تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي ناڻي واري وزارت اربع ڏينهن چيو آهي ته ايران سان فضائي جنگ سبب ملڪي معيشت کي هفتيوار 9 ارب شيڪل (2.93 ارب ڊالر) کان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.
اسرائيل جي هوم فرنٽ ڪمانڊ طرفان لاڳو ڪيل ”ريڊ“ پابندين تحت، جن ۾ ڪم تي وڃڻ جي سفر کي محدود ڪرڻ، اسڪول بند ڪرڻ ۽ ريزور فورسز کي طلب ڪرڻ شامل آهي، معاشي نقصان جو ڪاٿو 9.4 ارب شيڪل في هفتو لڳايو ويو آهي.
وزارت هوم فرنٽ ڪمانڊ کي درخواست ڪئي آهي ته پابندين کي ”اورنج“ سطح تي منتقل ڪيو وڃي، مطلب اهڙي محدود سرگرمي، جنهن ۾ ڪم جي جاين تي ريڊ جي ڀيٽ ۾ سخت پابنديون گهٽ هجن، ان صورت ۾ معيشت کي هفتيوار 4.3 ارب شيڪل نقصان ٿيندو.
واضح رهي ته اسرائيل ۾ هن هفتي اسڪول بند آهن، ميڙاڪن تي پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته ضروري خدمتن کانسواءِ ڪيترن ئي ملازمن کي گهران ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like