اسلام آباد(منصور علي خان)سما ٽي وي مان ٻن اينڪرن نجم سيٺي ۽ افتخار محمد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،نجم سيٺي ته دنيا نيوز چئنل جوائن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر افتخار محمد اڃا تائين ڪنهن نئين چئنل ۾ ناهي ويو،هڪ استعيفيٰ ڏيندڙ ٻڌايو ته سما ٽي وي ۾ انتظاميا بغير ٻڌائڻ جي اسان جي پگهارن ۾ ٽيڪس ڪٽوتي ڪري پوءِ پگهار ڏني ٻيو سبب اهو آهي ته انتظاميا پاران ٽاڪ شوز ۾ سينسرشپ شروع ڪئي وئي،اسان کي چيو ويو ته فلاڻي ڳالهه ڪرڻي آهي فلاڻي نه،ڪنهن جو نالو وٺڻو آهي ڪنهن جو نه،ان ڪري اداري سان گڏ هلڻ ممڪن نه هو،ان کان علاوه گذريل ڏينهن ۾ هڪ ڊائريڪٽر نيوز به استعيفيٰ ڏني هئي،ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اداري مان وڌيڪ استعيفائون اچي سگهن ٿيون
-
وزيراعظم شهباز شريف پاران اڄ ڪراچي جي دوري جو امڪان
اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ ڪراچي جي دوري جو امڪا آهي. وزيراعظم ڪراچي جو دورو ڪري نئين اپ گريڊ ٿيل شاليمار ايڪسپريس جو افتتاح ڪندو. شهباز شريف ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تان نئين سروس جو افتتاح ڪندو. ريلوي واري وزارت طرفان شاليمار ايڪسپريس جي افتتاح ۽ وزيراعظم جي ڪراچي آمد جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.