صدر زرداري اردن جي بادشاهه کي نشان پاڪستان سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري اردن جي بادشاهه عبدالله ٻئي کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان سان نوازي ڇڏيو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ اردن جي بادشاهه عبدالله ٻئي کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ايڊمرل نويد اشرف شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ سفير به ان موقعي تي موجود هئا. صدر آصف علي زرداري بادشاهه عبدالله ٻئي کي اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏنو. بادشاهه عبدالله ٻئي کي اعزاز ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ، علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.