آمريڪا طاقت ذريعي امن ڪرائڻ تي بضد، نار ملڪن طرفان حملي تي شاهن جا محل نشانو هوندا: ايران

رياض/تهران/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته آمريڪا 28 فيبروري رات 9 لڳي 45 منٽن تي ايران تي حملو ڪيو، جيڪو اسرائيلي فوج سان گڏيل آپريشن هو ۽ ان ۾ مختلف فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو. سندس چوڻ هو ته مقصد ايران جي حملي جي صلاحيت ختم ڪرڻ آهي، جڏهن ته مڪمل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هي ڪو سولو مرحلو ناهي. آپريشن ۾ فوج جي سڀني شاخن حصو ورتو ۽  وڌيڪ فوتگين لاءِ تيار رهڻ گهرجي.  پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي جنرل ڊين ڪين دعويٰ ڪئي ته ايران مٿان فضائي برتري حاصل ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هزار هدفن تي حملا ڪيا ويا ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام، بيلسٽڪ ميزائل سائيٽن ۽ ٻين تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو. پينٽاگون خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر اهڙيون سرگرميون شروع ڪيون ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، پيٽاگون چيو ته ايران بم ۽ ميزائل ٺاهڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، ايران جي اڳواٽ حملي جو خطرو نه هو. آمريڪي عملدارن چيو ته امن طاقت ذريعي قائم ڪري سگهجي ٿو.  نار سهڪار ڪونسل جي وزارتي ڪونسل جو هنگامي وڊيو ڪانفرنس اجلاس بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف الزياني جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايران پاران نار ملڪن ۽ اردن تي ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ڪونسل ايران پاران 28 فيبروري 2026 تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، بحرين، عمان، قطر، ڪويت ۽ اردن تي ڪيل حملن کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته جي سي سي جي ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو سمورن رڪن ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. ميمبر ملڪن پنهنجي دفاع لاءِ گڏيل طور تي اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت، نار ملڪن پنهنجي خود مختياري ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ ايران کي جوابي ڪارروائي ذريعي جواب ڏيڻ جو قانوني حق محفوظ رکڻ جو اعلان ڪيو. نار ملڪن افسوس جو اظهار ڪيو ته سندن يقين ڏيارڻ باوجود (ته سندن زمين ايران تي حملي لاءِ استعمال نه ٿيندي) ايران شهرين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. سلامتي ڪونسل کان مطالبو ڪيو ويو ته ايران کي انهن حملن کان روڪڻ لاءِ فوري ۽ مضبوط موقف اختيار ڪري، ڇاڪاڻ ته هن خطي جي بدامني سان عالمي توانائي جي مارڪيٽ ۽ سامونڊي گذرگاهن کي سخت خطرو آهي. هوڏانهن ايراني فوجي ذريعن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به عرب ملڪ جي سرزمين تان ايران تي حملو ٿيو ته ان جو جواب لاڳاپيل ملڪن جي حڪمرانن جي محلن کي نشانو بڻائي ڏنو ويندو. هي بيان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ نار ملڪن جي ايران مخالف بيانن کانپوءِ سامهون آيو آهي. ٻئي طرف، تهران جي مرڪزي علائقي ۾ واقع صوبائي ايمرجنسي سروسز جي عمارت تي اسرائيلي ميزائيل حملو ٿيو آهي. ايراني خابرو اداري تسنيم موجب حملي ۾ عمارت کي سخت نقصان پهتو آهي.  ايمرجنسي کاتي جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.  ترجمان موجب، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.