جتي هي دنيا مادي طاقت جي فخر ۾ بدمست هجي ۽ اقتدار جو محور ميڊيا جي شور ۾ گم ٿي وڃي اهڙي ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ اهڙو انسان اڀري اچي جيڪو سچائي جي طاقت سان وقت جي وڏن وڏن بتن کي جهڪائي ڇڏڻ جي سگھه رکي اهڙي دلير انسان جو نالو ظهران ممداني ئي ٿي سگهي ٿو بي شڪ ظھران ممداني اُنهيءَ فڪر ۽ ايمان جو استعارو آهي، جيڪو ظاهري وسيلن کان وڌيڪ روحاني يقين، فڪري بصيرت ۽ اخلاقي استقامت سان گڏوڏ پر اميد عزم تي پڻ يقين رکي ٿو
اڄ دنيا ۾ جتي آمريڪا طاقت جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي اهڙو ملڪ جنهن وٽ يارنهن کان وڌيڪ جهاز بردار بحري ٻيڙا هجن جن جا گشت سڄي دنيا جي سمنڊن ۾ جاري رهن, جنهن جي فضائي فوج وٽ جديد ترين جهازن جو نوي فيصد ذخيرو هجي ۽ جنهن جي زميني فوج ڪنهن به ڪنڊ ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڏهه هزار فوجي مشينري سان لهي سگهي اهو ملڪ جيڪو خلا کان زمين تائين هر حرڪت کي مانيٽر ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۽ پنهنجي حڪمت عملي کي فيصلي جي رفتار سان بدلائي سگهڻ جي سگھه پڻ رکندڙ هجي اهڙي زبردست فوجي ۽ سياسي طاقت جي باوجود جڏهن آمريڪا جي سڀ کان وڏي ۽ اهم شهر نيويارڪ جي ميئر جي چونڊ ٿي تڏهن ظھران ممداني جنهن جو واسطو صرف اصولن سان رهيو هجي، اتي اهو ماڻهو ڪامياب ٿي وڃي ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي طاقتور صدر جي مڪمل مخالفت ۽ دنيا جي سڀ کان مضبوط لابيز جي دٻاءَ جي باوجود اهو ماڻهن جي شعور ۽ اظھار جي سچي طاقت سان فتح حاصل ڪري وٺي ته اها جيت فقط هڪ فرد جي نه پر فڪر جي عظمت، ايمان جي استقامت، ۽ بيانيي جي اثر سان گڏوڏ هڪ سچي انسان جي مسلسل ڪمٽمنٽ جي پڻ فتح آھي
ظهران جي ڪاميابي صرف هڪ سياسي ۽ انتخابي فتح نه آهي، پر انساني اميدن جي جيت آهي اها فتح اهو اعلان ڪري ٿي ته جيڪو ماڻهو سچ جي روشني سان هلندو آهي، جيڪو پنهنجي موقف کي منطق ۽ ايمان جي بنياد تي پيش ڪندو آهي، ان جي آڏو دنيا جا سڀ طاقتور نظام به آخر سيس نمائي وينداآهن
ظھران ممداني اهو ڪري ڏيکاريو آهي ته قيادت جو جوهر نه طاقت ۾ آهي، نه شهرت ۾ پر مسلسل محنت ۽ جدوجهد کان پوءِ دل جي سچائي ۾ آهيهن جو موقف ڪنهن هڪ فرد جو نه، پر هڪ مسلسل جدوجهد جو بيانيو آهي اڄ جڏهن ظاهري اقتدار سان دنيا جا حاڪم پاڻ کي فاتح سمجهن ٿا تڏهن ظھران ممداني جهڙا ماڻهو ثابت ڪري ڏيکارن ٿا ته اصل طاقت ان شعور ۾ آهي جيڪو ظلم جي مقابلي ۾ مسلسل بيهي ڏيکاري ٿو ۽ خاموشي کي بغاوت ۾ بدلائي ٿواهو ئي سبب آهي جو ممداني جو نالو سياست جي صفحن تي نه پر تاريخ جي فڪر ۾ لکجي رهيو آهي هو هڪ اهڙو مثال بڻيو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته علم جڏهن ايمان سان گڏ هلي ٿو، ته بيان تقدير بڻجي وڃي ٿو سندس ڪاميابي هر ان دل جي لاءِ هڪ ڏڍ ۽ حوصلي سان ڀريل پيغام آهي، جيڪا مايوسيءَ جي ڌنڌ ۾ به اميد جي فضا ڳولھي ٿي
سچائي جي طاقت تلوار کان تيز، ۽ فڪر جي جوت هر نظام کان وڌيڪ روشن ٿيندي آهي ظھران ممداني ان سچ کي پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي هن جي جيت اهو پڻ پيغام ڏي ٿي ته دنيا جا نظام بدلجي سگهجن ٿا، پر فڪر جي سچائي کي ڪو به زوال نٿو ٿو اچي سگهي هي فتح فقط ممداني جي نه، پر اُن ايمان جي آهي جيڪو انسانيت کي پنهنجي تقدير سان روشناس ڪرائي ٿو
ظهران ممداني 33 سالن جو هڪ اهڙو پرعزم انسان آهي جنهن جو والد هڪ يونيورسٽي جو پروفيسر آهيماء هڪ باشعور ۽ ايڪٽيو عورت آهي جنھن فلمسازي به ڪئي آهيظهران ممداني جي زال هڪ آرٽيسٽ آهي جنهن پنهنجي مڙس جي اليڪشن مھم ۾ پنهنجي مصوري کي ڪم آڻيندي نھايت اعلا انداز ۾ پنهنجي مڙس کي سپورٽ ڪيو هو ۽ ان سان ان مهم ۾ هر هنڌ هن سان گڏ گڏ رهي ظهران ممداني نيويارڪ جو ميئر چونڊجڻ جي تناظر ۾ هڪ ڳالهھ ته وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته انسان جيڪڏهن پنهنجي مقصد سان سچو رهي ۽ سياست کي سچي محنت ۽ عبادت جو جذبو سمجهي ان جي پويان لڳي ته هو پنهنجي ڏٺل خوابن جي تڪميل تائين ضرور پهچي سگهي ٿو. بي شڪ ان شخص ۾ اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون جيڪي هڪ سٺي آدرشي ۽ قابل سياستدان ۾ هئڻ گهرجن. هو غريبن جو هڏ ڏوکي هئڻ سان گڏوڏ هنن جو هم راز پڻ آهيهو عام ماڻهو سان گڏ ويهندي ۽ کائيندي ڪا به هٻڪ نه ٿو محسوس ڪري اهو ئي سبب آهي جو اليڪشن کٽڻ کان پوءِ فتح جو جشن ڪندي هن سڀ کان پهريان شهر جي ٽيڪسي ڊرائيورن کي ماني کارائي
ظهران ممداني الله جي پيدا ڪيل سڀني انسانن کي هڪ جهڙو سمجهي انهن جي عزت ڪري ٿو. هڪ مسلمان جي اهڙي شاندار نموني آمريڪا جي سڀ کان وڏي شهر جو صدر چونڊجي اچڻ جي تڪليف ضرور ٽرمپ کان علاوہ ان جي حامي ماڻهن کي تمام گهڻي ٿي هوندي جنهن ۾ اسرائيل جو صدر ۽ انڊيا جو وزيراعظم نريندر مودي به شامل آهن بهرڪيف ممداني جي هن تاريخي فتح ۾ دنيا جي مسلمانن سان گڏ سڀني مذهبن جااهي ماڻهو پڻ تمام گهڻا خوش ٿيا آهن جيڪي قابليت کي ڪنهن به مذهب لابي يا معروثيت کان مٿاهون سمجهن ٿا