ڪراچي ۾ پنج ڏينهن اندر 22 هزار کان وڌيڪ اي چالان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي چالان نظام لاڳو ٿيڻ بعد پنجين ڏينهن تائين 4 هزار 136 نوان اليڪٽرانڪ چالان جاري ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ پنجن ڏينهن دوران اي چالانز جو مجموعي انگ 22 هزار 869 کان  وڌي ويو، ڪراچي ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب، سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 737 چالان سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ڪيا ويا، هيـلمٽ نه پائڻ تي 812، اوور اسپيڊنگ تي 116، ۽ لال بتي ٽوڙڻ تي 169 چالان جاري ڪيا ويا، ڊرائيونگ دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 157، ٽنٽڊ گلاسز تي 56، نو پارڪنگ تي 24، اسٽاپ لائين جي ڀڃڪڙي تي 20، ڇت تي مسافر ويهارڻ تي 20 ۽ غلط لائين استعمال ڪرڻ تي 15 چالان ڪيا ويا، رانگ وي تي 8 ۽ اوور لوڊنگ تي 11 اليڪٽرانڪ چالان جاري ٿيا، پوليس موجب ٽيڪس جي عدم ادائيگي يا فئنسي نمبر پليٽن تي اڃا تائين ڪو به اي چالان جاري نه ٿيو آهي، ڪراچي ٽريفڪ پوليس ترجمان چيو ته شهرِ قائد ۾ اي چالان نظام جي نفاذ کان پوءِ موثر ڪارروائيون جاري آهن، پوليس پاران شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ٽريفڪ قانونن تي مڪمل عمل ڪن ته جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جو وهڪرو بهتر ٿئي ۽ حادثن ۾ گهٽتائي اچي.

ڪراچي ۾ وڌيڪ ڏنڊ ڇو؟ شهري اي چالان خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي چالان خلاف سنڌ هاءِڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪرائي وئي، شهري جوهر عباس طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي  ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪ سائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڌرق بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيل ڏنڊ انتهائي وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن، لاهور ۾ ساڳئي قانون جي ڀڃڪڙي تي 200 رپيا ڏنڊ لڳي ٿو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 5000 رپيا لڳايو وڃي ٿو، ڌرين کي هدايت ڪئي وڃي ته اهو عدالت کي ٻڌائن ته لڳايل ڏنڊ ۾ فرق ڇو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاڳو ڪيل ڏنڊ کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.