پاڪستان ۽ افغانستان دوحه ۾ سڌي ڳالهين تي راضي ٿي ويا آهن، ۽ ٻنهي ملڪن جا وفد قطر روانا ٿيندا. بهرحال، اسلام آباد ۽ ڪابل کان جاري ٿيل بيانن سان گڏ، اڄ ’ايڪس‘ تي وزيرِ دفاع خواجه آصف جو پيغام پڙهڻ سان واضح ٿئي ٿو ته انهن ڳالهين ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان تمام گهٽ آهن. لڳي ٿو ته ٻنهي ڌرين کي پنهنجا اندروني اختلاف طئي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت کپي.
هن ڳالهه کي سمجهڻ ڏکيو نه هجڻ گهرجي ته هن وقت جنگ مان ٿوري رڪاوٽ ۽ امن سان مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت افغانستان کي وڌيڪ آهي. ڪابل جي حڪومت پاڻ اندر مختلف ڌڙن ۾ ورهايل آهي: هڪ گروهه اهو چاهي ٿو ته پاڪستان سان روس ۽ آمريڪا جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي يعني کيس ڊگهي جنگ ۾ الجهايو وڃي ته جيئن هو ڪمزور ٿئي. ٻيو گروهه اهڙو آهي جنهن کي سڌيءَ طرح ’امن پسند‘ يا ’پاڪستان نواز‘ سڏجي ٿو. هن وقت قندهار وارو گروهه اڪثريت ۾ آهي. ملا هيبت الله جي قيادت ۾ هي گروهه هڪ طرف افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي ناممڪن بڻائڻ ۽ انٽرنيٽ جهڙين سهولتن کي ’غير اسلامي‘ قرار ڏيڻ تي عمل پيو ڪرائي، ته ٻئي طرف اهو ڪنهن اهڙي عسڪري گروهه کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو ساڳئي ايجنڊا تحت پاڪستان ۾ به ’شرعي حڪومت‘ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.افغان طالبان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جو هي اتحاد فقط حڪمتِ عملي يا مفادن تي ٻڌل ناهي، پر اهو هڪجهڙي نظرياتي سوچ ۽ عمل جي گڏيل فهم ۾ جڙيل آهي. هن سوچ ۾ دراڙ وجهڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته افغان طالبان پنهنجي ئي نظرياتي بنيادن کان ڦري وڃن. ملا هيبت الله به هن ئي بنياد تي پاڪستان خلاف جنگ کي جائز قرار ڏئي ٿو، ڇو ته سندس خيال ۾ هيءَ جنگ به پاڪستان کي ’اسلامي امارت‘ بڻائڻ لاءِ آهي.ٻئي پاسي ٽي ٽي پي، افغان طالبان ۽ حڪومت جي سرپرستي هيٺ گذريل چار سالن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌائي آهي ۽ سڌيءَ طرح سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو آهي. هن مداخلت سبب پاڪستان جا ٻه صوبا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان لڳاتار دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آهن. پاڪستان هاڻي هن صورتحال کان ٿڪجي پيو آهي ۽ ڪنهن به قيمت تي ان جو خاتمو چاهي ٿو.
11 آڪٽوبر تي پاڪستان خلاف شروع ٿيندڙ جنگ به دراصل هن ئي تڪرار جو نتيجو هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ڪابل ۾ ٽي ٽي پي جي هڪ ٺڪاڻو تي حملو ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو هو. افغانستان ان کي پنهنجي خودمختياريءَ تي حملو قرار ڏنو، جڏهن ته پاڪستان وضاحت ڪئي ته ان جو نشانو نه ڪابل حڪومت هئي ۽ نه ئي افغانستان جي خودمختياري، بلڪه اهو حملو انهن عنصرن خلاف هو جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن. ڪابل هن وضاحت کي قبول نه ڪيو ۽ پوءِ وسيع پيماني تي جوابي حملو ڪيو. پر طالبان جي جنگجو فوج پاڪستان جي تربيت يافته فوج آڏو نه ٽڪي سگهي، جنهن سبب افغان وزيرِ دفاع کي فوري جنگ بنديءَ جو اعلان ڪرڻو پيو.
پاڪستان سرحدن تي حملا روڪي ڇڏيا پر دهشتگرد ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون جاري رکيون. سرڪاري طور تفصيل نه ڏنا ويا، پر ميڊيا رپورٽن مطابق سڄي افغانستان ۾ اهڙن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جتان پاڪستان خلاف حملن جي منصوبه بنديءَ جا امڪان هئا. ٻه ڏينهن اڳ افغان فورسز ٻيهر ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ محاذ کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيون، جنهن کان پوءِ ڪابل عارضي جنگ بنديءَ جي درخواست ڪئي، ۽ پاڪستان 48 ڪلاڪن لاءِ جنگ روڪڻ تي راضي ٿي ويو. اڄ اهو طئي ٿيو آهي ته هيءَ جنگ بندي تڏهن تائين جاري رهندي جيستائين دوحه ڳالهين جو نتيجو نه نڪري.
البته، جڏهن ٻنهي ملڪن جنگ بنديءَ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ته هر ملڪ اهو به دعويٰ ڪرڻ ضروري سمجهيو ته اها واڌ مخالف ڌر جي درخواست تي ڪئي وئي آهي. پاڪستان چيو ته اها واڌ افغانستان جي درخواست تي ڪئي وئي، جڏهن ته طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي چيو ته ”جنگ بنديءَ ۾ واڌ پاڪستان جي درخواست تي ڪئي وئي آهي.“ ٻه ڏينهن اڳ عارضي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪندي به هن چيو هو ته ”ڪمانڊرن کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن انهن خلاف جارحيت نه ٿئي ته جنگ بند رکن.“ امن جي خواهش کي جنگي لهجي ۾ بيان ڪرڻ مان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي جو فائدو ڀارتي حڪومت به کڻي رهي آهي، جيڪا طالبان حڪومت جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. افغان طالبان کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن کين پاڪستان مخالف وڏو ملڪ ڀارت مدد ڪري ته هو ڊگهي عرصي تائين پاڪستان کي مصروف رکندي، ان کي فوجي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪري سگهن ٿا. پر ڀارتي امداد بابت طالبان جا اهي خيال شايد بي بنياد ثابت ٿين، ڇو ته ڀارت هن جنگ بابت ڪو واضح موقف اختيار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي افغانستان جي کليل حمايت ڪئي آهي. البتّه هو شايد ڳجهي طور ڪجهه مدد ڪري، پر عالمي سطح تي تنقيدن جو شڪار مودي حڪومت سڌيءَ ريت عسڪري مدد ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. طالبان انهن سفارتي نزاڪتن کي اهميت نٿا ڏين، تنهنڪري پاڪستان تي حملو به اهڙي وقت ڪيو ويو جڏهن افغانستان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي نئين دهلي جي دوري تي هو. ان سبب پاڪستان کي اهو يقين ٿيو ته ڀارت، افغانستان ذريعي پاڪستان خلاف محاذ گرم ڪرڻ چاهي ٿو، جيتوڻيڪ ڀارتي وزارتِ خارجا ان جي ترديد ڪئي آهي.وزيرِ دفاع خواجه آصف جو تازو بيان پاڪستان جي سوچ ۽ روين جو آئينو آهي. هن چيو آهي ته ”اسان جي ڪوششن ۽ قربانين جي باوجود ڪابل کان مثبت جواب نه آيو آهي. هاڻي افغانستان، ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي. هي دهشتگرديءَ جي جنگ ڀارت، افغانستان ۽ ٽي ٽي پي گڏجي پاڪستان تي مڙهي آهي.“ هي بيان اهڙي وقت آيو آهي جڏهن دوحه ڳالهين جي شروعات ٿيڻ واري آهي، جن مان اميد آهي ته جنگ روڪي سگهبي ۽ اختلاف حل ٿي سگهبا. اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن کي نرم لهجو اختيار ڪرڻ گهرجي ها، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
پاڪستان امن ۽ جنگ بندي لاءِ پنهنجون شرطون واضح ڪري ڇڏيون آهن: ڪابل حڪومت بنا شرط ٽي ٽي پي جي سرپرستي ڇڏي ۽ انهن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري، نه ته پاڪستان پاڻ هي قدم کڻندو. تنهنڪري خواجه آصف چيو آهي ته ”هاڻي امن جي اپيلون نه ٿينديون، وفد ڪابل نه ويندا. دهشتگردي جو منبع جتي به هوندو، ان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.“ يعني تحريڪ طالبان خلاف ڪارروائي افغانستان جي اندر تائين پهچندي. جيڪڏهن افغان طالبان ان کي پنهنجي خودمختياريءَ تي حملو سمجهن ٿا، ته پاڪستان به ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
خواجه آصف ڪجهه دلچسپ انگ اکر به ڏنا آهن: 2021 ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا امن لاءِ ڪوششون ڪيون. پرڏيهي وزير چار ڀيرا، وزيرِ دفاع ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه ٻه ڀيرا، نمائندا ۽ سيڪريٽرين پنج-پنج ڀيرا، ۽ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر هڪ ڀيرو ڪابل ويا. گڏيل ڪوارڊي نيشن ڪميٽي جا 8 اجلاس ٿيا، 225 سرحدي ملاقاتون ۽ 836 احتجاجي مراسلن سان گڏ 13 ڊيمارش موڪليا ويا. 2021 کان اڄ تائين پاڪستان ۾ 10,347 دهشتگردي جا واقعا ٿيا جن ۾ 3,844 ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾ سول، فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل آهن. ان باوجود ڪابل کان مثبت جواب نه مليو. وزيرِ دفاع افغان پناهگيرن جي واپسيءَ کي به ضروري قرار ڏنو. وفاقي ڪابينا به طئي ڪيو آهي ته جنهن افغان شهري وٽ صحيح پاڪستاني ويزا نه هوندي، ان کي واپس موڪليو ويندو. اسلام آباد هن دٻاءَ ذريعي چاهي ٿو ته دوحه ڳالهين ۾ افغانستان پاڪستان جون شرطون مڃي ۽ پنهنجون غلطيون درست ڪري. پر ڪابل کان ويندڙ وفد وٽ شايد اهڙو مينڊيٽ نه هجي. انهيءَ پس منظر ۾ اهو چوڻ مشڪل ناهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگي ڇڪتاڻ جو فوري خاتمو ممڪن نظر نٿو اچي.