”سپنون سي ڀرِي آنکين تيري… اور ڪالي بال گهٽائون سي…
اور هلڪي هلڪي آويزان… پيراهن مت فضائون سي…“
هي ۽ هن جهڙا ڪئين حسِين ۽ دلفريب گيتَ ڳائيندڙ، دل کي وڻندڙ آواز ٻيو ڪنهن جو نه، پر پاڪستاني فلمن جي نامياري گلوڪارَ ــ ’آرٿر لطيف نيّر‘ جو هو، جنهن کي فني دنيا ۾ ’اي نيّر‘ (A نيّر) جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو ويو. اي نيّر اڄ کان 9 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي هن دنيا کي خيرباد چيو. اڄ آءٌ سندس نائين ورسيءَ جي موقعي تي ساڻس پنهنجي ويجهڙائپ جون ڪجهه ساروڻيون سليندي، کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ گهران ٿو.
اي نيّر جو جنم 1950ع ۾ پنجاب ۾، ساهيوال ضلعي ۾ ’رنسن آباد‘ علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چڪ نمبر 9/148 ۾ هڪ مسيحي خاندان ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ ’عارف والا‘ (شهر) ۾ گذريو. بعد ۾ هو لاهور لڏي ويو. هن سينٽ فرانسس هاءِ اسڪول لاهور مان مئٽرڪ ڪري، ’فارمن ڪرسچن ڪاليج‘ ۾ داخلا ورتي، پر هن گريجوئيشن گورنمينٽ سينٽرل ٽريننگ ڪاليج لاهور مان 1975ع ۾ ڪئي. اي نيّر پنهنجي فني سفر جي شروعات 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن لاهور جي پروگرام ”نئي فنڪار“ ۾ هڪ دوگاني ڳائڻ سان ڪئي، جڏهن هو 24 سالن جو هو. ان ئي سال کيس فلمساز رياض شاهدَ پنهنجي فلم ”بهشت“ ۾ ڳارائي، پلي بئڪ سنگر به بڻائي ڇڏيو. هو احمد رشديءَ کي پنهنجو استاد مڃيندو هو ۽ ننڍي کنڊ جي تمام وڏي پلي بئڪ راڳيءَ ڪشور ڪمار مان بيحد متاثر هو ۽ سندس انداز کي نقل ڪندو هو. سندس ڳايلَ سِٽن جي پڇاڙين ڳائڻ وارو لهرو (آس) ٻُڌي هر ڪو سمجهي سگهندو هو ته هُو ڪشور کي ڪيترو ٻُڌي ٿو ۽ سندس ڪيتري تقليد ڪري ٿو. انڪري کيس پاڪستاني ڪشور ڪمار به چيو ويندو هو. رشديءَ جي رهنمائيءَ سان گڏوگڏ مهدي حسن پڻ کيس سندس آواز کي بهتر بڻائڻ لاءِ وقتاً فوقتاً ڪي گُرَ ڏسيا. اي نيّر، پنهنجن مختلف سهڻن فلمي گيتن جي مڃتا ۾ بالترتيب، 1979ع، 1985ع، 1988ع، 1989ع ۽ 1991ع ۾ 5 ڀيرا ’بهترين پلي بيڪ ڳائڻي‘ طور پاڪستاني فلمي صنعت جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ــ ’نگار ايوارڊ‘ ماڻيو. کيس، لاڏاڻي کان 2 سال پوءِ، 2018ع ۾ صدارتي ايوارڊ برائي حسنِ ڪارڪردگي (پرائڊ آف پرفارمنس) به مليو.
25 آگسٽ 2007ع تي اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (PNCA) ۾ نئين جوڙايل نيشنل آرٽ گئلريءَ جو افتتاح، فوجي آمرَ پرويز مشرف ڪيو. مان تن ڏينهن ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جي ڪراچي آفيس جو ڊائريڪٽر هئس ۽ سرڪاري حڪمن تحت ان افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ مان فنڪارن جو طائفو وٺي اسلام آباد پهتل هئس. ان تقريب ۾ چئني صوبن جي هڪ هڪ لوڪ فنڪار کي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو. ’نيشنل پرفارمنس آرٽس گروپ‘ (NPAG) جي لوڪ نرت ڪارن کي لوڪ رقصَ پيش ڪرڻا هئا. حديقه ڪيانيءَ کي مک ڪلاڪاره طور پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو ۽ حميره چنه ۽ اي نيّر کي PNCA جو نئون تخليق ڪيل ترانو (خاص نغمو) ڳائڻو هو. جيئن ته اها انتهائي اعليٰ سطحي تقريب هئي، انڪري ان مختصر تقريب جي ريهرسل پوري هفتي تائين روزانو هلندي رهي هئي، جيئن فائنل تقريب ۾ ڪابه غلطي رهجي نه وڃي. مان انهن سمورن ذڪر ڪيل فنڪارن جي جَٿي سميت اسلام آباد جي ”ڪيپيٽل هوٽل“ ۾ ترسيل هئس. جيڪو آبپاري ۾ ’ڳُجهي ايجنسيءَ‘ جي صدر دفتر جي پٺيان واقع هو ۽ هاڻي ڊهي چڪو آهي. ان هفتي 10 ڏينهن جي ريهرسل دؤران روز اسانجو مانجهاندو PNCA ۾ هوندو هو. البته نيرن ۽ رات جي ماني اسان هوٽل تي کائيندا هئاسين. هوٽل جي گرائونڊ فلور تي واقع ريسٽورنٽ ۾ اهي سڀ فنڪارَ مانيءَ جي وقتن تي گڏبا هئاسون. اي نيّر ۽ مان ٻئي ڪشور جا مداحَ هجڻ ڪري جلدي سنگتي ٿي وياسين ۽ ماني ساڳئي وقت تي گڏ کائڻ لڳاسين، انڪري هو روزانو رات جو ئي پُڇي ڇڏيندو هو ته صبح نيرن تي ڪهڙيءَ مهل گڏجي!؟ پوءِ نيرن لاءِ هوٽل پاران مخصوص ڪيل ٻن ڪلاڪن مان جيڪو تُز وقت مان اي نيّر کي ٻڌائيندو هئس، هو به ان ئي ٽائيم تي پنهنجي ڪمري مان مونسان گڏ ماني کائڻ هيٺ ريسٽورنٽ ۾ اچي ويندو هو. مانيءَ دؤران به اسانجو مُک موضوع ڪشورَ جا گيت هوندا هئا. هڪ ڀيري ان ريسٽورنٽ ۾، هوٽل ۾ رهيل ٻين مهمانن جي گهڻي رش هئي ۽ مان نيّر صاحب کان اڳ ريسٽورنٽ پهچي ٽيبل تي ويهي چڪو هئس. جهٽ ۾ ڏٺم ته اي نيّر ريستوران ۾ داخل ته ٿيو آهي، پر ڀِيڙَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي مونکي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مان ڪٿي ويٺل آهيان. ته مون کيس روايتي انداز ۾ سڏ ڪرڻ بدران، پنهنجو هٿ مٿي ڪري ناهيد اختر سان گڏ ڳايل سندس مقبول دوگاني ”پيار تو اڪ دن هونا ٿا… هونا ٿا… هو گيا…“ جي انتري جِي سٽ ڳائي کيس هڪلَ ڏني: ”پيڙون په بِکرا هي سونا ڌُوپ ڪا…“ ته ان تي هن جي نظر مون تي پئي ۽ هن نه رڳو مُرڪي جواباً هٿ مٿي کنيو، پر ان سٽ کانپوءِ وارو پنهنجو لهري وارو آلاپ ”هي… هي هي هي هي….“ پڻ جهونگاريو ۽ هو جيستائين اهو آلاپ آلاپي منهنجي ڀرسان پهتو، تيسين مون ان ئي سٽ جو اڌ جهونگاريو: ”ڦُولون په هي رنگ تيري هي رُوپ ڪا…“ ويجهو پهچي ڀاڪر پائي ملندي چيائين: ”اڳلي سٽ ڪهڙِي آ؟ ياد ناهي!“ ته مون کيس اڳلي سٽ جا ٻولَ ياد ڏياريا، ته هن اُتي جو اُتي اها سِٽَ جهونگاري ڄڻ ته منهنجي سڏَ جو جواب پُورو ڪيو: ”هم تم هين ديواني دونون پيار ڪي… هي هي هي هي هي… هم ني تُم ڪو جيت ليا دل هار ڪي… او دل هار ڪي…“
پوءِ ته انهن ڏينهن دؤران اسانجو اهو معمول بڻجي ويو ته ’ڪيپيٽل هوٽل‘ جو اهو ريسٽورنٽ هجي يا PNCA جو آڊيٽوريم يا ڪيفيٽيريا، اي نيّر تي منهنجي نظر پوندي هئي ته مان کيس سندس نالي سان سڏ نه ڪندو هئس. بلڪه سندس ڪنهن نه ڪنهن مقبول گيت جي پهرين سِٽَ جهونگاري سندس ڌيان ڇڪائيندو هئس. ڪڏهن ”اِڪ بات ڪهُون دلداره، تيري عشق ني هم ڪو مارا…“ جُهونگاري، ته ڪڏهن ”ضد نه ڪر اس قدر جانِ جان… حرج ڪيا مُسڪراني مين هي…“
ان تقريب ۾ اي. نيّر صاحب پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جو جيڪو ٽائيٽل گيت حميره چنه سان ڳائي رهيو هو، ان جا ٻولَ هئا: ”تعمير هوا تخليق نگر ــ هر رنگ زبان، هر عڪس نظر…“ هڪ ڏينهن ان گيت جي ريهرسل دؤران جڏهن PNCA جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر جنرل ۽ مشهور اداڪار ۽ صدڪار نعيم طاهر جو مُوڊ ڪجهه مذاق وارو ڏٺم (جيڪو اڪثر ڪاوڙ ۾ رهندو هو) ته مان گيت دؤران اسٽيج جي ’وِنگ‘ مان نڪري اسٽيج تي ٻنهي گلوڪارن آڏو اچي چيم: ”نيّر ڀائي، آپ بول غلط گا رهي هو… ادي حميره، اوهان غلط پيون ڳايو…!!“ هيٺ حاضرين وارين ڪرسين طرف نهاري نعيم طاهر کي چيم: ”سرَ آپ ني نوٽ ڪيا؟ يه لوگ غلط بول گا رهي هين…“ ته نعيم طاهر حيرت مان پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل مائيڪ ۾ پڇيو: ”ڪيا غلطي هو گئي!“ مون مرڪي چيو: ”سر! ان ڪو ’تعمير هوا تخليق نگر…‘ نهين، بلڪه ’تعمير هوا تخريب نگر…‘ گانا چاهيئي! اگر حقيقت بيان ڪرني هي تو…“ (مون اهو ڀوڳ اداري جي اندروني سياست جي تناظر ۾ ڪيو!) تنهن تي نعيم طاهر، حميره چنه ۽ اي نيّر سميت هال ۾ موجود سڀ ماڻهو بي ساخته کليا. نعيم طاهر ڀوڳن ۾ سخت لهجو ڪندي چيو: ”بهت شرارت سُوجهه رهي هي تمهين…!! ان ڪو گاني دو… ايسا نه هو ڪه پريزيڊنٽ صاحب کي سامني يه دونون ’تخريب نگر‘ بول دين… تخريبڪار!“
اي نيّر پنهنجي مزاج ۾ نهايت سادو ۽ مخلص ماڻهو هو. هُو ايترو سادو هو، جو ان تقريب لاءِ جيڪو ’پينٽ سُوٽ‘ لاهور مان آندو هئائين، اهو هن ريهرسل ۾ روز پائي پائي ميرو ڪري ڇڏيو ۽ جنهن ڏينهن هن فائنل تقريب ۾ مشرف آڏو پرفارم پئي ڪيو، ان ڏينهن سادي شلوار قميص ۾ اهو گيت ڳايائين، جيڪا پوري طرح استري به ٿيل ڪانه هئي. اسانجي گڏيلَ غير ملڪي دؤرن دؤران به مون سفر ۾ کيس غرور کان پاڪ، ملنسار، کلمُک ۽ بنهه سادو محسوس ڪيو. جيڪو ڪجهه کائڻ لاءِ، پائڻ لاءِ ۽ جتي به رهڻ لاءِ ملي وڃيس، هو ان ۾ راضي رهندو هو. ملڪ ۾ هجون يا ملڪ کان ٻاهر، شام جو ”موکيءَ جو مهمان ٿيڻ“ سندس معمول هو. اهو سندس گفتگوءَ مان اندازو لڳائي وٺبو هو ته هاڻي هو ڪهڙيءَ نهج تي آهي. مون ان سلسلي ۾ ساڻس ’جهاز جي بلنديءَ‘ جو ’ڪوڊ‘ مقرر ڪيو هو. جڏهن سانجهيءَ پُڄاڻان محسوس ڪندو هئس ته هاڻي هن ڍِلو ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي ته پڇندو هيومانس: ’ڪيتري بلنديءَ تي آهيو!؟‘ ته وراڻيندو هو: ’اڃا هاڻي ٽيڪ آف ڪيو اٿم!‘ ۽ جي سندس حالت بنهه بيخوديءَ واري هوندي هئي ۽ سندس گفتگو سندس وسَ ۾ نه رهندي هئي، ته مان پاڻ ئي کيس چوندو هئس ته: ’نيّر ڀائي! هاڻي توهان 36 هزار فوٽن جي بلنديءَ تي پرواز ڪري رهيا آهيو. هاڻي اوهانکي سمهڻ گهرجي… صبح ملنداسين…!‘
11 نومبر 2016ع تي دل جي پراڻي مرض ۾ مبتلا اي نيّر، لاهور ۾ پنهنجي گهر ۾ دل جو دؤرو پوڻ سبب، شايد انهن 36 هزار فٽن کان به اوچي بلنديءَ تي پرواز ڪندي، هميشه لاءِ غفائن ۾ گم ٿي ويو… ۽ 66 ورهن جي ڄمار ۾ هن عارضي ڏيهه مان لاڏاڻو ڪري ويو.
اي. نيّر کي پنهنجن گيتن جا ٻولَ اڪثر ياد ڪونه هوندا هئا. انڪري کيس سندس ڪوئي به گيت ڳائڻ جي فرمائش ڪبي هئي ته هو چوندو هو ته ’ٻولَ ٻُڌائيندو وڃ ته مان ڳائيندو وڃان!‘ يا سندس ڪو گيت لاڳيتو يا مڪمل کائنس ٻڌڻ تي دل چوندي هئي ته اهو کيس پُورو لکي ڏبو هو، پوءِ ڳائيندو هو. (البته ڪشور جا گيت کيس ياد هوندا هئا.) مان سوچيان ٿو ته اڄ کان 9 سال اڳ سندس لاڏاڻي کان فوراً پوءِ جڏهن مسيحي عقيدي موجب کيس ”پرٽيڪيُولر ججمينٽ“ نالي پرڪشا مان گذرڻو پيو هوندو، ته هن خدا آڏو انهن ٽن سوالن جا جواب ڪيئن ڏنا هوندا، جيڪي عيسائي عقيدي موجب هر مئل کان پڇيا ويندا آهن ۽ اتي انهن سوالن جا جواب کيس ڪنهن لکي ڏنا هوندا!؟