آمريڪا ۾ ايران جنگ جي مخالفت، ٽرمپ انتظاميا ۾ اختلاف

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ ايران سان جنگ جي مخالفت وڌي رهي آهي، جتي هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي پنهنجي سخت حمايتي ’ماگا‘گروپ پڻ مٿس تنقيد شروع ڪري ڏني آهي. ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ايرڪ پرنس چيو آهي ته هي اسان جي جنگ ناهي پر اسرائيل جي جنگ هئي، جنهن  ۾ آمريڪا کي به گهليو ويو آهي. ٽرمپ انتظاميا کي پنهنجي ئي صفن مان سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حمايتين جو خيال آهي ته آمريڪا کي ٻاهرين جنگين کان پري رهڻ گهرجي. آمريڪي سياسي حلقن ۾ ايران سان ڇڪتاڻ کي ملڪي مفادن جي خلاف قرار ڏنو پيو وڃي. ڊيموڪريٽ سينيٽر برني سينڊرز طنز ڪندي چيو ته ٽرمپ گذريل سال چيو هو ته ايران جو جوهري پروگرام ختم ٿي چڪو آهي، پر هاڻي حملي جو جواز جوهري هٿيارن کي بڻايو پيو وڃي. هن ان کي ”هڪ ٻيو ڪوڙ، هڪ ٻي جنگ“ قرار ڏنو. اڳوڻي ڪانگريس وومن مارجري ٽيلر گرين ٽي آمريڪي فوجين جي مارجڻ تي افسوس ڪندي چيو ته اسان جنگين ۽ ’رجيم چينج‘ جي سياست نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. ريپبلڪن اڳواڻ تھامس ميسي جو چوڻ آهي ته ايران تي حملو ’آمريڪا فرسٽ‘ پاليسي جي خلاف آهي ۽ ان لاءِ ڪانگريس کان منظوري نه ورتي وئي هئي. سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جي چيئرمين مارڪ وارنر ايران پاران آمريڪا تي حملي جي ڪنهن به خطري کي رد ڪري ڇڏيو. رائٽرز سروي موجب 43 سيڪڙو آمريڪي شهرين هن حملي جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته صرف 27 سيڪڙو حمايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.