ڪراچي (رپورٽر) ماڙي پور ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ شاگرد فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو، ڇيپا ترجمان موجب حادثو ٽرڪ اڏو گيٽ نمبر 6 جي ويجهو پيش آيو، جتي ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو، فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 18 سالن جي عصمت ولد اعجاز ۽ زخمي جي سڃاڻپ 18 سالن جي نويد ولد ستورو طور ٿي آهي ٻنهي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڇيپا ترجمان چوڌري شاهد حسين موجب ٻئي نوجوان غلامان عباس اسڪول جا شاگرد ۽ هاڪس بي جا رهواسي هئا، اهي اسڪول کان موٽي رهيا هئا ته ماڙي پور ٽرڪ اڏي وٽ حادثو پيش آيو، شروعاتي طور ٻڌايو ويو ته ٻنهي نوجوانن جي موٽر سائيڪل کي ٽرالر ٽڪر هنيو يا اهي ان هيٺان اچي ويا، ان بابت جاچ جاري آهي، پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس سندس گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪري رهي آهي.