دهشتگردن کي آڪٽوبر ۾ 10 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ جي انگن اکرن موجب، پاڪستان ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ عسڪريت پسندن کي گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو، ڇو ته سڪيورٽي   فورسز ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين ۾ تيزي آندي آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفليڪٽ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته اها اڳڀرائي سيپٽمبر ۾ عسڪريت پسندن جي دٻاءَ ۾ اچڻ کانپوءِ سامهون آهي جڏهن 69 حملا رڪارڊ ٿيا هئا ۽ آگسٽ جي ڀيٽ ۾ حملن ۾ 52 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي هئي. ماهوار رپورٽ موجب، آڪٽوبر ۾ 355 عسڪريت پسند مارجي ويا، 72 سڪيورٽي اهلڪار ۽ 31 عام شهري به شهيد ٿيا جن ۾ بنون امن ڪميٽي جو هڪ ميمبر به شامل هو. سڄي ملڪ ۾ 92 سڪيورٽي اهلڪار، 48 عام شهري ۽ 22 عسڪريت پسند زخمي ٿيا. سيپٽمبر جي 69 حملن جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ حملا 29 سيڪڙو وڌيڪ 89 ٿيا پر جاني نقصان 19 سيڪڙو گهٽ ٿيو. گذريل مهيني عسڪريت پسندن 55 ڄڻن کي اغوا ڪيو، اهو انگ هڪ ڏهاڪي ۾ اغوا جو سڀ کان وڏو آهي. بلوچستان ۾ آڪٽوبر دوران 23 حملا ٿيا جيڪي سيپٽمبر جي 21 کان وڌيڪ هئا پر فوتگيون گهٽ ٿيون، سڪيورٽي اهلڪارن جي شهادتن جو انگ 33 مان گهٽجي 16 ۽ شهرين جو 38 مان گهٽجي 3 ٿي ويو. ٻنهي مهينن ۾ 8 عسڪريت پسند مارجي ويا. بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز 67 عسڪريت پسندن کي ماريو جيڪو 2002 کانپوءِ هڪ مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. اداري صوبي جي سڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري قرار ڏنو. فاٽا ۾ 22 حملا رڪارڊ ڪيا ويا، خيبرپختونخوا ۾ 37 حملا، سنڌ ۾ 3 حملا ٿيا جن ۾ 3 شهري مارجي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿيا. زخمين ۾ 4 شهري ۽ 3 سڪيورٽي اهلڪار شامل هئا. گلگت بلتستان ۾ 3 حملا ٿيا، پنجاب ۾ هڪ حملو ٿيو. اداري موجب، جيتوڻيڪ عسڪريت پسندي برقرار آهي پر عسڪريت پسندن جي موت ۾ واڌ ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪستان جون دهشتگرد ڪارروايون وڌيڪ اثرائتيون ٿي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.