اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عالمaي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ تيل اگهن کي ڏسندي جائزي لاءِ 18 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو. ڪميٽي ۾ پيٽروليم وزير، توانائي وارو وزير، ناڻي وارو مملڪتي وزير، مختلف وزارتن جا سيڪريٽري، اسٽيٽ بينڪ گورنر، ايف بي آر چيئرمين، اوگرا چيئرمين ۽ ٻيون اختياريون شامل هونديون. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جنگ سبب پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺندي ۽ تيل جي فراهمي ۽ اگهن تي مسلسل نظر رکندي. ڪميتي تيل فراهمي متاثر نه ٿيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندي ۽ ڊگهي جنگ جي صورت ۾ معاشي اثرن جو به جائزو وٺندي.