احتجاج بدران، ڪجهه معاملن تي اتفاق ڪرڻو پوندو: ملڪ احمد خان

لاهور (بيورو)  پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته خطي ۾ ڪنهن بدمعاشي ثابت ڪئي ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو.لاهور ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي هن چيو ته بدقسمتي سان اسيمبلي فورمن کي احتجاج جو ڳڙهه بڻايو ويو آهي، ڪجهه معاملا اهڙا آهن جن تي اوهان کي متفق ٿيڻو پوندو، سياست کي هڪرستو ملڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم سٺيڳالهه ڪئي ته ڳالهين جا در کليل آهن، ڳالهيون حل آهن، اسان امن چاهيون ٿا، اڪنامڪ گروٿ گهرجي، صوبن ۾ ويٺل ماڻهو وفاق سان نه ڳالهائين ته بنياد ڌڏي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.