عوامي آواز ميڊيا گروپ هميشه سنڌ ۾ ٿيل ادبي ميلن پوءِ اهو اياز ميلو هجي، سنڌ لٽريچر فيسٽيول هجي، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول هجي، انور پيرزادو ادبي ميلو هجي يا سنڌ جي ثقافت جو ساليانو ڏڻ هجي انهن سرگرمين جي موقعن جي اهميت ۽ ضرروت کي پئي نروار ڪيو آهي ۽ ان موقعي تي ايڊيٽوريل لکي انهن ادبي ميلن جي آجيان به ڪئي آهي ته انهن جي همت ۽ عزت افزائي به پئي ڪئي آهي.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته هي ادبي ميلا اصل ۾ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو جائزو وٺڻ جو به موقعو ڏيندا آهن ته پنهنجو احتساب ڪرڻ جو به وجهه ڏيندا آهن جنهن کي اسان اهڙن ادبي ميلن جي حاصلات سمجهندا آهيون. انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان ملهايل ٽيون انور پيرزادو ميلو به جيڪڏهن ڏسجي ته ان وڏيون حاصلات ماڻيون آهن. ان ادبي ميلي جي سيشن ۾ جيڪي موضوع رکيا ويا هيا تن ۾ موجوده دور جي ڏاهن جيڪو ڪجهه ڳالهايو سو هڪ مجموعي تنقيدي ۽ احتسابي جائزو هو. مثال طور هڪ سيشن جو سوال هو ته ”تاريخ جي روشنيءَ ۾ سنڌ اڄ جنهن مقام تي موجود آهي تنهن مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو ۽ اڄ جي سنڌ جي صورتحال کي ڏسندي اوهان کي هاڻي ان جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر اچي.“
هن ادبي ميلي جي شروعات کان اڳ ئي نوجوان ليکڪ ذلفي چاچڙ هڪ اڳڪٿي نما مضمون هن عنوان سان لکيو ته ”ٽيون انور پيرزادو ادبي ميلو: تاريخ جو بدلجندڙ پاسو“ ان مضمون ۾ هن لکيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ادبي يعني غير روايتي ميلا لڳڻ شروع ٿيا آهن پر اهي ادبي ميلا ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ ٿي رهيا آهن پر انور پيرزادو ادبي ميلو سنڌ جي تاريخي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ٿيندو آهي جيڪو واحد ادبي ميلو آهي جيڪو سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٿي رهيو آهي جنهن سبب انور پيرزادو ادبي ميلو سنڌ ۾ هڪ منفرد روايت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو جيڪو ٻهراڙين ۾ شعور جي بيداري واري ان ٽٽل تسلسل کي جوڙي اڳتي وٺي ويندو جيڪو سوين سال سامراجي سازشن سبب ختم ٿي چڪو هو، مان ٽيون انور پيرزادو ادبي ميلي کي تاريخ جي اها موٽ سمجهان ٿو جتان اسان رستو ڀٽڪي غلامي جي گمراهي ۽ جهالت جي ور چڙهي ويا هياسين.“
ذلفي چاچڙ واري موقف جو عملي اظهار ميڊم نورالهديٰ شاهه ڪيو جنهن چيو ته انور پيرزادو ميلو کي ڳوٺ ۾ ڏسي شدت سان احساس ٿيو آهي ته اهڙي قسم جا ادبي ميلا ٿيڻ ئي ٻهراڙين ۾ کپن. هتي ٻهراڙي جي ڇوڪرين ۽ عورتن جنهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي ۽ هتي اسٽيج تي ويهي ڳالهايو آهي تنهن ته مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته سنڌ جي سياست، ادب ۽ سنڌي ميڊيا سنڌ جي جديد شعوري تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن اسان کي مستقبل بابت پراميد ڪري ڇڏيو آهي. البت هن دور ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري کي وڌڻ نه گهرجي ها. ان جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب ڳڻتي ضرور آهي. مشهور صحافي، تجزئي نگار ۽ اينڪرپرسن وسعت الله خان چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌي نوجوان ڪافي اڳتي آيو آهي ان نه رڳو پنهنجو تعلق پنهنجي مادري ٻولي سان برقرار رکيو آهي پر هن عالمي ٻولي انگريزي اختيار ڪري عالمگيريت سان گڏ پڻ هلي رهيو آهي جيڪا سنڌي قوم جي نمايان ترقي آهي. جڏهن ته ان معاملي ۾ پنجابي ٻولي بدنصيت آهي. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته جيئن آدرشي ذهن جي مالڪ انور پيرزادي پنهنجي ڳوٺ کي شعوري طور ترقي پسند بڻايو آهي سو هڪ مثال آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ڪو اهڙو آدرشي ماڻهو پيدا ٿئي ۽ اهو ڳوٺ ٻلهڙيجي وانگر پنهنجي ڳوٺ کي روشن خيال، ترقي پسند بڻائي، عورتن کي اڳتي وڌائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪري ته سنڌ جو هر ڳوٺ ٻلهڙيجي ٿي سگهي ٿو. ايئن محمد علي پٺاڻ چيو ته ٻلهڙيجي ۾ اڄ نئين مهين جي دڙي جي تعمير ٿي رهي آهي. هي ادبي ميلو نئين مهين جي دڙي جي تعمير آهي.
سو انور پيرزادو ادبي ميلي جي وڏي ۾ وڏي حاصلات ٻهراڙين ۾ اهڙو ادبي ميلو ڪرائڻ آهي جنهن نظرانداز ٿيل ٻهراڙين ۾ شعور ۽ سجاڳي جو نئون رستو کوليو آهي. ۽ اهو احساس ڏياريو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ جي مالڪي ڪجي ۽ اتي ترقي پسند توڙي روشن خيالي جو شعور پکڙجي ته سنڌ جا شهر توڙي ڳوٺ هڪئي وقت شعوري ترقي جي پليٽ فارم تي گڏ بيٺل ملندا. سنڌي قوم يقينن شهرن ۾ اچي، پاڻ کي مڊل ڪلاس بڻائي، عورتن کي تعليم ۽ نوڪرين سانگي اڳتي وڌايو آهي پر ان سان ٻهراڙيون وري خالي ٿينديون وڃن. باشعور ۽ تعليم يافته طبقو تعليم ۽ روزگار لاءِ شهرن جو رخ ڪري ٿو ۽ پوءِ پنهنجن ڳوٺن کي منهن ڦيرائي ڏسي نه ٿو پر ڳوٺ ٻلهڙيجي جي شهرن ۾ آيل شهري ماڻهن پنهنجي ڳوٺ سان تعلق ناهي ڇنو ۽ واٽس ايپ گروپ قائم ڪري 24 ڪلاڪ ئي پنهنجي ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن سان رابطو رکيو آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڳوٺ ۾ تعليم، صحت، صفائي سٿرائي ۽ علمي ادبي سرگرمين کي هٿي پئي ڏياري آهي.
ايئن انور پيرزادو اڪيڊميءَ وري اتي انور پيرزادي جي نالي سان ٽي ادبي ميلا ڪرائي واقعي به تاريخ جو بدلجندڙ پاسو ثابت ٿيا آهن ۽ هاڻي اميد ڪجي ٿي ته ايئن ئي ٻيون ادبي سنگتون به پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهڙا ادبي ميلا ڪرائينديون. اها به اميد ڪجي ٿي ته سنڌي ادبي سنگت مرڪز به انور پيرزادو ادبي ميلن مان اتساهه وٺي پنهنجي تنظيم طرفان ادبي ميلي جو رواج وجهندي، جنهن جي شروعات انور پيرزادو اڪيڊمي ڪري چڪي آهي.