ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا عائشا خان انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي سوشل ميڊيا تي روز جنسي هراساني ۽ ريپ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
عائشا خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ٻارهين درجي ۾ هيس ته ٽي سيريز جي هڪ گاني ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو هو پر شوٽنگ کان هڪ رات اڳ ”ٿلهي“ قرار ڏئي پراجيڪٽ مان ڪڍيو ويو.
هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ مخصوص جسماني معيار تي پورو لهڻ جو دٻاءُ هڪ حقيقت آهي ۽ مون کي به پنهنجي ظاهري شڪل ۽ صورت جي حوالي سان اعتماد بحال ڪرڻ ۾ وقت لڳو.
سندس چوڻ هو ته تقريبن هر ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي لباس ۽ جسماني بيهڪ سبب جنسي نوعيت جي تبصرن جو نشانو بڻجندي آهيان، نازيبا ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته پوسٽ ڪرڻ کان اڳ سوچڻ تي مجبور ٿيندي آهيان.
عائشا خان چيو ته مون کي روز ريپ جون ڌمڪيون ملنديون آهن، جيڪو خوفناڪ ۽ ذهني طور تڪليف ڏيندڙ تجربو آهي، اهي رڳو آن لائن تبصرا ناهن پر اهڙن ماڻهن جي ذهنيت جي عڪاسي آهي، جيڪي معاشري ۾ موجود آهن.
واضح رهي ته عائشا خان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات جونيئر آرٽسٽ طور ”ڪسوٽي زندگي ڪي“ ڊرامي ذريعي ڪئي، 2022 ۾ هن تيلگو فلم ۾ ڪم ڪيو، پوءِ 2023 ۾ بگ باس 17 ۾ شرڪت ڪري شهرت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
هن فلم ”ڌرنڌر“ جي گاني ”شرارت“ ۾ به پرفارم ڪيو، جڏهن ته فلم ”ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون 2“ ۾ به نظر آئي.
You might also like