نورا فتيحيءَ پاران ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت، تنقيد ڪندڙن کي به ست سريون ٻڌائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر نورا فتيحي کي عالمي امن لاءِ آواز اُٿارڻ سبب سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن تي هن تنقيد ڪندڙن کي واضح ۽ سخت جواب ڏنو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 34 ورهين جي ڪئنيڊين ڄائي بالي ووڊ اداڪارا تازو انسٽاگرام تي هڪ پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي دنيا ۾ امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو.
نورا جي بيان کانپوءِ ڪجهه ڌرين طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، خاص طور تي مسلمانن جي حق ۾ آواز اُٿارڻ سبب کيس ٽرول ڪيو ويو.
ان ڏس نورا فتيحي هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن اهڙن ماڻهن کي مخاطب ڪيو جيڪي سندس موقف کي غلط انداز ۾ پيش ڪري رهيا هئا.
وڊيو ۾ هن چيو ته ”ماڻهن ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ واري صلاحيت وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته تنقيدي سوچ اها بنيادي ڳالهه آهي جيڪا اسان سڀئي تعليم دوران سکندا آهيون.“
اداڪارا واضح ڪيو ته سندس امن ۽ اتحاد جو پيغام ڪنهن هڪ قوم، ملڪ يا مذهب لاءِ نه پر پوري انسانيت لاءِ آهي.
سندس چوڻ هو ته”جيڪڏهن امن جي اپيل ڪنهن کي چڙ ڏياري ٿي ته ان کي پنهنجي سوچ تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وڳوڙن خلاف آواز اٿارڻ ڪنهن کي دشمن نٿو بڻائي.“
روزي دوران پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي نورا فتيحي چيو ته اِهو افسوسناڪ آهي ته اسان اهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون جتي امن جي ڳالهه به ڪجهه ماڻهن چيڙائي ٿي وجهي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ”هوءَ پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ جيڪڏهن عالمي امن ۽ اتحاد جو پيغام ڪنهن کي چڙ ڏياري ٿو ته ان کي مدد وٺڻ گهرجي.“
ياد رهي ته ان کان اڳ به اداڪارا وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هو ته لڳاتار دل ڏکوئيندڙ خبرن ۽ منظرن هن کي جذباتي طور متاثر ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.