اسلام آباد(بيورو)فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ( فافن)پارليامينٽ تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ آئيني ترميم ۾ ملڪي سطح تي “نظرانداز ٿيل” مقامي حڪومتن جي نظام کي حقيقي طور آئين جي آرٽيڪلن 7، 32 ۽ 140-A جي روح مطابق مضبوط ڪيو وڃي. فافن پنهنجي نئين پاليسي بريف “Devolution in Practice: Ensuring Effective and Accountable Local Governments in Pakistan” ۾ اهو اجاگر ڪيو آهي ته صوبن ۾ اختيارن جي منتقلي بابت آئيني تقاضا مڪمل طور لاڳو نه ٿيڻ سبب مقامي حڪومتون بدستور ڪمزور آهن۔ 18هين آئيني ترميم صوبن کي وڏي حد تائين بااختيار بڻايو، پر صوبن اهو ئي اختيار مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل نه ڪيو، جنهن ڪري سياسي، انتظامي ۽ مالي خودمختياري حاصل نه ٿي سگهي۔فافن زور ڏنو آهي ته مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صرف طريقيڪار تبديل ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن کي رياستي ڍانچي جي هڪ مستقل ۽ خودمختيار ٽيئر طور آئيني سطح تي تحفظ ڏيڻ ضروري آهي۔ ان مقصد لاءِ فافن هيٺيان اهم سُڌارا تجويز ڪيا آهن:بروقت مقامي چونڊون ۽ خاطريون،آئين ۾ مقامي حڪومتن جو مدو واضح طور چٽو ڪيو وڃي۔چونڊون مدت پوري ٿيڻ يا نظام ٽوڙجڻ کان 60–90 ڏينهن اندر لازمي ڪرائڻ جو آئيني پابند شرط مقرر ڪيو وڃي، جيئن عام چونڊن لاءِ آهي۔مقامي حڪومتن جا قانون چونڊن کان اڳ رد يا منسوخ نه ڪري سگهجن۔ڪابه زير التوا ترميم چونڊون ملتوي يا منسوخ ڪرڻ جو سبب نه بڻجي۔هارين، مزدورن، نوجوانن جي تعريف، اميدوارن جون اهليتون/نائيليون، جماعت يا غير جماعت بنيادن تي چونڊون، ۽ سڌي/غيرسڌي ووٽنگ جا تفصيل اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ شامل ڪيا وڃن، سڀني صوبن ۾ اختيارن جو هڪجهڙو معيار،بنيادي تعليم، بلدياتي خدمتون ۽ ميونسپل ذميواريون مقامي حڪومتن کي لازمي طور منتقل ڪيون وڃن،مالي خودمختياري جي ضمانت مقامي حڪومتن کي ٽيڪس ۽ مقامي آمدنيون گڏ ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏنا وڃن۔صوبائي فنانس ڪميشن ذريعي شفاف ۽ فارمولا بنياد منتقليون يقيني بڻايون وڃن۔شهري احتساب فورمز ذريعي ترقياتي ترجيحن ۽ نگراني جو نظام مضبوط ڪيو وڃي۔