آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت دنيا کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي رهي آهي :اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اياز لطيف پليجي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪي توڙي عالمي صورتحال جو جائزو وٺندي ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ايران تي حملي جي مذمت ڪندي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي جي شهادتتي گaهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت دنيا کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي رهي آهي. سمورن ضلعن جون باڊيون ٽوڙي نوان آرگنائيزر مقرر ڪيا ويا آهن. مرڪزي اليڪشن 21 جون تي حيدرآباد ۾ ٿيندي . ڪراچي ڊويزن لاءِ منان شيخ (آرگنائيزر) ۽ فياض اتيرو (سيڪريٽري) کي مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏ سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ ذيلي تنظيمن (سنڌياڻي تحريڪ، ايس ايس ٽي، مزدور تحريڪ وغيره) جا نوان عهديدار پڻ چونڊيا ويا. اپريل کان جون تائين سڄي سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن ۽ بدامني خلاف سنڌ بچايو پيادل مارچ ڪيا ويندا. مئي ۾ گهارو ۾ تعليمي ورڪشاپ ٿيندو ۽ جون کان سڄي سنڌ ۾ نئين ميمبرشپ مهم شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.