پي ٽي آءِ جي پراڻن اڳواڻن پاران عمران جي آزادي ۽ ملڪ ۾ ايڪتا لاءِ مهم جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻن اڳواڻن عمران خان جي آزادي لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان لاهور ۾ پارٽي جي اڳوڻن اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پراڻي قيادت عمران خان کي آزاد ڪريو تحريڪ هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. تحريڪ ۾ فواد چوڌري، عمران اسماعيل، علي زيدي، محمود مولوي، سبطين خان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هوندا. ذريعن چيو ته اڳوڻي قيادت پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي قيادت اسٽيبلشمينٽ سان رابطن ۽ مسلمل ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب ملڪ ۾ سياسي گرمي پد هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انهي حوالي سان  عمران خان سان ملاقات به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي قيادت شاهه محمود قريشي جي آزادي لاءِ به سرگرم آهي. ذريعن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي قيادت شاهه محمود قريشي کي ڳالهين جي ذريعي معاملن کي حل ڪرڻ ۽ سياسي گرمي پد هيٺ آڻڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شاهه محمود قريشي کي سمورن معاملن کي حل ۽ صحيح ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. اڳوڻي قيادت جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت عمران خان کي ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. اڳوڻي قيادت اڳوڻي سينيٽر اعجاز چوڌري، اڳوڻي صوبائي وير ميان محمودالرشيد ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه سان به ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران موجوده سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻن اڳواڻن حڪومتي وزيرن سان ملڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته فواد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني وفد مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿينديون. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جون شاهه محمود قريشي اعجاز چوڌري ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون آهن، پي ٽي آءِ جي قيادت سياسي قيدين کي ٻاهر آڻڻ جي ڪوشش جي تائيد ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.