ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جنگ سبب سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سخت ٻاڙائي ٿي وئي. ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج جو سينسيڪس 1291 پوائنٽون گهٽجي 79995 ٿي ويو ۽ نفٽي ففٽي 416 پوائنٽون گهٽجي 24761 آهي. هوڏانهن جاپان اسٽاڪ مارڪيٽ 1.9 سيڪڙو ۽ ڪورين اسٽاڪ مارڪيٽ 2 سيڪڙو ڪري پئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات سخت ٻاڙائي سان ٿي، جتي 100 انڊيڪس ۾ 15 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. وچ اوڀر جي صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ سون جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي. برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 5.79 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي ريت ڪچي تيل جي قيمت 4.22 ڊالر وڌي 77.09 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل جي قيمت 100 ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي.