خاموش وبا ۽ سنڌ ۾ صحت جو نظام

محمد احسان لغاري

غربت جي بک ۽ بيماري سان پڳ مٽ ياري آھي۔ ٻھراڙي جي ڪُک وري انھن ٽنھن يارن سان ڀريل آھي۔  غربت  ٻھراڙي واري سموري  ۽  شھري سنڌ جي چڱي حصي  ۾ بيمارين کي ڏھاڪن کان ھٿي ڏئي رھي آھي۔ اھا مالڪ جي مرضي ۽ غريب جي قسمت ناھي۔ 2022 واري ٻوڏ جو پاڻي نڪري ويو، سڪي ويو، يا وري سم ۽ دٻن جي صورت ۾ سنڌ ۾ وڇائجي ويو!  ھر ننڍي وسندي يا ڪئي ڳوٺن ۾ اھو پاڻي  ته آھي پر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڪونھي۔  سنڌ جي ٻھراڙي جي ٻارن جا چھرا جيڪي گيلن، ڀڳل پلاسٽڪ جي بوتلن ۽ ٻين ٿانون ۾ پاڻي ڳوليندي، کڻندي ۽ پيئندي نظر اچن ٿا، سي ليزا وي. ايڊمز (Lisa V. Adams) ۽ جان آر. بٽرلي (John R. Butterly) جي ڪتاب “Diseases of Poverty: Epidemiology, Infectious Diseases, and Modern Plagues” (غربت جون بيماريون: ايپيڊميالاجي، وبائي مرض ۽ جديد وبا) جي سرورق جو آئينو آهي. هي صرف هڪ تعليمي ڪتاب ناهي اهو هڪ کُلِيل سڏ آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته صحت جي ايڏي وڏي مصيبتن سان لاڳاپو رکندڙ غربت ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي؛ پر اها اصل جر تائين ڦھليل پاڙ آهي. جيئن روانڊا ( آفريقا جو ملڪ) جي اڳوڻي صحت واري وزير ڊاڪٽر اگنيس بناگواهو ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿي، ”غربت سڄي دنيا ۾ تڪليفن ۽ غير ضروري موت جو سڀ کان وڌيڪ ڪاپاري سبب آهي،“ جتي بيماريون رڳو حياتيات (biology) مان پيدا نه ٿيون ٿين، پر ٽٽل  اڏاوتن، اڻ سکيل عطائي يا ڊگري وارن ڊاڪٽرن ۽ هڪ اهڙي صحت جي نظام جون پيداوار آھن جيڪو گھڻو ڪري درد، پيڙھ  ۽ بي وسيءَ مان به فائدو حاصل ڪري ٿو.

پاڪستان جو ٻيو وڏو صوبو سنڌ، غربت ۽ بيمارين جي ھڪ ڦيري ۾ ڦاٿل آھي . هتي، 42.7% ٻھراڙي واري سنڌ   گهڻ رخي غربت (multidimensional poverty) ۾ گذاري ٿي۔ روزگار، تعليم ۽ صاف پاڻيءَ جي اڻاٺ بابت سنڌ حڪومت جا انگ اکر ۽ ڳڻتي پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا۔ ٿرپارڪر ۽  سامونڊي پٽي وارن ضلعن بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ اھا گھڻ رخي غربت ستر کان اسي سيڪڙو  به اُڪري وڃي ٿي۔ اتي غذائي کوٽ (عورتن ۾ 56-66٪) ۽ ٻارن جي موت جي شرح (پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ۾ 15.6٪ تائين) ۾ اڳڀرا آهن. 2022 جي ٻوڏ، جنهن صوبي جي ٽئين حصي کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ ھڪ ڪروڙ ٽيھه لکن وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو، اها رڳو هڪ موسمي آفت نه هئي؛ اها هڪ عوامي صحت جي آفت هئي، جنهن ڪالرا (cholera)، مدي جي بخار/ ٽائيفائيڊ (typhoid)، مليريا ۽ ڊينگي (dengue) کي اهڙي حدن تي  ڇڏيو جيڪو اڃا تائين سنڌ کي ڇيهو رسائي رهيو آهي. هر سال، 53,000 پاڪستاني ٻار پنجن سالن کان گهٽ عمر ۾ گندي پاڻي سان ڳنڍيل دستن (diarrhea) سبب مري وڃن ٿا، ٻھراڙي واري سنڌ جو ڍنڍن، تلائن، واهن ۽ واٽرن تي ڀاڙڻ ان سبب کي چٽو ڪري ٿو.  سنڌ بابت ڪيل 2025 جي هڪ تحقيق ۾ 62.5٪ انفيڪشنن کي پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ ظاهر ڪيو ويو، جنهن ۾ اڪيلو دست 36.3٪ ڪيسن جو سبب هئا ۽ ڊينگي؟ سرڪاري انگ اکر سڄي سال ۾ 982 ڪيس ڏيکارين ٿا، پر اسپتالن جي رجسٽرن ۾ تازن هفتن ۾ 12,000 کان وڌيڪ ڪيسن جو ذڪر آهي جيڪي گهٽ رپورٽ ٿيل، علاج کان سواءِ آهن، هڪ ”انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت “ جيڪا مليريا ۽ ويڪٽر-بورن (vector-borne) وبا تي ڪتاب ۾ ڏنل تفصيلن سان بنھ ٺھڪي اچي ٿي .

سنڌ حڪومت جا قابل قدر قدم۔

ايڏي نراسائي ۾  سنڌ حڪومت قابل تعريف قدمن ذريعي اميد جا ٻج پوکيا آهن. مالي سال 2025-26 جو صحت جي بجيٽ، جيڪا 326.5 بلين ارب  رپين تائين وڌيو جيڪو گذريل سال کان 8٪ وڌيڪ آھي. 19  ارب رپيا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) کي مضبوط ڪن ٿا، جيڪو ساراھ جوڳو ڪم آھي. پيپلز پرائمري هيلٿ اينٽيشيٽو  (PPHI)، جنهن لاءِ 16.5 ارب رپيا رکيا ويا  آهن، ان ذريعي ٻھراڙي ۽ ننڍن شھرن ۾ بھتري جي اميد آھي، جڏهن ته 10 ارب رپيا لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين اسپتال شروع ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آھن. گمبٽ اسپتال لاءِ 10 ارب رکيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH)، ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (NICVD) جي وڌيل سھولتن بابت صحيح  ڳالهه ڪري ٿو 13 سالن ۾ انھن ۾ اسپتالي بيڊَ  2,092 کان وڌي 4,041 ٿي ويا آهن، جيڪو  هاڻي، وڏي وزير مطابق  عالمي معيارن سان مقابلو ڪري ٿو . ايڪسٽينڊڊ پروگرام آن ايميونائيزيشن (EPI) سنڌ  جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽُڪن/ ويڪسينيشن جون مهمون هلائي ٿي؛ نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام (NHSP) ليڊي هيلٿ ورڪرز (LHWs) کي ماءُ جي سنڀال ۽ ننڍڙن بيمارين لاءِ تربيت ڏئي ٿو، جيڪو يونيورسل هيلٿ ڪوريج (Universal Health Coverage) سان ٺهڪي اچي ٿو؛ ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن (SHCC) ٺڳي/ عطائي ڊاڪٽرن  (quackery) خلاف قدم کڻي رھي آھي. سنڌ فوڊ اٿارٽي (SFA) ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) سان گڏجي اٽي کي غذائيت سان مضبوط ڪرڻ (wheat flour fortification) تي ڪم ڪري ٿي، غربت جي بنياد تي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش آھي. اهي قدم، جيڪڏھن طرز حڪمراني جي بھتري ۽ شفاف نظام سان جڙيل ھجن  ته ھُوند سنڌ ۾ بھتر صحت جا داستان ڪجهھ سالن ۾ ئي سچا ٿي پون!

اخلاقي زوال ۽ عمل جي کوٽ

شاندار بجيٽن جي جبل وارو صحت جو شعبو اخلاقي  ۽ طرز حڪمراني جي زوالي ٻار ھيٺان دٻيل آهي، جتي مريض خاص ڪري ڳوٺاڻيون عورتون ۽ ڇوڪريون سڀ کان وڏي قيمت ادا ڪن ٿيون. هڪ يگاني، سنڌ جي مٽي ۾ ڳوھيل ڊاڪٽر، جيڪو 40 سالن کان صفا گھٽ في واري ذري گھٽ مفت ڪلينڪ هلائي ٿو، پنھنجي اڪيلائي جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو: ”منهنجا ساٿي فارما جي پئسن پويان ڊوڙن ٿا، خاص ڪمپنين جون دوائون لکن ٿا، ڏتڙيل ماڻھن  کي دوکو ڏين ٿا. ڪو به ھن وسيع موت ۽ مايوسي ڏيندڙ حالتن کي نه ٿو سمجھي.عورتون ۽ ڇوڪريون پاڻ سان لاڳاپيل مسئلن ۽ بيمارين ۾ گھريل آھن؛ ھو اھي وحشتون چپ ٿي ڀوڳن ٿيون ، فِسٽولا (fistulas) ۽ حيض (menstrual woes) جي تڪليفن جو علاج ثقافتي شرم ۽ غربت سبب نه ٿو ٿئي. نفسياتي زخم هر جڳهه تي ڦهلجن ٿا: ڊپريشن 34.7٪، پريشاني (anxiety) 11.3٪، شايد ان کان ڪيترو ئي وڌيڪ ھجن..!”  ھتي سماجي بدنامي علاج ۽ مسئلو ٻڌائڻ کي ئي  کي خاموش ڪري ٿي ڇڏي.“

هو ڊينگي جي ڳالهه ڪندي ڳاڙھو ٿي وڃي  ٿو: ”ڊاڪٽر 125,000 جي پليٽليٽ ڳڻپ تي خوفزده ٿي وڃن ٿا غير ضروري IV ۽ داخلا لاءِ زور ڏين ٿا ،غريبن جو  ڏيوالو ڪڍن ٿا ۽ مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪن ٿا. اهي ماڻھن جي مالي سگھه، اينٽي باڊيز، صحت… زندگيون برباد ڪن ٿا.“  سندس آواز ھڪ ڳالهه ياد ڪندي ڏڪي ٿو وڃي : ” ڪجهه سال اڳ، مان سرڪاري اسپتالن جي ايم ايس،  ضلعي، ڊويزنل ۽  صوبائي ڊاڪٽري ۽ غيرڊاڪٽري ڪامورن  سان گڏ ويٺو هوس ۽ انهن سڀني ڪمائي ۽ پئسن بابت بحث  پئي ڪيو، مريضن جي ڀلائي بابت هڪ  لفظ  به ڪنھن نه ڪڇيو . ان مون کي خوفزده ڪري ڇڏيو… ان مون کي مڪمل طور تي مايوس ڪري ڇڏيو!“

اڳتي ڪو رستو آھي؟

هي اخلاقي پستي جو قصو ناهي؛ اها هڪ وبا آهي. فارما ڊاڪٽر اتحاد، بجيٽ،ٺيڪيداري ۽ ورڇ وارو اتحاد، غريبن جي زندگي جي سودو ڪرڻ جو اتحاد! شايد اھڙي ٻڌي سڀني شعبن ۾ آھي۔ اسان انجنيئر، افسر، ڪامورا، سياستدان  ۽ ٻيا ڪيترائي ان پاور سان ڳنڍيل!  پاڻ بايو اٿڪس/  جيو اخلاقيات (صحت ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل اخلاقي اصولن جو علم)  ڏانھن موٽي ٿا اچون ۔ ھي  قانوني اخلاقي بحران آهي. سرڪاري اسپتالون، جيڪي بيمارن لاءِ پناهه گاهون ٿيڻ گهرجن، اتي عجيب افراتفري آھي۔ انھن کي ايئن ڪيستائين ھلائبو، اھو سوال ڪنھن کان ڪجي۔

ھن وقت عورتن ۽ ڇوڪرين جي صحت ۽ سلامتي بابت ھنگامي طور تي قدم کڻڻ کپن۔  عورتون سڀ کان وڌيڪ بيمارين جو بار کڻن ٿيون حيض جي غربت (ماهواري کي سنڀالڻ لاءِ ضروري شين تائين رسائي نه ملڻ) اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿي، گهرن ۾ پيدائش سبب ماءُ جي موت ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ۽ ذهني صحت ٽٽي پوي ٿي. سامونڊي بدين ۽ سجاول ۾، جتي سمنڊ جي مداخلت کوهن کي کاريو ڪري ٿي ۽ سائيڪلون گهرن کي تباهه ڪن ٿا، اهي ناڪاميون وڌي وڃن ٿيون: WHO موجب، هن سال صوبي ۾ 181,000 دستن جا ڪيس،  سامونڊي  پٽي جي 84٪ غربت کي يقيني بڻائي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ غريب ئي سُور سھن ٿا . جيئن Diseases of Poverty  پنهنجن بابن ۾ خبردار ڪري ٿو  ته  اهي الڳ الڳ بيماريون ناهن؛ اهي غربت جي اولاد آهن، جن کي هڪ اهڙي نظام وڌايو آهي جيڪو ماڻهن تي منافعي کي ترجيح ڏئي ٿو.

سنڌ جي صحت واري ڪميشن کي گھڻو ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ مخالف مهم کي فارما ڊاڪٽر گٺ جوڙ کي  ختم ٿيڻ گهرجي؛ PPHI جي ڳوٺاڻي پهچ کي غير حاضري خلاف طاقت جي ضرورت آهي؛ EPI جي ويڪسينن کي بي داغ آڊٽ گهرجن.  ذڪر ڪيل ڪتاب جي عالمي ڏاھپ تي غورڪريو: پاڻي جي منصوبن کي تعليم سان، اخلاقي تربيت کي اقتصادي امداد سان جوڙيو شروعات سامونڊي ٽن ضلعن ۾ ڪيو، جتي IFAD جو غربت جو ڊيٽا تڪڙي، مقامي ڪارروائي لاءِ رڙيون  ڪري ٿو. سنڌ حڪومت اتي روزگار ۽ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ وڏا پراجيڪٽ شروع ڪري رھي آھي؛ صحت ۽ پاڻي کي گڏائي جلد قدم کڻڻ جي ضرورت آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.