عالمي سطح تي پارلياماني ادارن جي ساک ۾ اضافي لاءِ عملي تجويزون بارباڊوس ۾ ڪامن ويلٿ جي نگراني ۾ ٿيل پارليامينٽيرينز ۽ اسپيڪرز جي ڪانفرنس عالمي قانون ساز ادارن لاءِ ھڪ اهڙو فورم ثابت ٿي،جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا اسپيڪرز، پارلياماني ميمبرز ۽ سيڪريٽري گڏ ٿي مستقبل جي پارلياماني حڪمرانيءَ جا نقشا پيش ڪيا.ھن ڪانفرنس جو بنيادي مقصد پارليامينٽس کي جديد دور جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائڻ، عوامي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ ادارتي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ھو.
ڪانفرنس جا بنيادي مقصد ۽ فيصلا پارلياماني تربيت ۽ صلاحيت ۾ واڌارو:فيصلي موجب هر ملڪ جي قانونساز ادارن لاءِ جديد تربيت لازمي قرار ڏني وئي. قانون سازي،ڊجيٽل حڪمراني،۽ عوامي خدمتن بابت نيون ڄاڻون ميمبرز تائين پهچائڻ لاءِ مستقل اڪيڊميون قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.جڏھن ته ادارتي شفافيت ۽ جوابدهي تي پڻ زور ڏنو ويو،ته هر ملڪ جي اسيمبليءَ کي پابند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي ته هو هر مالي سال جي آخر ۾ عوامي آگاهي رپورٽ جاري ڪري، جنهن ۾ قانون سازيءَ جا اثر ۽ مالي شفافيت جا انگ شامل هجن.
ھوڏانھن عورتن ۽ نوجوانن جي شموليت تي زور ڏنو ويو ته عالمي سطح تي فيصلو ڪيو ويو ته قانون ساز ادارن ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي نمائندگي وڌائڻ لاءِ آئين ۽ ضابطن ۾ تبديليون آنديون وڃن.جيئن نوجوانن ۽ خاص طور عورتن کي اھميت ملي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ٽريننگ پروگرام اڳ ئي هڪ مثبت رخ اختيار ڪري چڪا آھن، پر ان کي وڌيڪ جديد بڻائڻ جي ضرورت آھي.ادارتي شفافيت لاءِ تجويز ڏني وئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ هڪ ڊيٽا مينيجمينٽ ۽ پبلڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن قائم ڪيو وڃي،جيڪو پارلياماني ڪارروائين،قانوني مسودن ۽ عوامي رپورٽن کي آن لائين شايع ڪري.
عالمي تجربي مان سکڻ ۽ سنڌ لاءِ رستو.ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آيل موضوعن مان واضح ٿيو ته مستقبل جي پارلياماني نظام کي صرف قانوني نه،پر ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ جوابدهيءَ سان به مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ اسيمبلي هن رخ ۾ اڳڀري آهي،خاص طور تي موجودہ اسپيڪر اويس قادر شاھ جي اچڻ کانپوءِ سيڪريٽري عمر فاروق ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪو عملي شفافيت ۽ اداري جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آھي.ڪامن ويلٿ جي نگراني ۾ ٿيل هي ڪانفرنس عالمي سطح تي قانون ساز ادارن لاءِ نئون رستو ڏيکاريو آهي.سنڌ اسيمبليءَ جي نمائندگي نه صرف پاڪستان جي ساک وڌائي آهي پر هڪ اهڙو نمونو پيش ڪيو آهي، جيڪو مستقبل جي شفاف، تربيت يافته ۽ جوابده حڪمرانيءَ جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو.
بارباڊوس ۾ ڪامن ويلٿ جي نگراني ۾ ٿيل ڪانفرنس جا اھم مقصد پڙھي اھو چئي سگھجي ٿو ته ڪانفرنس ۾ عالمي سطح جا جيڪي نه فيصلا ٿيا آھن تن ۾ پارليامنٽس جو سرگرم ھجڻ ۽ ميمبرز جي تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.ته جيئن شفافيت تي ۽ عوامي آگاھي کي قائم رکي سگھجي.اميد ٿي ڪجي ته موجودھ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ ۽ سيڪريٽري سنڌ اسمبلي عمر فاروق ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ايندڙ ڪجهه مھينن اندر اھڙا قدم کڻندي جيڪي ادارتي شفافيت،تربيت يافته ۽ پارلياماني نظام جو حقيقي نمونو ھجي.گذريل ماضي بعيد ۽ ماضي قريب جو نتيجو ۽ مشاھدو ٻڌائي ٿو ته سنڌ اسيمبلي يا مجموعي طور صوبائي اسيمبليون ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ميمبرز تي مشتمل ڪميٽيز اھو ڪردار ادا ڪونه ڪن پيون جيڪو سندن اصولن ۽ قانون پٽاندڙ ھجي.انھن جي ڪارڪردگي رپورٽن مان جائزي کان پوء خبر پوندي ته ھو پنھنجي پارلياماني روح مطابق ڪم نٿا ڪن.ان جو نه وڏو سبب پارلياماني تربيت نه ھجڻ سميت قانون سازي کي نه پڙھي سگھڻ ۽ سمجھڻ ٿي سگھي ٿو.جيئن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اھم ادارو آھي جنھن جو ڪردار ۽ روح،جانچ،شفافيت ۽ آڊٽ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ آھي.ته جيئن انتظامي ۽ حڪومتي ڪارڪرگي کي مانيٽر ڪري شفافيت ۽ ادارتي بھتري کي برقرار رکي سگھجي.
وڏي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته سنڌ اسيمبلي ھجي يا قومي اسيمبلي ۾ قائم پي اي سيز ۽ پارلياماني ڪميٽيون مناسب ڪم ڪونه ٿيون ڪن.ان کان علاوھ اھو نه جھموري حڪومت جي ڪارڪردگي جو ھڪ نمونو آھي ته قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيترين پارلياماني ڪميٽيز کي چيئرمين ڪونه آھن،ڪٿي ميمبرز پورا ڪونه آھن ته وري ڪاميٽيز ئي ڪونه جوڙيون ويون آھن! سو ننڊ پيل انھن ڪاميٽيز کي سرگرم ڪيو وجي.