آمريڪي ۽ اسرائيلي منصوبي سازن جون ايران جي طاقت جو اندازو لڳائڻ ۾ غلطيون

نيو يارڪ (عوامي آواز رپورٽ) نامياري تجزئي نگار اعجاز حيدر هڪ آن لائن ولاگ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته وچ اوڀر هن وقت هڪ اهڙي موڙ تي آهي جتي آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران جي طاقت ۽ جاگرافيائي اهميت جو اندازو لڳائڻ ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهن.  آمريڪي منصوبا ساز هي جنگ عقلي چونڊ جي بنياد تي وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيل ۽ پينٽاگون جا ڪجهه عهديدار ان کي مذهبي ۽ وجودي بقا جي جنگ سمجهن ٿا. جڏهن ڪو ملڪ جنگ کي مذهبي فرض سمجهي ته هو ڪنهن به حد تائين نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. آمريڪا ايران جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت (ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول) کي مفلوج ڪرڻ لاءِ سائبر ڪمانڊ جو استعمال ڪري رهيو آهي، پر ايران پڻ اسٽڪس نيٽ کانپوءِ پنهنجي سائبر دفاع کي عالمي سطح تي مضبوط ڪيو آهي. ايران پنهنجا سستا ڊرونز ۽ پراڻا ميزائل استعمال ڪري اسرائيل جي مهانگي دفاعي نظام (آئرن ڊوم، ٿاڊ) کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. دفاعي انٽرسيپٽرز جو ذخيرو ختم ٿيڻ سان اسرائيلي فضائون ايران جي  جديد ميزائلن لاءِ کليل هونديون. ايران پنهنجي فوجي ڪمانڊ کي منتشر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي فيلڊ ڪمانڊرن کي پاڻ فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي، جنهن جو مطلب آهي ته مرڪزي قيادت کي نشانو بڻائڻ سان به ايراني مزاحمت ختم نه ٿيندي. جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز کي بند رکي ٿو ته تيل جي قيمت 100 ڊالر کان مٿي ويندي ۽ عالمي گئس ”ايل اين جي“ جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيندو، جنهن جو سڌو اثر يورپي معيشت تي پوندو. ايران جو رقبو پاڪستان کان ٻيڻو ۽ جبلن تي ٻڌل آهي. اعجاز حيدر موجب، رڳو فضائي برتري سان ايران کي شڪست ڏيڻ ناممڪن آهي، ۽ زميني جنگ جي قيمت موجوده دنيا برداشت نه ڪري سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.