اردن جي بادشاهه جو جي آءِ ڊي ايس جو دورو، پاڪ فوج جي مشقن جو جائزو

راولپنڊي (م ڊ) اردن جي بادشاهه عبدالله ٻئي راولپنڊي ۾ جي آءِ ڊي ايس جو دورو ڪيو۽ پاڪ فوج جي فائر اينڊ منور ايڪسرسائز جو معائنو ڪيو، گڏوگڏ شاهه عبدالله ٻئي آرمي چيف کي آرڊر آف ملٽري ميرٽ فرسٽ ڊگري سان به نوازيو. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب، شاهه عبدالله ٻئي گلوبل انڊسٽريل اينڊ ڊفينس سلوشنز (جي آءِ ڊي ايس) جو دورو ڪيو، فيلڊ مارشل عاصم منير سندس آجيان ڪئي، کيس پاڪستاني دفاعي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني. بادشاهه عبدالله ٻئي ٽلا فيلڊ فائرنگ رينجز جو دورو به ڪيو، ان دوران وزيراعظم شهباز شريف به فيلڊ فائرنگ رينج ۾ موجود هو جڏهن ته آذربائيجان جو دفاعي صنعت وارو وزير به شريڪ هو. بادشاهه عبدالله ٻئي فائر اينڊ منور ايڪسرسائز جو معائنو ڪيو، گڏيل مشق ۾ روايتي ۽ فضائي فائر پاور ۽ جديد ڊرون ٽيڪنالاجي جو مظاهرو ڪيو ويو، شاهه عبدالله ٻئي پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ تربيت تي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بادشاهه عبدالله ٻئي جي آمد پاڪ-اردن دوستي جي مضبوطي جو ثبوت آهي، گڏوگڏ پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.