اسلام آباد(امداد سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جيڪو آزاد ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿيڻو هو هاڻي هڪ پيچيده صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. تازو پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي مختلف اجلاس ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ضروري اتحاد ۽ منصوبا بندي تي غور ويچار ڪيو ويو. هڪ ڏينهن اڳ، زرداري هائوس ۾ آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي گڏجاڻي ۾ معاملا ڳڙ ٻڙ ٿي ويا. آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مڪمل تياري ڪري چڪي هئي، ۽ چوڌري ياسين، سلطان محمود ۽ ٻين باغي ميمبرن سان هڪ گڏيل فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. ان باوجود، مختلف لابيز ۽ گروپن جي اندروني اختلافن پيپلز پارٽي لاءِ ڏکيائين کي وڌايو ۽ بي اعتمادي رٿ جو فيصلو ملتوي ڪرڻو پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي وچ ۾ وزارتن جي ورهاست ۽ وزيراعظم ۽ صدر جي عهدن تي تڪرار رهيو، جنهن سبب معاملا الجھي رهيا آهن. چوڌري ياسين، سردار يعقوب، چوڌري لطيف اڪبر، سلطان محمود ۽ فيصل راٺوڙ جهڙن اهم اڳواڻن جي مختلف سياسي ترجيحن ۽ مطالبن سبب صورتحال پيچيده ٿي وئي آهي. ان کان اڳ اميد ڪئي پئي وئي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر هاڻي اڳواڻن کي پاور شيئرنگ جي حوالي سان سڀني ڌرين کي راضي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاور شيئرنگ فارمولو طئي ڪرڻ کانپوءِ بي اعتمادي رٿ آندي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هو هر قيمت تي هڪ متفق حل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر موجوده سياسي ماحول ۾ اهو چيلنج تمام سنجيده ٿي رهيو آهي. معاملي کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. آزاد ڪشمير جي سياسي منظرنامي ۾ پيپلز پارٽي جي ڏکيائين جو هڪ ٻيو وڏو سبب مسلم ليگ ن جو انڪار آهي، جنهن بي اعتمادي رٿ ۾ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيڻ باوجود حڪومت ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڇا بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائي سگهي ٿو؟ ۽ ڇا کيس يوٽرن وٺڻو پوندو؟ هن سوال جو جواب ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿيندو، پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ضروري آهي ته هو آزاد ڪشمير ۾ ڪهڙي قسم جي حڪومت ٺاهيندا ۽ ان لاءِ انهن کي ڪيتري حد تائين مفاهمت ڪرڻي پوندي. ذريعن موجب، جيڪڏهن پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ ڊيڊلاڪ واري صورتحال مان نڪري حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ۾ به امڪاني طور امجد علي ايڊووڪيٽ يا ڪو ٻيو پنهنجو وڏو وزير آڻيندي.