نور محمد برفت ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٻيهر چڙهائي، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: آزاد نوناري )ڪراچي جي علائقي جمالي پل ڀرسان اسڪيم 33 نور محمد برفت ڳوٺ کي مسمار  ڪرڻ لاءِ ريوينيو ، اينٽي اينڪروچمينٽ ۽ سپر سائيٽ ٿاڻو پوليس وڏي مشينري ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي ۽ ڳوٺ ٻاهران پوليس اٽالا پهچڻ تي علائقي واسي مرد عورتون ۽ ٻارڙا وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي سخت احتجاج ڪندي مين روڊن تي مظاهرو ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي نور خان برفت، صفدر ابڙو، علي برفت ۽ ٻين چيو ته انتظاميا علي ڳڙھ بلڊر جي چرچ تي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لاءِ آئي آهي، جڏهن⁠ ته اها زمين سندن موروثي ملڪيت آهي، جتي سندن بزرگ ڏهاڪن کان آباد آهن، هنن چيو ته نور محمد ڳوٺ جي زمين جو ڪيس نمبر 24/2009 (S.B.) عدالت ۾ ھلندڙ آھن، جنھن جي پيشي دوران ايس پي سهراب ڳوٺ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 نومبر 2025 تي مقرر ڪئي آھي، پر ان باوجود انتظاميه اسان جا گھر ڊاھڻ لاءِ پھتي آھي،هڪ پاسي افغانين کي پناه ڏني پئي وڃي ٻئي پاسي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته نور محمد ڳوٺ جي رهواسين کي لِيز ڏئي۽ مالڪاڻا حق فراهم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.