهي، پورهيتن پگھارن ۾ گهٽتائي، غيرقانوني ڪٽوتي، غلط پينلٽين ۽ گيٽ پاس ذريعي موڪلون نه ڏيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن ۾ ڊرائيورن، فلنگ مين، گرينڊر ۽ لوڊر آپريٽر سميت مختلف شعبي جا مقامي پورهيت شامل آهن، جن چيو ته سنڌ حڪومت 40 هزار پگهار مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته هونڊا ڪمپني 31 هزار ڏئي ٿي ۽ مٿان ڏنڊ هڻي پگهار جو اڌ حصو ڪٽي ٿي. احتجاج دوران ڪمپني انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بدران پوليس کي گهرايو، ۽ پورهيتن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته ملازمن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ ۽ نوڪريون ختم ڪرڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون ويون. پورهيتن الزام هنيو ته ايڇ آر عملدار شهباز رانگڙ، نثار راهمون، هوت خان، شاهزيب جهلڻ ۽ وجي ڪمار الائونس ۽ پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جيڪا ڪرپشن آهي. ملازمن جو چوڻ آهي ته انتظاميا سندن کاڌ خوراڪ بند ڪري ڇڏي آهي، پر هو ڪنهن به صورت ۾ احتجاج ختم نه ڪندا. هو مطالبو ڪن ٿا ته سرڪاري پاليسي تحت بيسڪ پگهار وڌائي، سمورا الائونس بحال ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

  1. فوتگي جي موڪل تي لاش جي تصوير جو شرط، ملازمن جي تذليل

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون ۾ هُونڊا ڪمپني جي زيادتين جو سلسلو وڌي ويو، پورهيتن موجب معمولي غلطي تي هڪ هزار رپيا ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙن کان 2 هزار تائين پينلٽي هڻي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب پورهيتن جي اڌ کان وڌيڪ پگهار ختم ٿي وڃي ٿي. شادي، خوشي، غمي يا ايمرجنسي موڪل لاءِ به پورهيتن کي سخت تڪليف ڏني وڃي ٿي، موڪل لاءِ گيٽ پاس وٺڻ وقت فوتگي جي صورت ۾ لاش جي تصوير اماڻڻ جو شرط رکيو ويو آهي، جڏهن ته شادي جي موڪل لاءِ به تصويرون گهرجن ٿيون، جيڪا پورهيتن جي تذليل آهي.  معمولي ڳالهه تي ڏنڊ هڻڻ، موڪل نه ڏيڻ ۽ گيٽ پاس تي پابنديون سندن روزگار سان سنگين راند آهي. احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو انگ هڪ هزار ٻڌايو وڃي پيو، جيڪي 36 ڪلاڪن کان مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال تي آهن. ملازمن الزام هنيو آهي ته ڪمپني جي ايڇ آر اسٽاف کين کاڌو، پاڻي ۽ راشن به بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته احتجاج ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ بليڪ لسٽ ڪري نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پورهيتن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هن اڻبرابري، تذليل ۽ غيرقانوني ڪٽوتي بابت فوري نوٽيس وٺي مزدورن سان انصاف ڪيو وڃي.

  1. ٿرڪول بلاڪ ون تي ٻئي ڏينهن به ڪم بند، مائننگ متاثر

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون تي ڊرائيورن، فلينگ مين، گرينڊر آپريٽر، لوڊر آپريٽر ۽ ٻين پورهيتن جي احتجاج سبب ٻئي ڏينهن به ڪم بند رهيو، جنهن ڪري ڪوئلي جي مائننگ سميت سمورو ڪم ڪار متاثر ٿي ويو آهي. احتجاج سبب ڊمپرن سميت سڀئي گاڏيون بيهجي ويون آهن، جنهن ڪري مائننگ واري عمل مڪمل طور معطل آهي. پورهيتن جي مسلسل هڙتال سان ٿرڪول جو آپريشن شديد متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته انتظاميا ۽ مزدورن وچ ۾ تڪرار برقرار آهي.

  1. ٿرڪول بلاڪ ون تي پگهار 31 هزار، بلاڪ ٽو ۾ 41 هزار

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون ۾ هُونڊا ڪمپني پورهيتن کي رڳو 31 هزار پگهار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڪمپني بلاڪ ٽو ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي 41 هزار پگهار ملي ٿي، جيڪا سڌي طرح مزدورن سان ناانصافي آهي.  پورهيتن جو چوڻ آهي ته بلاڪ ون جي انتظاميا سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل 40 هزار بيسڪ پگهار واري پاليسي تي عمل نه پئي ڪري، جڏهن ته بلاڪ ٽو ۾ ساڳي ڪمپني اهو قانون مڃي رهي آهي. ملازمن جو احتجاج جاري آهي ۽ هو مطالبو ڪري رهيا آهن ته بلاڪ ون جي پورهيتن لاءِ به ساڳيون پگهارون مقرر ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج وڌيڪ سخت ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.