لاڙڪاڻي ۾ دوست هٿان دوست قتل، جوابدار ڏوهه مڃي ورتو

لاڙڪاڻو (ن ع آ)لاڙڪاڻي ۾ انسانيت سوز واقعو منظرعام تي اچي ويو آهي، جتي مبينا دوست جي هٿان نوجوان دوست قتل ٿي ويو. تفصيل موجب  گم ٿيل نوجوان رحمان سانگي جو تشدد ٿيل لاش دودائي قبرستان مان هٿ ڪيو ويو، پوليس لاش کي کڻي اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٿاڻو ماهوٽا پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو، شروعاتي جاچ ۾ گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو ته هن رحمان کي پنهنجن ذاتي معامرن سبب قبرستان ۾ گھرايو ۽ قتل ڪري لاش اتي ئي ڇڏي ڇڏيو. لاش  تقريبن چوويھ ڪلاڪ بعد مليو، جنهن دوران جانورن لاش کي نقصان رسائڻ سبب شناخت ۾ مشڪلات پيش آئي. پوليس جو پڻ چوڻ آهي ته امڪان آهي ته واقعي ۾ جنسي حراسان يا زيادتي جو عنصر به شامل هجي، جنهن سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي، ۽ واقعي کي سائنٽيفڪ بنيادن تي جاچيو پيو وڃي، مقتول رحمان سانگي جي وارثن ڌرين کي سخت صدمو رسيو آهي، هنن اعليٰ پوليس اختيارين ۽ انتظاميا کان انصاف جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي بي نقاب ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا دل خراش واقعا ٻيهر جنم نه وٺن. رپورٽ موجب پوليس وڌيڪ شاهدن جا بيان ۽ فارنزڪ رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي، جنهن کان پوءِ وڌيڪ انڪشاف ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.