ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سياسي ڇڪتاڻ حقيقت يا ڊرامو؟

انصار عباسي

هڪ اهم وفاقي وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران مون پڇيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ وزير صاحب مرڪندي پُر اعتماد لهجي ۾ چيو: جڏهن اسان چاهينداسين، تڏهن ختم ٿي ويندي. پوءِ کلندي وڌيڪ چيو: توهان ميڊيا وارن وٽ اڊياله جي قيديءَ کانسواءِ ڪو ٽاڪ شو وارو موضوع آهي ئي ڪونهي، سو سوچيوسين ته توهان کي بحث لاءِ ٻيو موضوع ڏئي ڇڏيون. هن جو چوڻ هو ته جڏهن به اسان فيصلو ڪنداسين، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ هيءَ ويڙهه هڪ پل ۾ ختم ٿي ويندي. اپوزيشن ۽ ڪيترائي سياسي تجزيه نگار به اهوئي سمجهن ٿا ته هي سڀ ڪجهه رڳو هڪ ٽوپي ڊرامو  آهي، جنهن جو مقصد عوام ۽ ميڊيا کي عمران خان کانسواءِ ڪنهن ٻئي موضوع ۾ مصروف رکڻ آهي۔ پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو ٿو سمجهي ته هيءَ ڇڪتاڻ واقعي نظام لاءِ ڪو خطرو بڻجي سگهي ٿي، ته اهو سخت غلط فهميءَ ۾ آهي۔ حقيقت اها آهي ته ڀلي هيءَ ويڙهه ڏيکاءُ نه به هجي، تڏهن به ان سان موجوده سياسي نظام کي ڪو نقصان پهچڻ وارو ناهي ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب آهي عمران خان۔

اڄ پاڪستان جي سياسي ڍانچي جا ٽن وڏن اسٽيڪ هولڊرن تي دارومدار آهي: مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ۔ انهن ٽنهي جي گڏجڻ ۽ گڏ رهڻ جي واحد ضمانت عمران خان آهن۔ نه عمران خان انهن ٽنهي سان ويڙهه ختم ڪرڻ چاهين ٿا، نه ئي اهي ٽئي قوتون هن تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔ سڀني کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جيڪڏهن انهن ٽنهي مان ڪو هڪ ڌر به پٺتي هٽي وئي، ته عمران خان ٻيهر طاقتور ٿي ويندو ۽ موجوده نظام ڌڙام سان ڪري پوندو۔ اسٽيبلشمينٽ لاءِ عمران خان ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي، ۽ اها ئي بنيادي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري موجوده سياسي بندوبست وجود ۾ آيو، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي اقتدار ۾ حصو ڏنو ويو۔ هن انتظام ۾ ڪنهن به هڪ جماعت جو حڪومت مان نڪرڻ، رڳو نظام جي خاتمي نه، پر ان جماعت جي پنهنجي اقتدار جي پڄاڻيءَ جو سبب بڻجندو۔ ۽ يقيناً اهي ٻئي جماعتون اهڙو خطرو ڪڏهن به نه وٺنديون۔

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻئي پنهنجن اقتدارن لاءِ اندروني طور عمران خان جون احسانمند آهن۔ عوامي سطح تي ڀلي اهو نه چون، پر آف دي رڪارڊ ڳالهين ۾ اهو تسليم ڪن ٿيون۔ هو خوش آهن ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجي لڙائي ختم ڪرڻ بدران ان کي هر روز وڌيڪ ڀڙڪائي رهيو آهي۔ اها ئي ويڙهه آهي، جنهن سبب هو اڄ جيل ۾ آهي، سندس پارٽي سياسي طور ڪمزور ٿي چڪي آهي، ۽ هو پاڻ ميدان کان ٻاهر رکيو ويو آهي۔ پر ان ساڳي ويڙهه جي ڪري ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو اقتدار وڌيڪ مستحڪم ٿي ويو آهي۔ هاڻي عمران خان جو وجود ئي ٻنهي جماعتن لاءِ اقتدار جي سڀ کان وڏي ضمانت بڻجي ويو آهي۔ تحريڪ انصاف جي اندر به هيءَ ڳالهه سمجهي وڃي ٿي ته هر محاذ آرائيءَ وارو قدم، جيڪو عمران کڻي ٿو، دراصل سندن پنهنجي نقصان جو سبب بڻجي ٿو۔ پر عمران خان جي طبيعت اهڙي آهي جو هو نه ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي ٿو، نه خاموش رهڻ سکيو آهي۔ هو پنهنجو جارحاڻو بيانيه اڳتي وڌائيندو رهي ٿو، جنهن جو نقصان رڳو هن پاڻ ۽ سندس پارٽيءَ کي ئي ٿي رهيو آهي۔

سو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو ٿو سمجهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ هيءَ ڇڪتاڻ ڪنهن وڏي سياسي تبديليءَ جو پيش خيمو بڻجندي، ته اهو خيالي دنيا ۾ جيئي پيو۔ حقيقت اها آهي ته هن ويڙهه سان نه ته نظام کي ڪو نقصان ٿيندو، نه ڪا نئين سياست جنم وٺندي۔ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ئي ٿيندو ته ٻنهي جماعتن جي مٿانهين قيادت هڪ ميز تي گڏ ويهي، پنهنجا گلا شڪايتون ختم ڪري، نون سياسي سمجهوتن ۽ تعاون جي راهون ڳوليندي۔ اهڙين حالتن ۾ منطق موجب ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي عمران خان جو ٿورائتو هجڻ گهرجي، ڇو ته هن جي موجودگي ئي انهن جي اقتدار کي ڊگهو ۽ محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، پر يقيناً هو اهو زباني نه چوندا۔ اهي اقتدار جا مزا وٺندا رهندا، نظام جيئن جو تيئن قائم رهندو، ۽ عمران خان پنهنجي ضد ۽ بيانيي جي بوجهھ هيٺ جيل ۾ ئي قيد رهندو۔

شايد پاڪستان جي سياست جو سڀ کان وڏو الميو به اهو ئي آهي ته جنهن شخص کي نظام لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو، آخرڪار ساڳي شخص جي موجودگيءَ ئي ان نظام کي سڀ کان وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.