هڪ نوجوان وڪيل ڏاڍي تيز لهجي ۾ مون کان پڇيو: ”توهان ته چوندا هئو ته پاڪستان جو آئين آمريڪا جي آئين کان به بهتر آهي، هاڻي ٻڌايو ته ستاويهين ترميم بعد هن آئين کي ڪنهن ملڪ جو آئين چئي سگهجي ٿو يا نه؟“ هو نوجوان وڪيل اڪيلو نه هو ساڻس ٽي ٻيا وڪيل به هئا، ۽ اهي پارليامينٽ ۾ محمود خان اچڪزئي کي ڳولي رهيا هئا. مان پارليامينٽ هائوس جي لائبريري ڏانهن پيو ويس. اڄڪلهه پارليامينٽ هائوس ۾ عام ڏينهن جهڙو رونق وارو ماحول نه هوندو آهي. ڪارا ڪوٽ پاتل اهي چارئي وڪيل پهرين ماڙ تي مخالف ڌر جي خالي چيمبر آڏو ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان محمود خان اچڪزئي بابت پڇي رهيا هئا، پر جڏهن مون کي ڏٺائون ته اچڪزئي صاحب کين وسري ويا.
مون مرڪي چيو: ”مون کي ٿوري جلدي آهي.“ هڪ وڪيل فوري طور چيائين: ”اسان اوهان جو وقت ضايع نٿا ڪرڻ چاهيون، صرف اهو ٻڌايو ته ڇا اوهان ستاويهين ترميم بعد به پاڪستان جي آئين کي آمريڪي آئين کان بهتر چوندا؟“ مون ٿورو ساهه درست ڪيو ۽ نرمي سان چيو: ”پيارا ڀاءُ، آئين پاڪستان جي شق 38 کي بار بار پڙهو. جيڪا چوي ٿي ته رياست ڪنهن به جنس، ذات يا نسل کان مٿاهون ٿي، سڀني شهريَن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ دولت ۽ پيداوار جا ذريعا ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿيڻ نه ڏيندي. ٻي شق چوي ٿي ته رياست وسيلن مطابق هر شهري کي روزگار فراهم ڪندي. ٽين شق ۾ لکيل آهي ته رياست هر شهري کي سماجي تحفظ ۽ لازمي سوشل انشورنس ڏيندي. چوٿين شق ۾ واضح آهي ته رياست هر شهري کي ماني، ڪپڙو ۽ اجهو مهيا ڪندي.“
مون وڌيڪ چيو: ”جڏهن مان چوان ٿو ته پاڪستان جو آئين آمريڪا جي آئين کان بهتر آهي، تڏهن ساڳي وقت اهو به چوان ٿو ته هن آئين تي عمل نٿو ٿئي. جيڪي شقون طاقتور ماڻهن جي مفادن سان جڙيل آهن، انهن تي ته عمل ٿيندو رهي ٿو. بلڪه انهن جي مفادن لاءِ آئين ۾ بار بار ترميم به ڪئي ويندي آهي. پر جيڪي شقون عام ماڻهوءَ جي ڀلائي لاءِ آهن، انهن تي نه عمل ٿئي ٿو ۽ نه ئي انهن لاءِ ڪا نئين ترميم آندي ويندي آهي.
شڪر آهي ته شق 38 اڃا تائين نه ڇيڙيو ويو آهي.“ ” هڪ شق هئي ته رِبا (وياج) کي ختم ڪيو ويندو، پر ان لاءِ ڪو وقت مقرر نه هو. هج ترميم ۾ مولانا فضل الرحمان صاحب، سينيٽر ڪامران مرتضى ذريعي اها شق شامل ڪرائي ته پهرين جنوري 2028ع تائين رِبا جو خاتمو ٿي ويندو اميد ته ايندڙ وقت ۾ ڪا سياسي جماعت اهڙي ترميم به آڻيندي، جنهن ۾ هر شهري کي ماني، ڪپڙو ۽ اجهو جي فراهميءَ لاءِ وقت جي پابندي مقرر ڪئي وڃي.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي نوجوان وڪيل ٿورو نرم ٿيو ۽ پڇيائين:”پر ٻڌايو ته ستاويهين ترميم کان پوءِ ڇا هي آئين ختم نه ٿي ويندو؟ ڇا صرف هڪ ماڻهوءَ کي جيل ۾ رکڻ لاءِ آئين کي بار بار بدلائڻ ملڪ دشمني نه آهي؟ ڇا اهڙي آئين کي آئين چوڻ، آئين جي توهين نه آهي؟“
مون احترام سان پڇيو: ”جنهن اداري جي عمارت ۾ اوهان مون کان اهو سوال پڇي رهيا آهيو، ان اداري جو نالو ڇا آهي؟“ وڪيل چيو: ”پارليامينٽ. مون ٿوري وڏي آواز ۾ چيو: ”معاف ڪجو، مان هاڻي هن پارليامينٽ کي پارليامينٽ نٿو سمجهان، پر پوءِ به هتي ايندو آهيان، جيئن اوهان به هتي گهمي رهيا آهيو. جنهن آئين کي اوهان آئين نٿا سمجهو، اها ئي پارليامينٽ ان آئين تحت هلي ٿي. تنهن ڪري جن حالتن ۾ اسين زنده آهيون، انهن حالتن ۾ ئي اسان کي بهتر رستو ڳولڻو پوندو.“ نوجوان وڪيل چيو: ”اسان ته محمود خان اچڪزئي کي ڳولي رهيا آهيون، ڇو ته سپريم ڪورٽ ‘محمود خان اچڪزئي بنام رياستِ پاڪستان’ ڪيس ۾ فيصلي ۾ چيو هو ته پارليامينٽ آئين جي بنيادي ڍانچي جي ابتڙ ڪا ترميم نٿي ڪري سگهي. اسان چاهيون ٿا ته اچڪزئي صاحب ان ئي فيصلي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ آئيني درخواست ڏين ته ستاويهين ترميم رد ڪئي وڃي. اوهان اسان کي اچڪزئي صاحب سان ملائي ڇڏيو.“
مون انهن نوجوان وڪيلن جي معصوميت تي مرڪي ڏنو ۽ چيو: ”اچڪزئي صاحب اڳ ۾ به اٺين آئيني ترميم خلاف درخواست ڏني هئي. سپريم ڪورٽ ان تي تاريخي فيصلو ته ڏنو، پر آخرڪار اها ترميم پارليامينٽ پاڻ ريورس ڪئي. اٺين ترميم ذريعي جنرل ضياءَ الحق سڀ اختيار پاڻ وٽ رکيا هئا. سندس وفات کان پوءِ به ڪي ماڻهو ضياءَ بڻجڻ چاهيندا رهيا، پر آخرڪار اَٺارهين ترميم آئين پاڪستان جي اصل ڍانچي کي بحال ڪيو. ارڙهين ترميم خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، جنهن تي 17 مان 13 ججن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ جي ڪا ترميم جمهوريت، وفاقي پارلياماني نظام يا عدليه جي آزاديءَ جي خلاف نه هجي ته سپريم ڪورٽ اهڙي ترميم کي رد نٿي ڪري سگهي. پر جسٽس عظمت سعيد ۽ ٻيا ست جج چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن ڪا ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي سان ٽڪراءُ ۾ آهي، ته سپريم ڪورٽ اها رد ڪري سگهي ٿي.
هاڻي جيڪڏهن اوهان اهو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃو ٿا، ته اها ئي عدالت ٻڌندي، جيڪا ستاويهين ترميم تحت قائم ڪئي وئي آهي ۽ جيڪا في الحال ان ئي آئين جي تحفظ هيٺ آهي، جنهن کي اوهان آئين نٿا مڃو.“ اهي ڳالهيون ٻڌي چارئي وڪيل هڪٻئي ڏانهن معنيٰ خيز انداز ۾ ڏسڻ لڳا مون کين اچڪزئي صاحب جو نمبر ڏنو ۽ هٿ ملايو. پوءِ اڳتي وڌيس. رستي ۾ مان انهن مجوزه آئيني ترميمن بابت سوچيندو ويس، جيڪي ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم جي سامهون پيش ڪيون ويون هيون. مون کي اهو مسودو ڏسڻ جو به اتفاق ٿيو. ان ۾ ڪجهه اهڙيون تجويزون شامل هيون، جيڪي سڌو عام ماڻهوءَ جي مسئلن سان لاڳاپيل هيون. هڪ تجويز اها به هئي ته شق 25-A تحت پنجن کان سورهن سالن تائين هر ٻار کي مفت تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري هوندي، ان عمر کي وڌائي ارڙهن سال ڪيو وڃي. پر اها شق ستاويهين ترميم ۾ شامل نه ڪئي وئي اميد آهي ته اها اٺاويهين ترميم ۾ شامل ڪئي ويندي، ڇو ته اها به تيار آهي. آخر ۾ عرض ايترو ئي آهي ته ڪا هڪ اهڙي ترميم به آڻي ڇڏيو، جنهن تي عام پاڪستاني کي احساس ٿئي ته ”شڪر آهي، هيءَ ترميم ته اسان لاءِ به آئي آهي.“