هڪ اهڙي عمارت، جيڪا ڪنهن وقت رڳو ڪاليج لاءِ به ناڪافي هئي، اڄ پوري يونيورسٽيءَ جو بار کڻي رهي آهي۔ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر اختر بلوچ، پيپلز پارٽي لياريءَ جي اڳواڻ حاجي قاسم بلوچ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر لياقت علي آسڪانيءَ جي گڏيل ڪوششن سان چار سال اڳ ديهه گابوپٽ ۾ ٻه سئو ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي هئي۔ هي قدم لياري ۽ سنڌ جي تعليمي مستقبل لاءِ هڪ وڏو سنگ ميل هو، ڇو ته ايتري وسيع زمين ڪنهن به جديد يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ هڪ ناياب موقعو هئي.
پر افسوس جو ڪهاڻي هتي اچي بيٺي۔ سنڌ حڪومت کي هاڪس بي واري علائقي ۾ نئين ڪيمپس جي تعمير لاءِ فنڊ مهيا ڪرڻا هئا، پر اڃا تائين اهي فنڊ جاري نه ٿيا آهن۔ هاڪس بي جي علائقي سان واقف صحافين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها زمين ڊگهي عرصي تائين خالي رهي ته لينڊ مافيا ڪنهن به وقت قبضو ڪري سگهي ٿي۔ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فنڊ جي منظوريءَ ۾ ٿيندڙ دير کي فوري طور ختم ڪري، ڇوته لياريءَ جا رهواسي هاڻي صبر جي آخري حدن تائين پهچي چڪا آهن۔
شهيد بينظير ڀٽو جو نالو صرف هڪ تختيءَ تي نه، پر عمل، خدمت ۽ ترقيءَ جي علامت طور زنده رهڻ گهرجي ۽ ان جو آغاز شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ جي مستقل عمارت جي تعمير سان ٿي سگهي ٿو۔ يونيورسٽي کي قائم ٿئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، پر في الحال رڳو چار فيڪلٽيون قائم آهن، جن ۾ ڪامرس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪمپيوٽر سائنس اينڊ آءِ ٽي شامل آهن۔ ان سان گڏ فارمييسي، انگريزي، تعليم، بين الاقوامي تعليم ۽ اسپورٽس سائنس جا شعبا پڻ هلن پيا۔ هن وقت يونيورسٽيءَ ۾ رڳو 32 مستقل استادن جي مقرري آهي، جڏهنته باقي سڀ جزوقتي (پارٽٽائيم) استاد آهن۔ لڳ ڀڳ 4500 شاگرد اتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔هن سال جي شروعات ۾ نئين وائيس چانسلر جي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پراڻي ڊگري ڪاليج واري عمارت جي مرمت ۽ تزئين ڪئي وئي آهي، جيڪا يوايس فنڊز سان تعمير ٿي آهي، پر اڃا تائين سوشيالوجيءَ کان سواءِ سنڌي، اردو ۽ بنيادي سائنسز جا شعبا قائم نه ٿي سگهيا آهن۔ جيڪڏهن هاکس بي واري ٻهسئو ايڪڙ زمين تي جديد عمارتون ٺهنديون ته ڪيترائي نوان شعبا قائم ڪري سگهجن ٿا۔
خاص طور تي، ساحلي علائقي ۾ هجڻ سبب ميرين بائلاجي، فشريز، ارضيات ۽ ماحولياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل تحقيقي مرڪز قائم ٿي سگهن ٿا۔ بحيره عرب تي تحقيق لاءِ به هڪ جديد ۽ اعليٰ درجي جو “اسٽيٽ آف دي آرٽ” سينٽر اتي ٺاهي سگهجي ٿو۔ جيڪڏهن ان ڪيمپس ۾ نون هاسٽلن جي تعمير ٿي وڃي ته بلوچستان مان به هزارين شاگرد آسانيءَ سان داخلائون وٺي سگهن ٿا۔ لياريءَ کي هاڻي ڪنهن امداد، ڪنهن ”ريليف چيڪ“ يا ڪوڙن واعدن جي نه، پر هڪ مڪمل ”تعليمي پيڪيج“ جي ضرورت آهي۔
اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، ووڪيشنل سينٽر ۽ لائبريريون اهي سڀ بنيادي اڏاوتون آهن جن تي لياريءَ جي تباهه حال سماج کي ٻيهر اڀاري سگهجي ٿو۔ خاص طور تي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ جي جديد ۽ مستقل عمارت جو قيام ان تعليمي پيڪيج جو پهريون قدم هجڻ گهرجي۔ هي ڪو احسان نه، پر انهيءَ قوم جو قرض آهي جنهن هر سياسي تحريڪ ۾ پنهنجو رت ڏنو آهي۔ جيڪڏهن اڄ به لياريءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ته اها محض بي ڌياني نه، پر هڪ تاريخي ڏوهه آهي۔
اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي اها ساڳي جماعت جيڪا هر ڀيري لياريءَ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ پهتي آهي۔ قومي اسيمبلي هجي يا سنڌ اسيمبلي، لياريءَ جي ماڻهن هميشه تير جي نشان تي مهر هنئي آهي۔ اها ساڳي لياري آهي، جتي شهيد بينظير ڀٽو کي ”امڙ“ چيو ويندو هو، پر افسوس جو اڄ ساڳي بينظير ڀٽو جي نالي سان ٺهيل يونيورسٽيءَ جي مستقل عمارت فنڊز جي کوٽ سبب اڃا تائين تعطل جو شڪار آهي۔ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته چار سال اڳ حاصل ڪيل ٻهسئو ايڪڙ زمين اڃا تائين خالي پئي آهي ۽ شاگرد اڃا به پراڻي، تنگ ڪاليج جي عمارت ۾ پڙهي رهيا آهن؟ لياريءَ کي نظرانداز ڪرڻ رڳو هڪ سياسي غلطي نه، پر هڪ تاريخي ناانصافي آهي۔ يونيورسٽيءَ بابت تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته نئين ڪيمپس جو محل وقوع اهڙو آهي جو اها يونيورسٽي ملڪ جي ٻين يونيورسٽين کان منفرد ٿي سگهي ٿي، ڇوته سمندر جي ويجهو اهڙو قدرتي ماحول تمام ٿورين يونيورسٽين کي نصيب ٿيو آهي۔ اهو علائقو، جنهن جمهوريت جي بقا لاءِ هر دور ۾ قربانيون ڏنيون، جيڪڏهن اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي ته اها نه رڳو حڪومتي نااهلي آهي پر عوامي اعتماد سان مذاق به آهي۔ يونيورسٽيءَ جي عمارت جي تعمير هاڻي ”اختيار“ نه پر ”ذميواري“ آهي۔
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ جي نئين عمارت جي تعمير ۾ ٿيندڙ دير، نه رڳو تعليمي ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي، پر لياريءَ جي نوجوانن کان سندن خواب ڦري ڇڏڻ جي برابر آهي۔ اها دير علم دشمنی آهي، هڪ اهڙي زخمن تي لوڻ هڻڻ جهڙي آهي جيڪي سالن جي محرومن کان پوءِ به اڃا ناهن ڀريا۔ لياريءَ جو سفر، قتلوغارت مان نڪري ڪتابن ۽ تعليم ڏانهن شروع ٿي چڪو آهي، پر اهو سفر تڏهن مڪمل ٿيندو، جڏهن رياست ۽ حڪمران ان کي تسليم ڪندا جڏهن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي نئين عمارت ٺهندي، ۽ جڏهن لياريءَ جا نوجوان هٿيار نه، پر قلم کڻندا۔ اهو وقت آهي عمل جو نه ته تاريخ خاموش نه رهندي۔
اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي اها ساڳي جماعت جيڪا هر ڀيري لياريءَ مان ووٽ وٺي اقتدار ۾ پهتي آهي۔ قومي اسيمبلي هجي يا سنڌ اسيمبلي، لياريءَ جي ماڻهن هميشه تير جي نشان تي مهر هنئي آهي۔ اها ساڳي لياري آهي، جتي شهيد بينظير ڀٽو کي ”امڙ“ چيو ويندو هو، پر افسوس جو اڄ ساڳي بينظير ڀٽو جي نالي سان ٺهيل يونيورسٽيءَ جي مستقل عمارت فنڊز جي کوٽ سبب اڃا تائين تعطل جو شڪار آهي۔ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته چار سال اڳ حاصل ڪيل ٻهسئو ايڪڙ زمين اڃا تائين خالي پئي آهي ۽ شاگرد اڃا به پراڻي، تنگ ڪاليج جي عمارت ۾ پڙهي رهيا آهن؟ لياريءَ کي نظرانداز ڪرڻ رڳو هڪ سياسي غلطي نه، پر هڪ تاريخي ناانصافي آهي۔