حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان (پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي شهر مويا شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سارين جا اگھ گھٽائڻ، پوليس جي زيادتين، منشيات، افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي ،ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري جلسي عام ڪيو ويندو.اياز لطيف پليجي چيو آهي ته 27 آئيني ترميم جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي کي مينيج ڪري ان خوشفهمي ۾ نه رھي ته سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻھو وحدت خلاف آئيني ترميم کي قبول ڪندا. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. حڪمران سمجھي ڇڏين ته سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ پنھنجي مرضي سان نه رڳو پاڪستان ۾ شامل ٿي ھئي پر پاڪستان جي لاءِ سڀ کان پھرين قرارداد پاس ڪئي ھئي، سنڌ جي ڌرتي ماءُ جيئن مقدس آھي. ان خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ۾ بحرانن جو ڪارڻ خراب حڪمراني آھي. آزاد ۽ شفاف اليڪشن نه ٿيڻ آھي. ھر پنج سالن کانپوء اقتدار پليٽ ۾ سجائي من پسند ڌر حوالي ڪيو وڃي ٿو. ھن وقت تائين آيل سموريون حڪومتون ڪرپشن، بدعنواني، لٽمار، عوام دشمن پاليسين ۾ ھڪٻئي جو تسلسل ثابت ٿيون آھن. ھر ڀيري حڪومتون بدلايون وڃن ٿيون پر نظام ساڳيو ئي رھي ٿو. جنھنڪري پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته بلوچستان جي صورتحال ڳڻتي واري آھي.