پاور- سگھه يا اقتدار جي ظاھري ۽ لڪل دنيا

محمد احسان لغاري

پاور  کي اسان سگهھ، اقتدار يا طاقت ۽ قوت جي نالن سان پڻ سڏيندا آھيون- هيءُ  لفظ ايترو عام آهي جو روزاني ڳالهين، بحثن ۽ حالتن ۾ استعمال ٿيندو آهي۔ ادا زور آھي، حڪومت شينھن آھي، ان جي آڏو اچبو ڇا!؟ سائين ڀوتار جي راڄ ۾ اسان جي مجال آ، ادا ھن جي سامھون ڪير بيھندو، ادا مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ، ٿيندو ڪير آ، ڏسي رھندو سانءِ، انھن ڊالن وارن کان الله بچائي آھي سڀن ڳالههيون ان قوت کي ظاھر ٿيون ڪن جنھن جي مختلف رخن تي ڳالهه ڪندا سين۔

ان پاور يا اقتدار جي حقيقت تمام گهري ۽ پيچيده آهي. طاقت رڳو حڪمرانيءَ، حڪمن يا ڪرسيءَ جو نالو نه آهي؛ اها اسان جي روزاني زندگيءَ ۾، ڳالهين، ادارن، نصابن، تان جو شعوري ۽ لاشعوري سوچن ۾ به موجود آهي. سنڌ جي ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ فائلن جي ڦير گهير ڏسو، ڪنهن يونيورسٽي ۾ استاد، يونين ۽ شاگرد جي رشتن ۾ طاقت جي ورڇ ۽ اظھار  ڏسي ٿا سگھو، يا ڪنهن ڳوٺ ۾ جاگيردار   ۽  ان جي راڄ جي عام ماڻھو جي وچ ۾ لاڳاپي کي ڏسو۔ وري قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن ۾ گھٽ پاور ۽ وڌيڪ طاقتور ادارتي ھئيت پرکيو؛ توهان ڏسندؤ ته طاقت ڪيئن خاموشيءَ سان ڪم ڪري ٿي، بغير ڪنهن ظاهري جبر جي!

اقتدار جي شروعاتي فڪر کان جديد تصور تائين

اقتدار جي فڪري بحث ۾ سڀ کان اڳ ميڪياويلي جي ڳالهه ڪيون ٿا، جنهن The Prince / شھزادو ۾ طاقت کي حڪمرانيءَ جي حڪمتِ عملي طور سمجهيو. سندس خيال ۾ طاقت جو مقصد حڪمران جي بقا آهي — يعني حڪمران کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪڏهن خوف پيدا ڪجي، ۽ ڪڏهن مهرباني ڏيکاري وڃي. اهو خيال اڄ به سنڌ جي سياسي نظام ۾ ڏسجي ٿو، جتي وڏا ماڻھو،اقتدارڌڻي  ۽ سياستدان ماڻهن تي خوف ۽ احسان ٻنهي جي سياست ذريعي پنهنجو اثر قائم رکندا آهن. ڪنهن کي نوڪري ڏجي، ڪنھن جو ضامن کڻائجي، صوبيدار سان سفارش ڪجي،  ڪنهن جو مسئلو حل ڪرائجي، ۽ ساڳئي وقت اهو احساس به ڏيارجي  ته طاقت جو سرچشمو هو پاڻ آهي!

ٿامس هابز طاقت کي انساني جبلت سان ڳنڍي ٿو. هو لکي ٿو ته هر ماڻهوءَ وٽ اقتدار جي خواهش آهي، ڇو  ته بغير طاقت جي انسان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري ٿو. تنهنڪري ئي ماڻهو گڏجي رياست کي اختيار ڏين ٿا ته اها سندن وچ ۾ امن قائم رکي. اهو تصور اسان کي پاڪستاني رياست ۽ تقريبن دنيا جي سڀني رياستن نظم ۽ سلامتي واري دليل ۾ ملي ٿو، جتي رياست چوندي آهي ته مضبوط هٿ ضروري آهي ته جيئن افراتفري نه ٿئي  پر سوال اهو آهي ته اهو هٿ ڪڏهن تحفظ لاءِ ۽ ڪڏهن ڪنٽرول/ضابطي لاءِ استعمال ٿئي ٿو؟

ويبر طاقت کي جائز اختيار سان ڳنڍي ٿو. سندس چوڻ آهي ته طاقت تڏهن جائز آهي جڏهن ماڻهو ان کي قانوني، روايتي يا ڪرشماتي بنيادن تي قبول ڪن. پاڪستان ۽سنڌي سماج ۾ اهي ٽئي صورتون گڏ نظر اچن ٿيون:

رياستي قانوني اختيار پوليس يا عدالتن ۾، روايتي اختيار تر جي وڏن ماڻھن  ۽ سردارن ۾، ۽ ڪرسميٽڪ اختيار مذهبي يا روحاني اڳواڻن ۾. ماڻهو انهن سڀني اختيارن کي ڪنهن نه ڪنهن سطح تي جائز سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو پاڻ ۾ ٽڪراءَ موجود آهي.

طاقت جو لڪل رخ

پيٽر باخراخ ۽ مورٽن باراتز طاقت جي ٻئي چهري بابت چيو ته طاقت صرف حڪم ڏيڻ ۾ نه، پر بحث جي حدن طئي ڪرڻ ۾ به ڪم ڪري ٿي. طاقتور اهو طئي ڪن ٿا ته ڪهڙا مسئلا عوامي بحث ۾ اچن، ۽ ڪهڙا نه. مثال طور، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ يا شهري رٿابندي  تي بحث اڪثر سياسي نعريبازي تائين محدود رکيو وڃي ٿو، پر اصل فني ۽ انتظامي سوال، جهڙوڪ  رٿابندي ۽ اڏاوتي سرشتن ۾ احتساب تي ڳالهه ڪرڻ ئي مشڪل بڻجي وڃي ٿي. اهو ئي آهي طاقت جو خاموش ڪم جيڪو بحث کي ڪنٽرول ڪري ٿو، بغير ڪنهن ظاهري جبر جي، ڪنھن نقطي کي سامھون اچڻ نه ٿو ڏي.

وري تعليمي نتيجن ۾ اسڪولي مارڪن، نوڪري لاءِ ڪميشن جي نتيجن کان وٺي اقتدار لاءِ اليڪشن جي نتيجن تائين-  طاقت ڪڏھن ظاھري  ته ڪڏھن لڪي پنھنجو ڪم ڪري  ٿي!هيءَ ڳالهه ميڊيا ۾ به ڏسڻ وٽان آهي. ٽي وي چينلن تي جيڪي خبرون ۽ موضوع چونڊيا وڃن ٿا، اهي پاڻ  طاقت جي عڪاسي ڪن ٿا. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ زميندارن يا انتظاميه جي ناانصافي تي خبرون گهٽ، پر سياسي بيان وڌيڪ هلن ٿا. اهو اتفاق نه آهي، بلڪه طاقت جي ايجنڊا سيٽنگ جو عمل آهي، جيڪو طئي ڪري ٿو ته سماج ڪهڙي ڳالهه کي اهميت ڏي ۽ ڪهڙي کي وساري ڇڏي.

طاقت جو ٽيون چھرو: سوچن تي حڪمراني

اسٽيون لوڪس طاقت جي ٽئين چهري ۾ ٻڌائي ٿو ته طاقت جو سڀ کان خطرناڪ روپ اهو آهي، جيڪو ماڻهن جي سوچ ۽ خواهشن تي اثرانداز ٿئي. ماڻهو اهو سمجهي وٺن ٿا ته طاقتور جو مفاد ئي سندن مفاد آهي.پاڪستاني ۽ سنڌي سماج ۾ اِها ڳالهه گهري طرح نظر اچي ٿي. جڏهن ماڻهو چون ٿا ته حڪمران ته اھي وڏا ماڻهو آھن، اسان جهڙا  ته نه ٿي ٿا سگهن، يا ادا سياست کان جيترو پرڀرو اوترو  ڀلو، تڏهن طاقت پنھنجو ڪم ڪري رهي ھوندي  آهي! پر اهڙي طرح جو ماڻهوءَ کي خبر به نه پوي. اشتهارن، ثقافتي رسمن، سماجي وھنوار،  نصاب ۽ ميڊيا جي ذريعي ماڻهن کي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته ڪاميابيءَ جو مطلب آهي مالدار ٿيڻ، نه سچ ڳالههائڻ يا سماج کي بهتر بڻائڻ. اهو ئي آهي طاقت جو پيداواري روپ، جيڪو خواهشن تي ضابطو/ ڪنٽرول رکي ٿو.

فوڪو: طاقت هر هنڌ موجود آهي

مِشل فوڪو طاقت کي نئين معنيٰ ڏني. سندس خيال ۾ طاقت ڪا مادي شيءِ نه آهي، جيڪا ڪنهن وٽ هجي يا نه هجي؛ طاقت لاڳاپن ۾ وهندڙ وھڪرن جيان آهي، علم ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندي آهي. اسان جي تعليمي نظام ۾ فوڪوءَ جو تصور چٽي طرح نظر اچي ٿو. اسڪولن ۾ شاگردن کي صرف سبق نه پر ھڪ فرمائشي گھاڙيٽي مطابق هئڻ سيکاريو وڃي ٿو :  وقت تي اچڻ، يونيفارم پائڻ، اجازت وٺڻ، ۽ سوال گهٽ ڪرڻ. اهي ضابطا صرف نظم لاءِ نه آهن، پر ھڪ خاص قسم جي شخصيت ٺاهڻ لاءِ آهن اهڙي شخصيت جيڪا حڪم مڃڻ ۽ ترتيب ۾ رهڻ جي عادي هجي. اهڙيءَ طرح اسپتالن ۾ ڊاڪٽر، پوليس ۾ حڪم ناما، يا آفيسن ۾ فائلون؛ سڀ هڪ اهڙو نظام ٺاهي ڇڏين ٿا جتي ماڻهو پنھنجو پاڻ تي ضابطو  ڪرڻ لڳن ٿا. فوڪو چوي ٿو: طاقت نه رڳو حڪم ڏئي ٿي، پر ماڻهن کي پاڻ کي سنڀالڻ سيکاري ٿي.

طاقت –   سماجي مثال

پاڪستان ۽ سنڌ ۾ طاقت جا اهي سڀ رخ گڏجي ڪم ڪن ٿا. طاقتور ڌريون، طاقت جي ورڇ ۾ حصو وٺندڙ، سياسي، غيرسياسي ماڻھو، ادارا، زميندار، طاقت جا ٻيا محرڪ ۽  اهلڪار  مقامي وسيلن تي ڪنٽرول ڪن ٿا؛ تعليمي ادارا اهڙي ڄاڻ پيدا ڪن ٿا، جيڪا سوال ڪرڻ کان وڌيڪ مڃڻ سيکاري ٿي؛ اڻبرابري کي قسمت جي فيصلن طور ظاھر ڪري ٿي،  ميڊيا اهڙي دنيا ڏيکاري ٿي، جتي طاقت جا سوال غير اهم لڳن ٿا. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن آفيسر جي آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ بغير ڪنهن قانوني ضرورت جي سفارش کڻي اچي ٿو، تڏهن اهو به طاقت جي ڪيفيت جو حصو آهي هڪ اهڙي ثقافتي قبوليت، جنهن طاقت کي پاڻمرادو جائز بڻائي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي، عام ماڻهو  طاقت جي اھڙن مرڪزن ۽ استعمال کي قبول نه ٿا ڪن؛ هو مزاحمت  پيدا ڪن ٿا. سنڌ جي هارين جون تحريڪون، شاگردن جا احتجاج، يا عورتن جا حقن لاءِ جلوس  اهي سڀ طاقت جي مرڪزيت کي چيلينج ڪرڻ جا طريقا آهن. فوڪو  چوي ٿو ته جتي طاقت آهي، اتي مزاحمت به آهي.

طاقت صرف حڪم ۾ نه، پر خاموشيءَ ۾ به ڪم ڪري ٿي اقتدار کي سمجهڻ جو مطلب آهي ته ڏسون ته ڪيئن ادارا، روايتون، علم ۽ ميڊيا گڏجي طاقت جي هڪ اهڙو ڄار اڻين ٿا، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ به حصو وٺن ٿا. ووٽ ڏيڻ ۽ بيلٽ باڪس ۾ وجهڻ صرف اقتدار جو هڪ لمحو آهي؛ اصل اقتدار انهن نظامن ۽ عادتن ۾ لڪل آهي، جيڪي طئي ڪن ٿا ته اسان ڇا سوچيون، ڇا ڳالهائين، ۽ ڇا ممڪن سمجهون.

جيستائين سماج طاقت جي انهن لڪل شڪلين کي سڃاڻي نه ٿو، تيستائين حقيقي آزادي ممڪن نه آهي. طاقت کي سمجهڻ جو مقصد صرف حڪمران کي پڌرو ڪرڻ نه، پر پاڻ کي به ڏسڻ آهي  ڇاڪاڻ  ته ڪيترن ئي حالتن ۾ اسان پاڻ ئي پنهنجي ئي خاموشيءَ ۽ قبوليت سان  طاقت کي زنده رکندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.