ميڊيا ريٽنگ ۾ بدترين بحران،اينڪر فارغ

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ميڊيا ريٽنگز جي سنگين بحران جو شڪار آهي، ۽ هن صورتحال ۾اينڪر جي شخصي اثر کان نجات حاصل ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي۔اميد آهي ته جلد ميڊيا پڻ انفرادي ملڪيت کان پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنين جي ماڊل ڏانهن منتقل ٿيندي،۽ ان صورت ۾ هڪ نئون ميڊيا ماڊل سامهون ايندو، جيڪو اصل ۾ پهرين ڏينهن کان ئي هجڻ گهرجي ها۔جنهن تي شهيد ارشد شريف جي بيواهه جويريا صديق لکيو ته فواد ڀائي!ميڊيا ۾ مالي بحران ناهي۔ چينلن  جا مالڪ امير آهن ۽ اربين رپين جا سرڪاري ۽ پرائيويٽ اشتهار کڻي رهيا آهن،هن چيو ته جيڪڏهن ڪا مشڪل هوندي آهي ته اهو نوڪري ڪندڙ اينڪر يا رپورٽر تي اثر انداز ٿئي ٿو، مالڪن تي نه۔ريٽنگ ڇو گهٽيون آهن، اهو سڀئي ڄاڻن ٿا۔۽ توهان جو جيڪو نئون ميڊيا ماڊل جو تجويز آهي، اهو هڪ بهترين ۽ اهم تجويز آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.