دولت ۽ خوشحالي يا اونداهين ڏانهن سفر

تحرير: رفيق پٽيل

هن وقت پاڪستان ۾ ستاويهين آئيني ترميم جي تيزيءَ سان منظوري وڏي گفتگوءَ جو موضوع بڻيل آهي. شروعات ۾ ئي اڪثر پارليامينٽ ميمبرن کي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي. مبصرن مطابق سڄي ترميم جو مقصد ڪنهن هڪ يا ٻن بااثر شخصيتن کي مخصوص اختيار ۽ تاحيات قانوني تحفظ ڏيڻ آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ جي ڪاروباري شخصيت ۽ سينيٽر فيصل واوڊا،  جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو بااثر حلقن جو ترجمان آهن، جو چوڻ آهي ته هن کان پوءِ اٺاويهين آئيني ترميم به ايندي، جيڪا به ظاهر آهي ته ساڳئي نوعيت جي هوندي. اپوزيشن جي خيال ۾ هن ترميم کان پوءِ جمهوريت فقط ڏيکاءَ لاءِ بچي آهي، اصل ۾ جمهوريت ختم ٿي چڪي آهي. عوام جو هن سڀني سان ڪو لاڳاپو ئي ناهي.

دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو اثرائتو طريقو رڳو تڏهن ممڪن آهي جڏهن عوام کي رياستي فيصلن ۾ شريڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي معاشي سرگرمين ۾ فعال بڻايو وڃي. هي ڳالهه دانشمندي جي ابتڙ آهي ته پاڪستان جي عوام جي خوشحالي اهڙين آئيني ترميمن ۽ غيرنمائنده پارليامينٽ جي حڪمراني سان ممڪن ٿيندي. حڪمران خوشحالي جي دعويٰ ڪن ٿا، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. في الحال ته ڪا به خوشحالي نظر نٿي اچي. گذريل دور جي حڪمرانن به اهڙي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن تي عوامي شاعر حبيب جالب چيو هو:

وہی حالات ہیں فقیروں کے

دن پھرے ہیں فقط وزیروں کے

سازشیں ہیں وہی خلاف عوام

مشورے ہیں وہی مشیروں کے

اڄ جي جديد دور ۾ ترقي يافته ملڪن جي تجربي ۽ سماجي، معاشي علم جي ماهرن جي راءِ مطابق جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ عوام کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ حقيقي جمهوريت اختيار ڪئي وڃي، ته هر غريب ملڪ خوشحاليءَ جي راهه تي هلي سگهي ٿو. پاڪستان لاءِ به اهو ناممڪن ناهي. بالادست طبقو جيڪڏهن جديد تحقيق ۽ ترقي يافته جمهوريتن جي تجربن مطابق رستو اختيار ڪري، ذاتي مفادن بدران اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏئي ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ جي عالمي معيار جي حڪمت عملي لاڳو ڪري، ته پاڪستان کي خوشحال ۽ طاقتور ملڪ بڻائي سگهجي ٿو.

ان سلسلي ۾ پهريون قدم ملڪ ۾ موجود تيز رفتاري سان وڌندڙ اخلاقي زوال ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ آهي. عوام جي شموليت سان معاشي سرگرميون تيز ٿين ته غربت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، هر شهري جي آمدني ۾ به ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح عوام جي ڀرپور مدد ۽ شموليت سان دهشتگردي ۽ ڏوهن تي به مؤثر ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي، جيڪا ڪنهن به طرح فقط ڪتابي ڳالهه ناهي، پر جديد تحقيق مطابق مڪمل طور عملي آهي. اڄ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عام رسائي سبب ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، جنهن سان هي سڀ ڪجهه ممڪن بڻجي سگهي ٿو.

بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾مايوسي اهڙي طرح پکڙجي وئي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن کي چيو وڃي ته پاڪستان ۾ دولت جي هلچل ٿي سگهي ٿي ۽ هر ماڻهو خوشحال ٿي سگهي ٿو، ته اهو ان ڳالهه کي مذاق سمجهي ٽهڪ ڏيندو. پر سچي ڳالهه اها آهي ته جديد تحقيق جيڪو ٻڌائي ٿي، اهو حيرت انگيز حد تائين اميد افزا آهي. پاڪستان لاءِ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ وڌيڪ شدت آئي آهي. ملڪ جي طاقتور اداري جي ڊگهي عرصي کان سياست ۾ مداخلت سبب جمهوريت ڪمزور ٿي آهي. ٻئي پاسي بدعنواني ۽ مهانگائي سبب پيداوار جي لاڳت مسلسل وڌي رهي آهي، جيڪا صنعت ۽ تجارت لاءِ وڏي رڪاوٽ آهي. پاڙيسري ملڪن سان تڪرار، بيروزگاري، غربت، وڌندڙ آبادي ۽ ماحولياتي گندلاڻ جهڙا مسئلا پڻ وڏا چئلينج بڻيل آهن، جن سبب قوم ۾ مايوسي ۽ مستقبل بابت غير يقيني وڌندي پئي وڃي.

ملڪي بالادست طبقن جي آمادگي ئي اهو پهريون شرط آهي، جيڪو تقريبن سڀني قومي مسئلن جو حل آهي. انهن کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته ڪنهن به ملڪ ۾ تيز معاشي سرگرميون تڏهن جنم وٺن ٿيون، جڏهن قيادت ايماندار هجي، دولت ۽ عهدن جي لالچ کان پاڪ هجي. آمريت ڪنهن به ملڪ کي وڏي جيل بڻائي ڇڏيندي آهي، عوام جي کيسيءَ تي حملو ٿيندو آهي، ۽ خوشحاليءَ جو سفر ناممڪن بڻجي ويندو آهي. خوشحال ملڪ اهو ماحول مهيا ڪن ٿا، جتي ماڻهو بي خوف ٿي پنهنجي قابليتن ۽ محنت سان ملڪ کي مالامال ڪن ٿا. انهن ملڪن ۾ آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين ٿيون، آزاد عدليه هوندي آهي، جيڪا انتظاميا جي غلطن ۽ بدعنواني کي روڪيندي آهي.

عالمي تحقيق مطابق پاڪستان ۾ به هڪ اهڙي مربوط حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي، جنهن سان جمهوريت مضبوط ٿئي، شفافيت وڌي، احتساب جو مؤثر نظام قائم ٿئي، عوام کي بااختيار بڻايو وڃي، آزاد قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ۽ اهڙو انصاف جو نظام هجي جنهن ۾ بااثر کان بااثر ماڻهو به سزا کان نه بچي سگهن.ترقياتي منصوبا عوام اڳيان کليل هجن، هر اداري ۾ ڀرتي ۽ ترقي صرف قابليت جي بنياد تي ٿئي، ڏوهن جي نشاندهي ڪندڙ شهري لاءِ انعام رکيا وڃن، ميڊيا آزاد هجي، سول سوسائٽي سرگرم هجي ۽ غيرقانوني طريقي سان ملڪ کان ٻاهر سرمائي جي منتقلي روڪي وڃي. هي سڀ تفصيلي رپورٽون انٽرنيٽ تي موجود آهن. شرط فقط اهو آهي ته حڪمران ذاتي مفادن کان مٿاهان ٿي، نيڪ نيتي سان عمل ڪن ۽ وڌندڙ مايوسي کي روڪين. ٻي صورت ۾، جيڪڏهن اسان اونداهين ۾ ڀٽڪندا رهيسون ته تباهي کان ڪيئن بچي سگهنداسين؟

ملڪ ۾ تيز معاشي سرگرميون تڏهن جنم وٺن ٿيون، جڏهن قيادت ايماندار هجي، دولت ۽ عهدن جي لالچ کان پاڪ هجي. آمريت ڪنهن به ملڪ کي وڏي جيل بڻائي ڇڏيندي آهي، عوام جي کيسيءَ تي حملو ٿيندو آهي، ۽ خوشحاليءَ جو سفر ناممڪن بڻجي ويندو آهي. خوشحال ملڪ اهو ماحول مهيا ڪن ٿا، جتي ماڻهو بي خوف ٿي پنهنجي قابليتن ۽ محنت سان ملڪ کي مالامال ڪن ٿا. انهن ملڪن ۾ آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين ٿيون، آزاد عدليه هوندي آهي، جيڪا انتظاميا جي غلطين ۽ بدعنواني کي روڪيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.