جيڪي ماڻهو ٻين لاءِ جيئندا آهن، تن جا نالا هميشه جيئرا رهندا آهن، ڇو ته اھي ئي سماج جا اصل محسن ٿيندا آهن. اهڙن ئي آدرشي ۽ مثالي ڪردارن مان هڪ نالو آهي استاد احمد علي جلباڻي جو، جيڪو تعليم، اخلاص ۽ انسانيت جو روشن مثال آهي
استاد احمد علي جلباڻي 4 مئي 1971ع تي ڳوٺ دوست محمد جلباڻي ۾ جنم ورتو، اهو ئي ڳوٺ جنهن جو نالو سندس ڏاڏي دوست محمد جلباڻي جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو پڻ پنهنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ ۽ علم دوست شخص هو. سندس ئي ڏنل پلاٽ تي اڄ به سرڪاري اسڪول اڏيل آهي، جيڪو علم جي روشني پکيڙي رهيو آهي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ سان گڏ کيس پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ آرڊر مليو، ۽ سندس پهرين مقرري پڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ٿي. قسمت جو ڪمال ته رٽائرمينٽ تائين پڻ ساڳئي اسڪول ۾ پنهنجو فريضو نڀائيندو رهيو. ڄڻ ته علم جي چراغ سان ڳوٺ کي روشني ڏيندو رهيو.استاد احمد علي جلباڻي سڄي زندگي تعليم جي خدمت ۾ وقف ڪئي. پاڻ اڄ به پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري غريب، يتيم ۽ مسڪين شاگردن لاءِ ڪتاب، ڪاپيون، قلم ۽ اسڪولي ٿيلها وٺي ڏئي ٿو. چوندو آهي ته ”هيءَ خدمت منهنجي لاءِ روحاني سڪون جو ذريعو آهي.“ جڏهن منهنجي مقرري سندس ڳوٺ ۾ ٿي ته پاڻ وڏي محبت سان آڌر ڀاءُ ڪيو. ان ڏينهن تي ئي پنهنجي ذاتي خرچ سان مون لاءِ سولر پليٽ ۽ پکو وٺي ڏنائين ته جيئن ٻاهران آيل استاد کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ هو پوري ذميواري سان پڙهائي جاري رکي. سندس هي بي لوث خدمتي جذبو ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي.
استاد بخاري جا اهي لفظ ڄڻ ته سندس شخصيت لاءِ ئي چيل آهن:
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.
هڪ ڀيري ڪچهري دوران چيائين ته اسان جي اسڪول جي عمارت زبون حالت ۾ آهي، اسڪول بند پيل آهي، جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. تنهن عظيم نقصان کي محسوس ڪندي پنهنجي اوطاق استادن حوالي ڪئي، جتي اڄ ڪيترن سالن کان ڳوٺ جا ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن. پاڻ لڳاتار ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ٿئي ۽ ٻارڙن کي جديد سهولتن سان ڀرپور تعليمي ماحول ملي.
ڳوٺ دوست محمد جلباڻي، جيڪو اڳ پٺتي پيل علائقن مان هو، اڄ پڪا رستا، ناليون ۽ سولر لائيٽ سان روشن آهي، ۽ اهو سڀ سندس محنت، عمل ۽ جذبي جو نتيجو آهي. سچ پچ ته سندس زندگي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت جو زنده مثال آهي:
کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
هن مهانگائي، خود غرضي ۽ دجالي دور ۾ جڏهن ماڻهو ذاتي مفادن تائين محدود ٿي ويا آهن، تڏهن به استاد احمد علي جلباڻي جهڙا ماڻهو پنهنجي وس آهر سماج جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.اهڙا ڪردار ئي وقت جي تاريخ تي امر ٿي وڃن ٿاجيڪڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ مان اهڙا خلوص ڀريا، علم دوست ۽ سماج سڌارڪ ڪردار اڀرن ته يقينن سنڌ جي تعليم ترقيءَ جي نون رستن تي روان دوان ٿي ويندي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم سان لاڳاپيل سڀئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا اهڙن مثالي استادن سان رابطو ڪن، گڏجاڻيون ۽ سيمينار ڪرائن، سندن حوصلا افزائي ڪن، ۽ سندن خدمتن کي عزت جي اک سان ڏسن. ڳوٺاڻي اسڪولن ۾ جديد تربيت ۽ ورڪشاپ جا انتظام ڪيا وڃن، سولر سسٽم لڳايا وڃن ته جيئن سنڌ جي تعليم جو سفر نه رڳو جاري رهي، پر نئين اوج تي به پهچي.