سُر ڪارايل جو سبق

سارنگ جويو

سُر ڪارايل نالي ڪو به راڳ يا راڳڻي ناھي، ان ڪري ھن سُر تي اھو نالو موضوع جي نسبت سان رکيو ويو آھي، ھن سُر ۾ ٽوٽل 2 داستان آھن، پھرئين داستان ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي پکين ۾ بھترين خصوصيتون رکندڙ ھنج پکيءَ ۽ لُڙاٽيل پاڻيءَ يعني ميري يا گدلي پاڻيءَ ۾ رھندڙ ٻگھه پکيءَ جي ڀيٽ ڪندي علامتي انداز سان اھو ٻُڌايو آھي ته سماج جي اندر ٻن قسمن جا انسان رھن ٿا ھڪ جون خصوصيتون يا گُڻ اھي آھن ته اھو صاف سُٿري ماحول يعني اڇي پاڻيءَ ۾ رھي ٿو ۽ سندس نظر سماج يا پاڻيءَ جي گھرائيءَ ۾ آھي، جتان ھو املهھ ماڻڪ يا موتي چونڊي ٿو ۽ ٻيو پکي يا انسان اھو آھي، جيڪو صاف سُٿري ماحول يا پاڻيءَ کي ڪالوريو يعني ميرو ڪريو ڇڏي، ان ڪري انسان کي ھميشه ھنج پکي جيان جيئڻ گھرجي، ڇو ته اھو ئي حقيقي سماج جو سونھون، رھبر يا اڳواڻ آھي ۽ ان جي ئي پيروي ڪرڻ گھرجي ۽ اھڙا ئي ڪردار سامراج يا سماج دشمن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندا آھن.  اڳتي ھلي لطيف سائين اھڙن ڪردارن جي اڻھوند يا انھن جي مرڻ کان پوءِ سماج تي ڪوڙن ڪانئرن جو قبضو ٿيڻ جو ذڪر پڻ ڪري ٿو، جنھن جو اظھار لطيف سائين ھن ريت ڪري ٿو ته:

ويا مور مري، ھنج نه رھيو ھيڪڙو،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.

ان کان علاوہ لطيف سائين ھن سُر جي داستان ٻئي ۾ مور پکي، ھنج ۽ ٻين پکين جي ذڪر سان گڏ واسينگ نانگ ۽ ان جي ٻچي سپ جو به ذڪر ڪيو آھي، دراصل ھن داستان ۾ لطيف سائين علامتي انداز سان سامراج يا سماج دشمن کي خبردار ٿو ڪري ته اوھان مظلوم قوم، ۽ پورھيت طبقن کي ڪمزور ۽ نٻل ٻار يعني سَپَ سمجھي ان کي ڪچلڻ جي جيڪا ڀُلَ ڪيو ٿا اھا متان ڪيو ڇو ته اھو سَپَ دراصل ان واسينگ جو ٻچو آھي، جيڪو پنھنجي طاقتور ترين دشمن کي به شڪست ڏئي وجھندو آھي، ڇو ته ان وٽ قومي شعور اھا طاقت آھي، جيڪا بظاھر ڪمزور ۽ نٻل انسان کي به طاقتور بڻائي سامراج کي ڊاھي سگھي ٿي، جنھن لاءِ سائين ھيٺيون بيت مثال طور ڏنو آھي ته:

سَنھان ڀانءِ مَ سپَ، وِياءِ واسينگَنِ جا،

جَنين جي جھَڙپَ، ھاٿي ھَنڌان

سُر ڪارايل ۾ لطيف سائين ھنج پکي، مور، ٻگھن، ڪنگن جي ذڪر سان گڏ نانگ جو به ذڪر ڪيو آھي، ھن سُر جي ذريعي لطيف سائين ھڪ سُٺي ۽ بري انسان جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي آھي، ۽ تلقين ڪئي اٿائين ته اوھان ھنج پکي وانگر سُٺا انسان بڻجو“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.