عمران خان جي سياسي فيصلن ۾ به بشريٰ بي بي جو هٿ رهيو: عمران اسماعيل

 ڪراچي ( رپورٽر )پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي گونر عمران اسماعيل چيو آهي ته ذاتي زندگي سان گڏ پي ٽي آءِ باني جي سياسي فيصلن ۾ به بشريٰ بي  بي جو گهڻو هٿ رهيو هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو رهيو آهي ته هو بشريٰ بي بي کي مرشد مڃي ٿو هن چيو ته جهانگير ترين جي موجودگي ۾ ڪارا ڪپڙا ۽ جادو واري ڳالهه ٿي هئي مون کي ناهي پتو ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ باني سان سڌي ڳالهه  ڪئي يا نه حلف کان اڳ رات 3 وڳي نعيم الحق عون چوڌري سان مليو ۽ ان چيو ته هاڻي تقريب ۾ نه اچو. عمران اسماعيل چيو ته باجوا چيو هو ته پي ٽي آءِ باني بيگم جي وڌيڪ ٻڌي ٿو جادو واري ڳالهه ناهي ڪئي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته گورننگ جي جاب بورنگ آهي بڻجندا مان چيو ته گورنر بڻجي ويندس .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.