ڪراچي/ حيدرآباد (رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي مڇر ڪالوني ويجهو ڊاڪس ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 2 عدد هينڊ گرنيڊ ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، ٻنهي جوابدارن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جوابدارن مٿان حيدرآباد ۾ 3، ڄامشورو ۽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، ٻئي جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جا انتهائي گھربل دهشتگرد آهن، ذريعن موجب سي ٽي ڊي ترجمان موجب غني امان نوجوانن کي پابندي مڙهيل تنظيم ۾ ڀرتي ڪرائي دهشتگردي لاءِ همٿائيندو هو، گرفتار جوابدارن پنهنجي ساٿي نور چانڊيو ۽ ٻين دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي آهي جن خلاف به ڪارروائي جلد عمل ۾ آندي ويندي، ٻئي پاسي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل سنڌين نيشنل ڪانگريس اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي آرگنائيزر غني امان چانڊيو جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس ڪٽب، مائٽن، وڪيلن، شاگردن ۽ قومپرست ڪارڪنن پاران قومي شاهراهه نسيم نگر حيدرآباد باءِ پاس وٽ ٻيهر لڳل ڌرڻو غني امان چانڊيو جي ڪراچي مان گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد ختم ڪيو ويو، ايس ايس پي حيدرآباد جي يقين خاطري کان پوءِ 36 ڪلاڪن دوران گرفتاري ظاهر نه ٿيڻ ڪري ٻيهر باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو هو، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي هئي ۽ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي دوران پوليس جي اعليٰ عملدارن پاران سنڌين نيشنل ڪانگريس جي چيف آرگنائيزر محب آزاد سان ڌرڻي ۾ اچي ملاقات ڪري کيس غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي ڪراچي مان گرفتاري ظاهر ڪرڻ جي اطلاع ڏيڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، غني امان چانڊيو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف 3 ڏينهن اڳ ڄاڻايل هنڌ تي ڌرڻو هنيو ويو هو، ٻئي پاسي غني امان جي وارثن جو چوڻ آهي ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي، ايس ايس پي ۽ اعليٰ اختيارين خاطري ڪرائي آهي ته هو آزاد ٿي ويندو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ شامل وڪيلن اعلان ڪيو ته غني امان ۽ سرمد ميراڻي سي ڊي ٽي وٽ آهن، قانوني ويڙهه وڙهنداسين.