جبري گمشدگين ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن وارو سلسلو آخر ڪڏهن بند ٿيندو؟

سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن وارو  سلسلو  گهڻي وقت کان هلندڙ آهي، جيڪو رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي نوجوان نه رڳو کنڀي گم ڪيا ويا آهن پر بدقسمتي سان ان مان ڪن کي مٿن سخت تشدد ڪري بيدردي سان قتل به ڪيو ويو آهي، جيڪو غير قانوني عمل ته آهي ئي پر اهو قدم انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي به آهي. ڇاڪاڻ ته قانون مطابق ڪنهن به شخص  کي ڪنهن به الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ان کي چوويهه ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻو هوندو آهي ۽ عدالت مٿس لڳايل الزامن جي نوعيت کي ڏسندي پوليس کي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ ريمارنڊ ڏيندي آهي جيڪو  مجموعي طور ٻن هفتن تائين جو مدو هوندو آهي، ان دوران جيڪڏهن پوليس جوابدار تي لڳايل الزامن ۾ ڪي ثبوت هٿ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته ان سان  جوابدار تي داخل ڪيل ڪيس مضبوط ٿيندو آهي نه ته جج، جوابدار کي جيل موڪلي ڇڏيندو آهي ۽ اهڙي طرح اهو ڪيس عدالتن جي حوالي ٿي ويندو آهي.

ماضي ۾ به سياسي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو رهيو آهي، پر ان دور ۾ چاهي اهو جمهوري هجي يا مارشل لا وارو، ڪرمنل ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ فرق رکيو ويندو هو، جتي جيل ۾ کين اخبارون پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ ،خط و ڪتابت ذريعي ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ ملاقات جي به اجازت هوندي هئي ۽ کين حاضرين تي عدالت ۾ پڻ آندو ويندو هو، اهو سلسلو ماضي جي بدترين مارشل لا جي دور ۾ به جاري رهيو پر گذريل ڪجهه سالن کان هڪ خطرناڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جتي ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃي  ڏينهن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا ۽ سالن کان گم ڪيو وڃي ٿو. جن تي سندن وارثن سميت ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي هوندي ته اهي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪنهن جي حراست ۾ آهن ۽ مٿن ڪهڙو الزام آهي. جڏهن ته ماضي ۾ ڪنهن سياسي ڪارڪن توڙي اڳواڻ کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ واڙيو ۽ عدالتن ۾ رلايو ويندو هو، جنهن کي اسان غير اخلاقي عمل ته چئي سگهون ٿا پر اهو ڪنهن حد تائين قانوني هو، يا کڻي ائين چئجي ته قانون جو غلط استعمال ڪيو ويندو هو، پر هاڻ ته صورتحال ان جي بنهه ابتڙ ۽ ڀيانڪ ٿي وئي آهي جو ڪنهن کي قتل ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻايو وڃي ٿو.

تازو ڳڙهي خيرو جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ رڳو هڪ هفتي اندر ٽي نوجوان مبينا طور کنڀي گم ڪيا ويا آهن، خبر موجب سنڌ يونيورسٽي جي ايم ايل ٽي شعبي جو نوجوان سيد عباس شاهه، جيڪو ڊينگي جي علاج لاءِ لاڙڪاڻي ويل هو، سندس وارثن موجب ته ان جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي، پر تنهن هوندي به کيس اسپتال مان خانگي ڪپڙن وارا ماڻهو اچي کنڀي کڻي ويا. هڪ بيمار شاگرد کي اسپتال مان کنڀيو ويو؟ ڇا بنا ثبوت  بنا وارنٽ ڪنهن کي کنڀڻ واري عمل کي سٺو عمل چئي سگهجي ٿو؟ ساڳي ڏينهن لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال مان نوجوان فرمان بروهي کي به کنڀيو ويو آهي، جنهن لاءِ معلوم ٿيو آهي ته سندس کنڀجڻ جي خبر پوڻ تي سندس ڀيڻ صدمي ۾ فوت ٿي وئي آهي.

انهيءَ ئي تسلسل ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جو پاس آئوٽ نوجوان عبدالقدير عمراڻي کي ڀٽائي نگر ۾ ڪاليج مان موڪل بعد ٻاهر نڪرندي کنڀيو ويو. نوجوان وطن جي مستقبل جا امين هوندا آهن، جيڪا حڪومت پنهنجي نوجوانن کي تحفظ نٿي ڏئي، اها نه ترقي ڪري سگهي ٿي، نه عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي تاريخ ڪيترن ڏکن سان ڀريل آهي پر جبري گمشدگين وارو سلسلو نهايت ئي ڏکوئيندڙ ۽ ڳڀير مسئلو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو يا قوت واقعي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ته پوءِ اها قانوني طريقي سان ڪنهن به شڪي ماڻهو خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪري؟ ڇو ڪنهن جي گهر جو دروازو اڌ رات جو ٽوڙي اندر گهڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته  ان ماڻهو کي ڏينهن جو به گرفتار ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو؟اسان جي عدالتن، اسان جي سياستدانن ۽ اسان جي حڪمرانن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ غير لاقانوني ڪارروائين جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ۽  لاقانونيت جو وڌندڙ لاڙو رڪجي سگهي.

سنڌ جا ماڻهو انصاف جو مطالبو ڪن ٿا، ڪا بغاوت نٿا ڪن. اهي چاهين ٿا ته کين ٻڌو وڃي، سندن ڳوڙهن جو قدر ڪيو وڃي. جنهن ملڪ ۾ عوام جي دانهن ڪنهن تائين نه پهچي، اها حڪومت پنهنجو وجود پاڻ ڪمزور ڪندي آهي. اسان جا شاگرد، اسان جا استاد، اسان جا والدين، اسان جا سياسي اڳواڻ ۽ سماجي تنظيمون سڀ بار بار هڪڙي ڳالهه چئي رهيا آهن ته”جيڪڏهن ڪنهن ڪو ڏوهه آهي ته  کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي“  جيڪو جائز ۽ قانون پٽاندڙ مطالبو آهي پر افسوس ته ان جو جواب سدائين منفي مليو آهي. جيڪڏهن ادارا واقعي ملڪ کي محفوظ ۽ مضبوط رکڻ چاهين ٿا ته پوءِ شفافيت، قانون ۽ انساني حقن جي پاسداري سان ئي ملڪ محفوظ ٿي سگهي ٿو. ڪنهن کي بنا ڪنهن ڪيس جي کنڀي گم ڪرڻ سان ملڪ  هرگز نه ته محفوظ بڻجي سگهي ٿو ۽ نه ئي مضبوط. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته  جڏهن توهان ڪنهن قوم کي انصاف کان محروم ڪريو ٿا،  ته پوءِ توهان ان کان امن جي اميد به نٿا ڪري سگهو. جڏهن قانون ڪجهه ماڻهن لاءِ طاقتور ۽ ڪجهه ماڻهن لاءِ ڪمزور بڻايو ويندو آهي ته تڏهن ان جا  نتيجا به خطرناڪ سامهون ايندا آهن. ان لاءِ هڪ رياست، هڪ قانون ۽ هڪ جهڙو انصاف  ئي بهتر رستو آهي. ان کان سواءِ ڏاڍ ۽ جبر رستو تباھي ڏانهن ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.